پنهنجي ثقافت جي وارثي ڪرڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ عرفانه ملاح ڪجهه عجيب غريب قسم جا مونجهارا ڄڻ اسان جي شناخت جو حصو ٿي ويا آهن، فيض چواڻي: يه عجيب قيامتين هين تيري رهگزر مين گذري نه هوا ڪي جي اٺي هم، نا هوا ڪي مر مٽي هم چند ڏينهن ئي پهرين صدر آصف علي زرداريءَ تي جڏهن صرف ان ڪري تنقيد ڪئي وئي ته هو هڪ صوبي جي عوام جي شناخت ”سنڌي ٽوپي“ پائي سياست ڪري ٿو ته پوري سنڌ ۾ باهه ٻري وئي. سڀ قوم پرست، پيپلز پارٽي جا جيالا توڙي کاٻي ڌر جي نظريي سان سلهاڙيل ڌريون ان نقطي تي متحد ٿي ويون ته سياسي پاليسين يا سياسي اختلافن جي آڙ ۾ ڪنهن به قوم جي ثقافت کي نشانو نه ٺاهڻ گهرجي، جيڪا بنهه منطقي حڪمت عملي هئي. پر ان سان گڏ جڏهن سنڌي ٽوپيءَ جو ڏينهن ملهائڻ پروگرام رٿيو ويو ته پوري سياسي ڪلچر ۾ افرا تفري مچي وئي. ڪجهه ڌرين کي اها سرمائيدار جي چال پئي لڳي ته ڪنهن کي وري ان جي پويان ثقافتي فسطائيت جو اونو چڙهي ويو. ڪجهه ”پڙهيل لکيل“ سنڌين کي وري اهو اونو چڙهي ويو آهي ته ”سنڌي ڪلچر“ سان هڪ مخصوص چينل هٿ چراند ڪري رهيو آهي. هن گهڻ رخي بحث جا بنيادي طور تي ٽي اهم دليل آهن. پهريون ۽ سڀ کان اهم خدشو ڪجهه سنجيده ۽ اڻ ڌرين حلقن پاران ظاهر ڪيو ويو ته آيا ثقافت جو جذباتي اظهار ڪنهن فاشست لاڙن جو سبب ته نه ٿيندو ۽ انهن پوري فاشسٽ ملڪن جي مختصر تاريخ اٿلائي پٿلائي کڻي هڪ هنڌ جمع ڪئي. ڳالهه بنهه سادي آهي، فاشزم يقينن ڌڪار لائق نظريو آهي، پر تاريخ جو ادراڪ رکندڙ ڌريون اهو به ڄاڻن ٿيون ته ڪنهن هڪ ڏينهن جي علامتي ثقافتي ڏينهن سان فاشزم پيدا ڪو نه ٿيندو. ان جي پويان يورپ ۾ پهرين جنگ عظيم جون سفاڪيون به هيون ۽ اهو هڪ ڊگهي تاريخي عمل جو نتيجو ڪو نه هيو. ٻيو ته فاشزم سياسي نظريو آهي ۽ هر سياسي نظريي جو ثقافتي يا سماجي ڪلچر به هوندو آهي. سنڌ يا پاڪستان ۾ هن مهل سواءِ انتهاپسنديءَ جي ٻئي ڪنهن فاشزم جو سياسي وجود نه آهي. انتهاپسندي هڪ واحد سياسي حقيقت آهي، ضياءَ دور ڪيئن هٿ سان هڪ مخصوص ڪلچر کي هٿي وٺرائي، اهو يقينن اسان توهان کان وسريو نه آهي. شيروانيءَ کي ”قومي ڊريس“ قرار ڏيڻ يا عورتن جا مخصوص انداز ۾ مٿي تي روا پائڻ ۽ ڪلهن تي شالون رکڻ ڪنهن جو ڪلچر آهي! ان وقت ان ”مونو ڪلچر“ هڪ اهڙي مائينڊ سيٽ کي هٿي ڏني، هن سيٽلائيٽ چينلن جي دور ۾ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪلچر جو مخصوص خطو ٿيندو آهي. انڊونيشيا جا مسلمان انڊونيشين لباس پائيندا، نه ڪي ”شيرواني.“ مطلب ته ”لباس“ هر قوم ۽ خطي جي حالتن مطابق پنهنجو هوندو آهي. اسان وٽ هڪ مخصوص ڪلچر کي هٿ سان مضبوط ڪري مختلف سياسي، سماجي پسمنظر رکندڙ قومن مٿان مڙهيو ويو. انهيءَ جو مخصوص ڪلچر، ٻولي جون علامتون ملڪ جي نصابي ڪتابن کان وٺي چوڪ چوڪ تي نظر اينديون. انهن قومي اثاثن تي علامتي طور غوري، غزنوي، بن قاسم ۽ الائي الائي ڪهڙا نالا رکي ڇڏيا. ايتري قدر جو سڀ نصابي ڪتاب انهن جي تعريفن سان ڀريل آهن. اهي سڀ علامتون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ به قومي نظريي تحت استعمال ٿينديون رهن ٿيون. ايتري قدر جو هاڻي اسان به انهن کي پنهنجو ڪندا پيا وڃون. اسان جي نئين نسل وٽ اهڙا بحث عام جام آهن. هي ڊراما اسان جو ڪلچر آهن، يا ناهن ۽ بحث جي اها لائين به انهيءَ مخصوص ڪلچر وارن جي ئي آهي، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ اشتهار نه پيا ملن ته انڊين چئنلن تي اهو چئي بين لڳرايو ويو ته اهي انڊين ڪلچر کي ملڪ ۾ پروموٽ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته هتي انگريزي چينل هلي رهيا آهن، جن جو ڪلچر هن خطي کان بلڪل مختلف آهي ۽ ان جي برعڪس ننڍي کنڊ جو ڪلچر ته ٻن تهذيبن جي ڪک مان نڪتل ساڳيو ورثو ۽ تاريخ رکندڙ آهي. ان کان ڪهڙو خوف، پر هڪ ”مخصوص لابي“ هر وقت ڪو نه ڪو شوشو ڇڏي ٿي ته جيئن پنهنجي ثقافتي اجاريداري قائم رکي سگهي. انهيءَ مخصوص cultural hegemony کي صرف ئي صرف ان وقت منهن ڏئي سگهبو، جڏهن هن ملڪ جي وحدت اندر رهندڙ قومن جي ثقافت ۽ ٻولي کي حقيقي جاءِ ڏني ويندي. اهو سڀ هو به سمجهن ٿا، تنهن ڪري ئي ته بنگال جي جدا ٿيڻ جي باوجود اڄ به هو سرحد جي نالي مٽائڻ تي راضي نه آهن ۽ هن ملڪ تي مخصوص مذهبي نظريو رکندڙ ٽولي وٽ اهو ”علامتي“ مڃتا وارو اظهار به جاءِ نٿو والاري سگهي، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي ڪنهن به ”علامت“ کي نالي جي سطح تي به جاءِ ڏيڻ نه چاهيندا، جيڪا اڳيان هلي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو آسرو يا اميد پيدا ڪري ته هن ملڪ جي اندر رهندڙ قومن جي شناخت کي مڃتا ملي رهي آهي. گذريل سٺ سالن کان جيڪا تاريخ، جيڪا سماجي اڀياس، جيڪو ادب سرڪاري سطح تي پروموٽ ٿيو آهي، جيڪو نصاب ٻارن کي پڙهايو ويو آهي ۽ پڙهايو وڃي پيو. انهيءَ ۾ اها ڀرپور ڪوشش آهي ته هڪ هٿرادو شناخت جوڙي وڃي. مڃون ٿا ته انهيءَ عمل کي جوڳي مزاحمت نه ملي آهي، پر ان جو مطلب اهو به بنهه نه آهي ته ”علامتي“ سطح تي به اسين پنهنجي شناخت کي own يا inhibit نه ڪريون؟ مڃون ٿا ته سڀ ثقافتون قابلِ احترام آهن. ان سان گڏ اسان جي پنهنجي شناخت، سڃاڻپ، ٻولي ڏانهن محبت، پيار، پنهنجائپ ۽ ownership واري رويي جو اهو مطلب ڇو ٿو ورتو وڃي ته اسان ڪنهن ٻئي ڪلچر، ٻولي کان نفرت ڪريون ٿا، يا انهن جي خلاف آهيون؟ ها، پر هر ان ثقافت ۽ رويي جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڪنهن ٻي قوم جي ثقافت يا ٻولي مٿان مڙهيو وڃي يا انهن جو مذاق اڏايو وڃي. ڳالهه بلڪل پڌري پئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ جي سياست کان هٽي ان جي لباس کي نشانو بنايو وڃي ته يقينن ان مان انهن ڏانهن هڪ تعصباڻو رويو ضرور ظاهر ٿئي ٿو. پيپلز پارٽي هڪ ملڪ گير پارٽي آهي، جيڪڏهن ان جي شريڪ چيئرمين کي صرف ان جي ”ٽوپي“ پهرڻ جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ته ان جي مزاحمت ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي ڪجهه سياسي حلقا اهو سمجهن ٿا ته ان سان پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ته کين نه وسارڻ گهرجي ته اندرونِ سنڌ مان ارڙهن مهينا پهرين ٿيل اليڪشن پ پ sweep ڪري آئي آهي، تنهن ڪري اهي ڌريون جن جي سياست پريس ڪلبن، پريس رليزن ۽ پريس بيانن تائين محدود آهي، کي ڪو حق نه آهي ته هتان جي ماڻهن جي پرامن مزاحمت ۽ علامتي اظهار کي اجايو سجايو رنگ نه ڏئي. ٻئي طرف انهيءَ ڏينهن جي آڙ ۾ اهو به بحث شروع ڪيو ويو آهي ته سنڌي چينل سنڌ جي ڪلچر کي مسخ ڪري رهيا آهن ۽ هو ڌاڙيل ڪلچر کي پروموٽ ڪري رهيا آهن. هو اهو ڇو نٿا سمجهن ته چينل ڪي رياستي ادارا نه آهن، جو ڌاڙيلن کي پيا هٿيون ڏين. ٻيو ته ڊراما، گانا هڪ فڪشن هوندو آهي، اهي حقيقتن کي ڊرامائي ٺاهيندا آهن. ان حوالي سان توهان هانگ ڪانگ جون فلمون ڏسو يا هالي ووڊ جون فلمون ڏسو، جيترو تشدد، مار ڌاڙ، انهن فلمن ۾ آهي، منهنجي خيال ۾ پوري دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي نه آهي. پر آمريڪا وارا اهو ڪڏهن به نه چوندا ته هو اسان جي ڪلچر کي بگاڙي رهيا آهن. ساڳي طرح اسٽار پلس يا اردو چينلن تي جيڪو ڪلچر ڏيکاريو وڃي ٿو، جتي اربن ۽ ڪروڙن جون ڳالهيون هلن ٿيون ۽ عورتون سڄو وقت ساڙهيون پائي غلط قسم جي سازشن ۾ مصروف ڏيکاريون وڃن ٿيون ته ڇا اهو انڊيا جو ڪلچر آهي؟ جتي ڪروڙين ماڻهو بکيا سمهن ٿا ۽ اڄ به ماءُ جي پيٽ ۾ نياڻي کي ختم ڪيو وڃي ٿو. حقيقتن کي حقيقتون ۽ فڪشن کي فڪشن سمجهڻ گهرجي. پر اهو چوڻ ته ميڊيا اسان جي ”شناخت“ کي، ثقافت کي بگاڙي رهي آهي، اهو ساڳيو ئي دليل آهي، جيڪو پرويزمشرف ڏنو هو ته مايون پاڻ ٿيون ريپ ڪرائين، جيئن ڪينيڊا جي ويزا حاصل ڪري سگهن. توهان ڏوهيءَ کي نه پڪڙيندئو، يا ڌاڙيلن کي پاليندڙن تي تنقيد بجاءِ ڪنهن ڊرامي تي تنقيد ڪندئو ته اها تاريخ کان اڻڄاڻي هوندي. پرو چانڊيو ڪو چئنلز تي ڊراما ڏسي ڌاڙيل ڪو نه ٿيو هو، نه ئي مشهور ڌاڙيل رحيم هنڱورو سنڌي چينل ڏسي مشهور ٿيڻ لاءِ اهو سڀ ڪيو هو. ان سان گڏ سنڌي ميوزڪ جي حوالي سان به تنقيد ڪئي وڃي ٿي. ماڻهن وٽ جڏهن ”عاشق مجبور آ، کڻي ڪيڏو به ڪنڌار هجي“ ٻڌو وڃي ته ان ۾ ٽي وي چينل ڇا ڪندا؟ اسان کي ڪو به حق نه آهي ته اسين ماڻهن جي پسند جو مذاق اڏايون. ماڻهو جيڪڏهن لکن جي تعداد ۾ هڪ فنڪار جون ڪيسٽون وٺن ٿا ته سنڌي چينل پنهنجي ڏسندڙن لاءِ انهن کي ئي نشر ڪندا. پوري دنيا جي ڪمرشل ميڊيا ۾ پبلڪ ڊمانڊ مطابق ئي پروگرام ٺاهيا ويندا آهن. اهو ٻه رخو عمل آهي، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي سگهه رڳو تڪرار ۽ تنقيد تي نه وڃائڻ گهرجي. انهيءَ سڄي ٽوپي واري قصي پويان هڪ ٻي ڳالهه سامهون آئي ته ڪافي ماڻهن کي اهو ردِ عمل سطحي ۽ غير سائنسي لڳو. درحقيقت سماجي رويا ضروري ناهي رڳو rational ئي هجن. اهيnorm oriented يعني عام رواجي قدرن وارا به هوندا آهن، جيڪي روايتن ۽ عام فهم طريقن جي آڌار تي جوڙيل هوندا آهن، ۽ اهي پنهنجي جوهر ۾ منفي ناهن هوندا. هاڻي اهو چوڻ ته جيڪو rational نه آهي، اهو سڀ منفي عمل آهي ته اهو سماجي سائنس مطابق صحيح نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ۽ روايتي اظهار به سياسي سماجي گڏيل جدوجهد توڙي مزاحمت ۾ شامل هوندا آهن. انهن عملن جو اظهار به ڪنهن سياسي سماجي تحريڪ کي جلا بخشيندو آهي. اهو ئي سبب هو ته کاٻي ڌر يورپ ۾ alternate culture يا متبادل ڪلچر لاءِ ڪوشان رهي آهي. تنهن ڪري ڪنهن علامتي ڏهاڙي کي ”سامراج“ ۽ سرمائيدار جي سازش يا ڪنهن مخصوص ليبل لڳائڻ کان اڳ اها ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته ڪيترن سرمائيدارن جا ٽوپين جا ڪارخانه آهن، جو هنن هيءُ ڊرامو رچايو آهي؟ جيڪڏهن اجرڪ يا ٽوپيءَ جو وڏي پيماني تي وڪرو ٿيو به آهي ته ان جو سڌو فائدو هٿ جو هنر ڪندڙ مزدور عورتن ۽ مردن کي پهتو آهي. خاص طور ٽوپين تي ڪم ڪندڙ عورتن کي ڪم مليو آهي. جيڪڏهن هنن کي پنج رپيا وڌيڪ مليا ته ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن مختلف عملن ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ عالمي اداري اقوام متحده پاران ڏينهن ملهايا وڃن ٿا، جيئن عورتن جو عالمي ڏينهن، سمنڊ جو عالمي ڏينهن، ٻارن جو عالمي ڏينهن ته ڪنهن سنڌي اداري سنڌي ثقافت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته ان ۾ ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي؟ ان ڏينهن ملهائڻ سان اسان جي شهري علائقن ۾ رهندڙ ٻارن توڙي نوجوانن جي دل ۾ پنهنجي ثقافت سان ownership جو جذبو پيدا ٿئي ٿو ته اهو بهتر عمل آهي. ماڻهو وڏي پيماني تي انهيءَ علامتي مزاحمت يا ثقافتي شناخت جو حصو ٿي رهيو آهي ته سياسي ۽ غير سياسي قوتن کي اهو سوچڻ گهرجي ته عوام جي دلين ڏانهن رستو چوويهن رپين جي ٽوپي کان گذري ٿو، نه ڪي اٺ ڪتاب پڙهيل دماغن مان گذري ٿو. تنهن ڪري اجائي واويلا ڪري ماڻهن کي ڪنفيوز نه ڪرڻ گهرجي. کين اهو ادراڪ ٿيڻ کپي ته زرداري جي مٿي تي رکيل اها ٽوپي ايتري معتبر ڪيئن ٿي آهي، ۽ سندن ذهنن ۾ سڙيل نظريا ڪنهن انقلابي ٽوپي باوجود اها مقبوليت ڇو نه ماڻي سگهيا؟