پنج سٽا بيت 1 اَوَلُ، اللهُ، عَلِيمُ، اَعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي، قَادِرُ پَنهِنجِي قُدرَت سين، قائِمُ آهِ قَدِيمُ، والِي، واحِدُ، وَحَدهُ، رازِقُ، رَبُّ رَحِيۡمُ، سو ساراهِه سَچوڌَڻِي، چَئِي حَمدُ، حَڪِيمُ، ڪَري، پاڻَ، ڪرِيمُ، جوڙُون، جوڙَ، جَهانَ جِي. دهو ميل( ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-1 2 جوڙي جوڙَ جَهانَ جِي، جڏهن جوڙِيائين، خاوَندُ خاص خَلِقي، مُحَمَّدُ مُڪائِين، ڪلمو تنهن ڪَريمَ تي، چِٽو چايائين، اَنا مولاڪَ و اَنتَ مَحبُوبِيۡ اِيَّ اُتائِين ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائُون سَيّد چئي. دوهو ميل ( ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-2 3 وَحۡدَهُ لَا شَرِيۡڪَ لَہُ چَئِي، چُوندو آءُ، فَرَضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئو تَرڪُ مَ پاءِ توبَهَه سندِي تَسِبِيح، پَڙَهَڻَ ساڻُ پُڄاءِ نِگا پَنهنجي نَفَسَ کي، ڪا سَئِين راهَ سُونهاءِ، ته سَندِي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائِي نه اَچي. دوهو ميل(ٻه دوها اڌ سورٺو) ڪلياڻ 1-4