پرين جو وڇوڙو، پنهنجن جو وڇوڙو، پنهنجن جي جدائي، پنهنجن پيارين جو پري ٿي وڃڻ، تمام گهڻي اذيت ڏيندڙ ڳالهه آهي. انساني فطرت آهي ته هو پنهنجن پيارن جي جدائي برداش نٿو ڪري سگهي. رهبر لطيف ان انساني فطرت کي پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏين ٿا. اهي به ڏينهن هئا، اهو به وقت هو، جڏهن پرين ۽ اسان گڏ هئاسين، اهو خوشين وارو وقت گذري ويو، اهي بهترين ڏينهن موڪلائي ويا. انهن ڏينهن جي جڏهن ياد وري ٿي، جڏهن ياد اچي ٿي،(جڏهن پوي ٿي ياد صحبت سپيرين جي) ته پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ پوءِ ڪهڙي حالت ٿي ٿئي؟ پوءِ پنهنجي پاڻ کي قابو ڪرڻ محال ٿيو وڃي، دل اداس ٿيو وڃي، اکيون لڙڪ لاڙي ويهن ٿيون نه رڳو ايترو پر منهنجون ته دانهن تي دانهون نڪريون وڃن. (فَريادئون فرياد، ناگهه وڃَنِ نڪرِي) سر بروو سنڌي داستان 2 **بيت** جڏهن پوي ٿي ياد، صُحبت سپيرينِ جِي، فَريادون فرياد، ناگهه وڃَنِ نڱَيو. **سمجهاڻي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ** جڏهن سپرين سان صحبت(گڏ هجڻ واري ڪيفيت) جي يادگيري اچي ٿي ته بي اختيار (دل مان) دانهن مٿان دانهون(درد واريون آهون) نڪريو ٿيون وڃن.