پڇا ۽ ڳولا ذريعي پريَنِ جو ديدار

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    **************
    پهريون مرحلو آهي پريَنِ جي طلب جو، پهريون مرحلو آهي پرين جي چاهت جو، پهريون مرحلو آهي، حاصل ڪرڻ جي ارادي جو. مقصد تائين پهچڻ جي خيال جو. ارادي بعد وارو اچي ٿو پرين طرف سفر جو، منزل طرف وک وڌائڻ جو.
    هاڻ هتان کان رهبر لطيف پاران رهنمائي ڪئي پئي وڃي، رهبري ڪئي پئي وڃي اها ڪهڙي؟ اوهان پنهنجي منزل طرف وک وڌائڻ کان پهرين هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪري وٺو ته هن سفر ۾ اوهان کي وڏي خبرداري سان هلڻو آهي، وڏي احتياط سان منزل طرف وڌڻو آهي. ٿورڙي ڪوتاهي به اوهان کي راهه تان هٽائي سگهي ٿي تنهن ڪر پڇندا هلجو، معلومات وٺندا هلجو پڇڻ کي نه ڇڏجو، پريَنِ کي پسڻ لاءِ پڇڻ تمام ضروري آهي. (پُڇَنِ سي پَسَنِ) ڳوليندا هلجو، ڏوريندا هلجو، پڇندي، ڳوليندي/ ڏوريندي وڃي اوهان پريَنِ جي آستان تائين پهچندا. (ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا.) ائين محنت، همت، حوصلي ۽ ثابت قدمي سان جيڪي اچي پريَنِ جي آستان تائين پهچن ٿا، تِنهَن جو انعام اهو آهي ته جڏهن تڏهن پيا پريَنِ کي پسندا. پيا شرف ديدار حاصل ڪندا.
    سر حسيني داستان پهريون
    **بيت**
    پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهن تَڏهن پِرينءَ کي،
    ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا.
    نثري مفهوم
    جيڪي پرين جي پڇا ڪندي کيس ڏوريندي وڃي پرين جي آستان تي پهچن ٿا، تن کي پيو هميشه پرين جو ديدار ٿئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو