ڪوٽڙيا ذات متعلق ڪجھ معلومات

'لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق' فورم ۾ باغي راشد ڪوٽڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2022۔

  1. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    #ڪوٽڙيا ذات اصل ڪير ھئا ۽ ڪٿي جا رھاڪو ھئا ڪجھ معلومات توهان سان ونڊ ڪجي ٿي!!
    ڪوٽڙيا ٺڪر راجپوت نسل سان وابسته آھن جيڪي انڊيا کان آيا،چون ٿا ته ڪوٽڙي کان نڪتل آهن ڪوٽڙو انڊيا ۾ آهي جتي ڪوٽڙيا ٺڪر رھن ٿا اتي باقاعدي ڪيترائي ڪوٽڙين جا ننڍا وڏا راڄ آھن جيڪي راڄن ڀاڳن جا فيصلا ڪندا آهن پراڻي رسم رواج موجب..( معلومات مرحوم ونوسنگھ کان ڪجھ سال اڳ ورتل روبرو)
    ھاڻي ڪجھ ڄاڻ #ڳوٺ_علھو_ڪوٽڙيو جي ڪيئن جڙيو ڪٿان #علھو_ڪوٽڙيو آيو راڄ جو بنياد رکيائين ڪڏھن آيو ڪھڙي صدي ۾ علھو پھرين ڪير ھو ڪھڙي ڳالھ تان مسلمان ٿيو ڪنھن پناه ڏنو...
    ڳالھ ٿا ڪن ته تڙ ھمير جا رھاڪو ھئا علھو جي والد جو نالو وجئہ سنگھ ھو ھميرسنگھ جو اڪيلو پٽ هو وجئہ سنگھ شڪار جو شوقين هو توبچي ھوشيار ھو جنھن کي چون ڪوڏي چِٽَ، پاڻياريون گھڙا کڻي لنگھنديون ھيون ھن جو ڪم ھوندو ھو گھڙن ۾ نشانو ڪري ڪيرائڻ، سھندي سھندي نيٺ ڳوٺاڻن اچي رڙ ڏني حمير سنگھ کي ته تنھنجي پٽ جا ھي ڪم آھن مھرباني ڪري سمجھاءِ ھمير سنگھ چيو ته ابا ھاڻي منھنجو پٽ اھو ڪڌي حرڪت ڪون ڪندو اگر جي ڪيائين ته ان ڳالھ کي ڏسندس.. وقت گذرندو ويو ڪجھ مھينن تائين ھو ماٺ رھيو پر ڪٿي ٿو رهي شڪار ڪري ھڪ ڏينھن واپسي وريو ته تڙ تان پاڻياريون پاڻي جا مُوريا ڀري ويون پي ھن جي دل ۾ پراڻو جنون جاڳي پيو بندوق تاڻي فائر جو ڪرايو نشانو ٿڙي ويو موريئي بدران وڃي نينگري جي پيشاني ۾ گولي لڳي نينگريءَ مري وئي پوءِ ڏنائين پيرن تي زور گھر نه ويو ڳوٺ ۾ ڳالھ واءُ وانگر پکڙجي وئي ته ھمير سنگھ جي پٽ مھاراجن جي نينگري ماري ڇڏي ھمير سنگھ انتھائي برھم ٿيو چيائين ته ھاڻي ھن تڙ ۽ راڄ جو پاڻي منھنجي پٽ لاءِ حرام آھي علھو رُلندي رُلندي پڇائون ڪندي ڪندي ڪير پناه ڏي خوني کي تنھن دؤر ۾ راجپوتن جا راڄ نيٺ مسافر کي ٺڪاڻو ملي ويو بس لکئي جي ڳالھ ھوندي آھي تقدير جو فيصلو آخري ھوندو آھي ڳوٺ سوڀارو شاه ۾ پناه ملي ويو سيدن سان ڳالهه مھاڙ ڪيائين ھي ماجرا آھي آئون خون ڪري آيو آهيان مون کي ھاڻي ابو ماري ڇڏيندو جيڪر ڳوٺ واپس ويس ته منهنجي مسئلي کي حل ڪر آئون تنھنجي سام آھيان ارشد علي شاه کيس چيو تون فڪر نه ڪر علھو چيو آئون مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آھيان ايئن علھو ڪوٽڙيو مسلمان ٿيو پوءِ علھو کي پنھنجي پوئتي رھيل ڪجھ گھر ڀاتين جو فڪر ھو سو ڪنھن بہ طريقي سان اتان آڻڻ لاءِ اتاولو ھو نيٺ ڪوشش ڪري اتان ٻيا سندس گھر جي ڪجھ ڀاتين کي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ سڀ خوشيءَ سان مسلمان ٿيا ڪجھ وقت سوڀارو شاه ۾ رھڻ کانپوءِ #علھو_ڪوٽڙيو جي شادي سيدن ڳوٺ ارنيارو مان سراج الدين سنگراسي جي گھران ڪرائي علھو ڪوٽڙيو جيڪو راجپوتن جي رت مان ھو تنھن جي دماغ ۾ اھا ڳالھ گردش ڪرڻ لڳي ته پنھنجو ڳوٺ ڪنھن بہ نموني سان الڳ ٻڌجي ھن لڪ ڇپ ۾ مئو اکيراج جي راجپوتن سان ناتو سنگت وارو جوڙيو جنھن جي پوري حقيقت سيدن کي به ڪون پئي #ڳوٺ_اکيراج جا ٽيلات جالم سنگھ محبت سنگھ جا ڪيترائي مثال آهن ھو انتھائي شريف رحم دل انسان دوست ماڻهو ھئا ڪنھن جي لاءِ به من ۾ مير نہ ھو
    سوڍو محبت وچن سڌ ست ڀوپت سڀياڻ،
    سلام ڪوٽ نٻان سري جالم ھرگھڻ جاڻ.
    انھن کوه کڻائڻ ۾ علھو ڪوٽڙيو جي ھر طرح جي ھيلپ ڪئي علھو ڪوٽڙيو جيئن ئي کوه جو ڪم شروع ڪرايو رات رات ۾ اڳئين زماني ۾ زميني پٿرن سان کوه چونڊيا ويندا هئا اھي پٿر ڳوٺ ٻگھار ۽ ڪڪراڙي جي ترائي مان اٺن تي کڻي ايندا هئا ايئن کوہ جو ڪم ٿيندو رھيو اڳتي هلي ڳالھ نڪتي ته فلاڻي هنڌ فلاڻو ماڻهو کوه کوٽائي پيو تنھن جي مخالفت ڏوھٽن ڪئي تہ کوه کڻڻ ڪون ڏينداسين علھو کي ، وڃي تنھن وقت جي ڪليڪٽر کي دانھن ڏنائون علھو کي خبر پئي تنھن پخالن ذريعي جيترو کوه کوٽايل ھو پاڻي جي ويجهو ھو ڳالھ ٿا ڪن ان ۾ پاڻي سوڀارو شاه مان ڀرائي اٺن تي کوه ۾ وڌائون ته جيئن ڪليڪٽر اچي ته خبر پوي ته پاڻي ٿي ويو آهي اڳي چون ٿا تہ جيڪر کوه کوٽاييندڙ ڌر پاڻي پڌرو ڪيو ته ان جي منظوري ڏئي ڇڏيندي ھئي اھو کوه بحال ڪيو ويندو هو پوءِ بندش نه وڌي ويندي هئي آفيسر آيو کوہ ۾ ماڻھو واريو ويو پاڻي پڌرو ٿيل ڏسي آيو ايئن علھو ڪوٽڙيو پنهنجي ڳوٺ ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿيو پھريان کوه کڻايائين پوءِ راڄ، ڪڇ ڀڄ انڊيا مان کوه يا ٻنين جا ضروري ڪاغذات ملندا هئا چون ٿا ٽامي جي ھڪ پٽي تي جنھن شئي جي منظوري گورنمينٽ ڏيندي هئي تاريخ وغيره ان تي چٽيل ھوندي ھئي اتان علھو ڪوٽڙيو سڀ ڪم مڪمل ڪرائي آيو.. تاريخ ھڪ ڏند ڪٿا موجب ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو اڍائي سئو سال قديمي ڳوٺ آھي جيڪو شروع ۾ علھو ڪوٽڙيي کوه کڻايو هو سو اڄ به موجود آهي جھوني تڙ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو تمام وڏو خوبصورت نم جو وڻ کوہ جي ڀر ۾ تنھن دؤر جو گواھ آهي وڏن ڳرن سفيد رنگ جي پٿرن سان چونڊيل کوه اڄ جو انسان ڏسي دنگ رهجي ٿو وڃي ته ھيڏا ڳرا وزندار پٿر ڪيئن اٺن تي آندا ويا ڪيتري پنڌ کان ڳوٺ ڪڪراڙو اسان جي ڳوٺ کان اٺ ڪلو ميٽر اولھ طرف آھي ۽ ڳوٺ ٻگھار ٽيھ ڪلوميٽر اولھ طرف آھي ايتري پنڌ کان پٿرن جي کوٽائي ڪري زمين مان ڪڍي کوه کوٽڻ ڪو سؤلو ڪم ڪون ھو ايتري تنھن دؤر جي ماڻھن ۾ ھمت ھئي، اڄ به کوہ آباد آھي پھرين علھو تڙ پوءِ علھو ڪوٽڙيو جي نالي سان ڳوٺ تي نالو پئجي ويو،ٿرپارڪر ۾ ھي مسلم ڪوٽڙين جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو علھو ڪوٽڙيو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو تنھن ڳوٺ ۾ ساند،سنگراسي ڀيل،مينگھواڙ رھن ٿا جيڪي علھو ڪوٽڙيو پنهنجي اڻ کٽ جاکوڙ ۽ محنت سان ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ڳوٺ جي تصوير نقشي تي پڌري ڪئي محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو.

    باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو