• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڻجاري جي وني جو درد

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
وڻجارا سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ، سمنڊ ذريعي واپار ڪندڙ، ڏيهان ڏيهه جهازن تي اچڻ وڃڻ جنهن جي ڪرت هئي. سمنڊ ۾ سفر ڪرڻ هنن جو واپار به ته مقدر به هو. جڏهن ڪو وڻجارو گهوٽ ٿي پنهنجي وني کي گهر آڻي ۽ ڪجهه ئي وقت کان پوءِ نئين وني کي نئين ڪنوار جيڪا پنهنجو گهر، پنهنجا سڀ رشتا ناتا، ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي، رخصت ٿي، هن جي گهر، هن جي سهاري پهچي تنهن کي ڇڏي وڻجارو جڏهن سفر تي روانو ٿي ويندو هو، ته ان وني جي جيڪا حالت، جيڪا ڪيفيت هوندي هئي تنهن کي رهبر لطيف ان ئي وڻجاري جِي وني زباني بيان ڪرائي ٿو ته
سامونڊي، وڻجاري سان سڱ، منهنجو رشتو، منهنجو ناتو جيڪو جڙيو آهي(سامُونڊِيڪو سَڱُ،) اهو سورن سان ڀريل آهي(آهي گُوندَرَ گاڏُئون،). ڇو ته هو مون کي اڪيلو ڪري مون کي پوئتي ڇڏي پاڻ سمنڊ ذريعي ولات نڪري ويو آهي(ويو وَڻِجارو اوھَرِي! ) هو رڳو پاڻ نه ويو آهي پر ويندي ويندي منهنجي وجود کي سوري ته چاڙهي ويو آهي (انگُنِ چاڙهي اَڱُ). هن جي جدائي سوري تي گذارڻ برابر آهي
بيت
سر سامونڊي داستان پهريون
سامُونڊِيڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون،
انگُنِ چاڙهي اَڱُ، ويو وَڻِجارو اوھَرِي!
معنيٰ ڪلياڻ آڏواڻي
سامونڊيءَ جو سڱ سورن ڀريو آهي. وڻجارو منهنجو جسم سوري تي چاڙهي، ٻيڙي هاڪاري هليو ويو.
 
Back
Top