سوڀ ماڻڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ***
    تحرير، ترتيب، تشريح، معنيٰ، پيشڪش- صراط بلوچ
    ***
    تمام وڏو مقصد آهي جنهن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻي آهي، ڪاميابي ماڻڻ لاءِ نڪرڻو آهي، فتح تائين پهچڻو آهي. ڇا ته ڳالهه آهي رهبر لطيف جي رهنمائي جي، رهبر لطيف جي رهبري جي.
    فتح ماڻڻ لاءِ، ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، شروع کان وٺي آّخر تائين جنهن واٽ سان وڃڻو آهي، تنهن جو ڏس، تنهنجي جي رهنمائي ڪندي چون ٿا ته،
    سوڀ ماڻڻ جي لاءِ فتح حاصل ڪرڻ جي لاءِ، ڪاميابي تائين پهچڻ جي لاءِ(سُپيرِيان سين سوڀَ) فتح طرف ويندڙ واٽ تي هلڻ جي لاءِ، سڀ کان پهرين، سڀ کان اول اوهان کي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي اهو آهي غفلت کي ڇڏي ڏيڻ، توهان جيڪي غافل آهيون جنهن غفلت ۾ پيا آهيون تنهن کي ڇڏي ڏيو. غفلت واري ننڍ مان همت ڪري اٿي پئو(نِنڊُون ڪَندي نه ٿِئي). ڳالهيون ڪيو ٿا ڪاميابي ماڻڻ جون، سوڀ حاصل ڪرڻ جون ۽ ڪيو وري ننڍون ٿا. ائين ته سوڀ نه ملندي. پهريون ئي ڪم غفلت واري ننڍ کي ڇڏي همت ڪري اٿي پوڻ آهي.
    همت ڪري جڏهن قوم اٿي پوي، قوم جڏهن سجاڳ ٿي پوي، قوم جڏهن مقصد جو تعين ڪري وٺي ته هاڻ سوڀ طرف سفر ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري؟ قوم کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو آهي لالچ کي ڇڏي ڏيڻ. ڪاميابي واري سفر ۾ لاچ ۽ لوڀ کي، پنهنجي ذاتي مفادن کي قومي مفادن جي بدلي ۾ ڇڏي ڏيڻو پوندو.(لالَچِ ڇَڏي لوڀَ) غفلت جي ننڍ مان سجاڳي، لالچ جي طوق کي ڳچي مان لاهي پري اڇالائي هاڻ نڪرڻو آهي. آخري ڳالهه جيڪا تمام گهڻي ضرور آهي، جيڪا هن سفر ۾ لازمي آهي، سا آهي حجاب کي لاهي پاڻ کان جدا پري ڪري نڪرڻ (سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو). اهو آخر حجاب ڪهڙو آهي” جنهن کي لاهي، ننگيون ٿي نڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. عام زندگي ۾ عام ماڻهو کي ڪئي لباس پاتل هوندا آهن. پنهنجي لاءِ ٺاهڻ جو لباس، پنهنجي ٻچن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو لباس، پنهنجن جي پرواهه جو لباس، پنهنجي مالي و جاني حفاظت جو لباس.
    قومي مفادن خاطر، عوامي مفادن خاطر، گڏيل مفادن خاطر، انساني مفادن خاطر نڪرڻ لاءِه هي سڀ لباس ڇڏڻا پوندا. پنهنجي ذات جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ وارو لباس ڇڏي ڏبو، پنهنجن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ وارو لباس ڇڏي ڏبو، ايستائين جو نه رڳو مالي حفاظت وارو لباس پر جاني حفاظت وارو لباس به پاڻ کان جدا ڪري نڪرڻو پوندَو. جڏهن هي سڀ لباس لاهي ڦٽا ڪري، نڪرندو ته (سپيريان سين سوڀ) پرين سان گڏ سوڀ اوهان کي ضرور ملندي.
    سر معذوري داستان 2
    **بيت**
    سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
    سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نه ٿِئي
    نثري ترجمو
    اوهين سڀ بي لباس ٿي نڪرو. پريَنِ سان گڏ سوڀ، ننڍون ڪندي نه ٿي ملي.
    ھي جيڪا ھدايت رھبر لطيف پنھنجي ماڻھن کي ڏيئي ٿو ان جا ڪئي مثال تاريخ انسانيت ۾ اوھان کي ملندا آئون جنھن کي تاريخ جو سڀ کان وڏو مثال سمجھان ٿو ان کي آخر ۾ اوھان لاءِ پيش ڪيان ٿو.
    مثال.
    حضرت امام حسين ع جي جانثارن انسانيت کي زنده رکڻ جي لاءِ غفلت کي ڇڏي سڀ لباس(پنهنجي لاءِ ٺاهڻ جو لباس، پنهنجي ٻچن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو لباس، پنهنجي، پنهنجن جي پرواهه جو لباس، پنهنجي مالي و جاني حفاظت جو لباس.) ڦٽا ڪري امام سان گڏ نڪري پيا جيئن سپيريان سين سوڀ ماڻي سگهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو