صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سر يمن ڪلياڻ ٻه سٽا بيت
غلام محمد شاهواڻي واري رسالي مطابق
تحقيق و ترتيب صراط بلوچ
1
جان ڪِي ڪَري طَبِيبُ، دارُون هِنَ دردَ جا،
هَڻِيو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪري.
ٻسٽ سورٺو يمن 1-5
2
هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻِي، ٿيڪِ مَ، ٿورو لاءِ،
پِرِيَمِ تُنهِنجي گهاءِ، مَران ته مانُ لَهان.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 1-6
3
جِتِ حَبِيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهن جِي،
تِتي طَبِيبَنِ، وِڄا وَڃي وِسرِي.
ٻسٽ سورٺو يمن 1-9
4
هَڻِين جي حَبِيبَ! مُحَبَتِي مَيا ڪري،
پُڇان ڪِينَ طَبِيبَ، هوند گهائَنِ سِين ٿِي گهارِيان.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 1-10
5
چوري چَنگُ، ٻَنگُ لهِي، حَبِيبَنِ هُنيوسِ،
ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِيو ڪَرَ کَڻي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 1-11
6
اَڄُ پڻ ڪَنجهو ڪَنجھَه، واڍوڙَڪِي مَنَهين،
جُه پڻ پِييَنِ سَنجھَه، هوُ پِنِيُون هُو پَٽِيُون.
ٻسٽ سورٺو يمن 1-14
7
اَڄُ پُڻِ ڪِهَڙِي دانهن، واڍوڙَڪِي مَنهين؟
ويڄَ وَرائِي ٻانهن، چوري چاڪَ نِهارِيا.
ٻسٽ سورٺو يمن 1-15
8
ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سِين،
تاڻِينِ مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نه آسَرو.
ٻسٽ دوهو سورٺو يمن 1-16
9
ويڄَنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِرِي نه ڪِيائُون،
جي پَندِ پاريائُون، ته سِگهائِي سَگها ٿِيا.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 2-2
10
ويڄَنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِرِي ڪَنِ نه پاڻِ،
اگها اِنَ اُهڃاڻ، پَسو! سُورَ سِجهائِيا.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 2-3
11
آهي گَهڻو آگَهنِ جو، تَرسُ طَبِيبَن،
ڪِيو وَسُ ويڄَنِّ، تان ڪِريءَ ري ڪِينَ ٿئي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 2-4
12
تَرَسُ طَبِيبَن جو، جڏنِ ڪِيو نه جاتِ،
جو ويڄَنِ جي واتِ، دارونئان تِنهن دُورِ ٿِيا.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 2-5
13
اگهائِي سَگها ٿِيا، جي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ،
تَرَسِي طَبِيبَنِ، چيٺي هُوندَ چَڱا ڪِيا.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 2-6
14
پاڙي ويڄَ هُئامِ، تان مُون مُور نه پُڇِيا،
تيلاهِين پِيامِ، موريسَرَ اَکِيَنِ ۾.
ٻسٽ سورٺو يمن 2-7
15
هارِيا! توهِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪِيو،
ڪَرِيين جي ڪِرِي، ته تُون توانو ٿيين.
ٻسٽ سورٺو يمن 2-8
16
هارِيا! ويڄَ مُياسِ! سُڌِ نه لَهِين سُورَ جِي،
پِريان کي چُندِياسِ، ته تَرَسُ طَبِيبَنِ ڇَڏِيو.
ٻسٽ سورٺو يمن 2-13
17
ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي مَ ٿِيان،
سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪَڏهِين.
ٻسٽ سورٺو يمن 2-14
18
ويهَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جي سِکِين ته سَگهو ٿِيين،
اڳِين عادَتَ مَٽِ، ته اَگها! عاجِزُ نه ٿِيين.
ٻسٽ سورٺو يمن 2-15
19
هُئين ته ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئن جِيءَ جَڏو ٿِيين؟
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُه نه ڪَيَئِيِ ڊَبَڙا؟
ٻسٽ سورٺو يمن 2-16
20
ڪُٺِيَس ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نه گَڏيا،
ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلَ ڏُکوئِيو.
ٻسٽ سورٺو يمن 2-17
21
اَگهَنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِيو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُورُ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِهرِيءَ مُنهن ڏيکاريو.
ٻسٽ سورٺو يمن 2-19
22
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سهائي هيٺِ،
ٿِيندا ڏيٺاري ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي،
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 3-15
23
پَچائي پَهاڻُ، جَنِ رَساڻِيو رُڪَ کي،
تَنِين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙيَنِ کي.
ٻسٽ سورٺو يمن 3-20
24
سِرُ سانداڻِ ڪَري، پُڇَجِ گَهرُ لُهارَ جو!
ڌَڪَن هيٺِ ڌَري، مانَ گڏِينِئي رُڪَ سين!
ٻسٽ سورٺو يمن 3-23
25
سَهين جِيئن سانداڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا!
وَهِ وِڃائي پاڻِ، ڏي ڏَٻائُون ڏُڱَرين.
ٻسٽ سورٺو يمن 3-24
26
ٻارِيو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ!
مون کي ٿا مارِينِ، لُئا لُهارَنِ جا!
ٻسٽ سورٺو يمن 3-26
27
اَڄُ آڳَڙيا آئِيا، سُوڌا سِراڻِي،
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تِکِيون.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 3-27
28
اَڄُ آڳِڙِيا آئِيا، سائُو ڪي سُڃاڻَ،
لاهِيندا مُورِياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پَڌرو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 3-28
29
سَرها ڏَٺَمِ سي، جَنِ ساڃاءَ سِراڻِ سِين،
تيغَ تنِين جِي کي، ڪَٽُ نه لَڳي ڪَڏَهِين.
ٻسٽ سورٺو يمن 3-30
30
ايڪ پِيالو! ٻه ڄَڻا! عِشَقَ نه ڪَري اَڌَ!
اِيءَ تان، ساعِرَ! سَڌَ، ڪَيَيءَ جا قَوالَ سين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-3
31
جيڏانهن قاتِلَ ڪوڙَ، اکِيُون اوڏانهن کَڻي،
وِهُ تَنِين جِي ووڙَ، جَنِين سانَگُ نه ساهَ جو
ٻسٽ سورٺو يمن 4-4
32
اَکِيُون اوڏاهِين کَڻي، جڏانهن قاتِلَ ڪُلّ،
مَٿو ڪَنِ نه مُلَ، پِڪَ برابر پنهنجو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-5
33
قاتِلَ ڪمائِي ڪري، وِهُ ماکِيءَ جي ڪَنِ،
وَٽان ويهِي تَنِ، پِيج ڪي پِيالِيُون.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-6
34
آڻي اُتَرَ واءَ، موکِيءَ مَٽَ اُپٽِيا،
مَتارا تِنهن ساءَ، اَچَنِ سِرَ سنباهِيو.
ٻسٽ سورٺو يمن 4-10
35
جُه سي اَڱَڻِ آئِيا، ته سَرو ڪَندا سُڃَ،
سائِي ٿِينديَنِ اُڃَ، هِي پِيتو! هُو آڻ ڪِي!
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-12
36
موکِيَ چوکِي نه ٿِئي، اَصُلَ اوڇِي ذاتِ،
وَٽِيون ڏيئِي واتِ، مَتارا جِنهن مارِيا.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-13
37
مَتارا مَرِي وِيا، موکِي! تُون نه مَرِين،
ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي ڏاتارَنِ ري؟
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-14
38
مَتارا مَرِي وِيا، موکِي! تُون ڀِي مَرُ،
تنهنجو ڏوسُ ڏَمَرُ، ڪونَ سَهَندو اُنِ ري!
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-15
39
اَڃا کوري ماڳَ مَٽَ، ڪُٽِڪا ڪَٽَ گَهڻان،
لاهي وِهُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا
ٻسٽ سورٺو يمن 4-17
40
آٽِي ٿِيءُ اڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين،
پَسِين سي ڀَتارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين
ٻسٽ سورٺو يمن 4-22
41
ڪَلاڙِنَئُون ڪاءِ، مَتِ نه سِکين مُون هِنيَئان!
روئِندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيون!
ٻسٽ سورٺو يمن 4-23
42
موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، اَڇا اڱڻَ ڌارِ،
ايندا تو دَرَٻارِ، وِهَ پنئدا وَٽِيون.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 4-24
43
ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضِي ٿِيا،
صوفي تي ٿيا، جن ڪيِن کنيائوُن پاڻ سين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-3
44
صُوفِيءَ صافُ ڪيو، ڌوئِي وَرَقُ وُجوُد جو.
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-5
45
صُوفِي چائِين، سَڌَ ڪرِين! صُوفِينِ اِيءَ نه صَلاحَ،
ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وِجھُ اُڇلي آڳ ۾.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-6
46
عالَمُ آئُونءَ ساڻُ، ڀَرِيو ٿو ڀِيرَ ڪري،
پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنُڊ پَکيڙِيو.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-9
47
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَرُ، اَندَرِ رُومِيءَ راءِ،
ماڙھو اِتِ ڪئاءِ، مَنڊُ نہ پسين منڊيو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-10
48
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونَهن سَرُ، اِيءُ رُومِيءَ رُوءِ،
جَنيِن ڏٺي جُوءِ، تَنِين، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-11
49
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونَهن سَرُ، رُومِيءَ چيو آهي،
تاڙي جي لاهي، ته مَنجهِين مُشاهدو ٿِئي.
ٻسٽ دوهو دوهو سورٺو ميل يمن 5-12
50
طالِبُ ڪَثَرَ سُونَهن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رِهاڻِ،
پِهرِين وِڃائِڻُ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پِرِيَنِ کي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-13
51
طالِبُ ڪَثَرَ سُونَهن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي راحَتَ،
جَنِين ڏِٺِي سَتَ، تَنِين ڪُڇَيو ڪِي نَه ڪِين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-14
52
طالِبُ ڪَثَرَ سُونَهن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڄي درُ فراق، تہ منجھين مشاھدو ٿئي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-15
53
ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرُ سُونهِينِ جي،
آيُون تَنِين کي، واڌايُون وِصال جِيُون.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-19
54
سا سِٽَ نہ سارين، اَلف جنهن جي اَڳَ ۾،
ناحَقُ نِهارِينِ، پَنا ٻِيا پِرِينءَ لئي.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-20
55
عاشِقُ عَزازِيل، ٻِيا مِڙيئِي سَڌڙِيا،
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِيو.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-22
56
وِسَرِيومِ سَبَقُّ! پهرين سِٽَ نه سَنڀَران،
اڃا هِيءُ وَرَقُ، هَيءِ! مُطالِع نه ٿِيو.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-23
57
ڪِيو مُطالِع مون، هُو جو وَرَقُ وِصالَ جو،
تِنھن ۾ تُنهِين تُون، ٻِي لاتِ نه لَحَظي جيتَرِي.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-24
58
اَکَرُ ڇُٽي هيڪڙي، ٻَهُون جي نه ٻُوجَهنِ،
ڪوهُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالَهڙِي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-26
59
پَڙهِيو ٿا پَڙَهَنِ، ڪَڙَهَنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾،
پاڻان ڏوهَ چَڙَهَنِ، جِيئن وَرَقَ وَرائِين وِتَرا.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-27
60
اَکَرُ پَڙهُ اَلِفُ جو، ٻِيا وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،
اَنَدَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙَهَندِين ڪيترا،
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-29
61
جِيئن جِيئن وَرَقَ وَرائِيين، تِيئن تِيئن ڏِٺو ڏوهُ،
تنهن ڪَهڻِيءَ ڪِبو ڪوهُ؟ جي رَهِڻِيءَ رَهِيو نه سُپِرِين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-30
62
ڪاتِبَ! لِکين جِيئن، لايو لامُ اَلِفَ سِين،
اَسان سَڄَڻُ تِيئن، رَهِيو آهي رُوحَ ۾.
ٻسٽ سورٺو يمن 5-31
63
ڪو ٿو ڪاڳَرَ ڪورِيين؟ ويٺو وڃايين مَسُ،
ڏورِ تِيائِين ڏَسُ، اکرَ جِيائِين جُڙِيا.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-32
64
هارائِجِ هِنئيين ۾، اَلِفَ سَندِي اوڙَ،
ته ڪِتابَنِ، جِي ڪوڙ، مَنجَهان ئِي مَعلُومُ ٿِئي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-36
65
ڪوڙِئين ڪِتابَنِ ۾، حَرفُ، مِڙوئِي هيڪُ،
جي تو نَظَرَ نِيڪُ، ته بِسۡمِ اللهِ ئِي بَسِ ٿِئي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 5-37
66
اورِيائِين اَوڄُون ڪَري، مُنجهايا مُلَنِ،
سُڃاڻِي اللهُ، ٽُٻِي ڏِنائِين ڌُوڙِ ۾.
ٻسٽ اڌ دوهو (ٻئي سٽ ۾ ڪافيو نٿو ملي) يمن 5-39
67
اَحَدُ، اَحَمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
آهي مُسۡتَغَرۡقُ، عالَمُ اَنِهِيءَ ڳالِهه ۾.
ٻسٽ دوهو سورٺو يمن 5-40
68
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونَهي رَنگُ،
گهوڙِيءَ هيٺِ اَيَنگُ، ڪاهِيو پاکَڙِئين هڻي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 6-1
69
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونَهي چيتُ،
گهوڙِيءَ هيٺِ سُچيتُ، ڪاهِيو پاکَڙِئين هڻي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 6-2
70
او قابِيلَ!اَکِيُن سين تِيرَ چلايا تو،
ٻيو مَرُ ماري سو، جنهن جو پِهرِيون پورو نَه ٿِيي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 6-6
71
جي هُو پائِينِ ڪانُ ڪمانَ ۾، نَئِي ڏِجِ سِينون،
ڪَجي نه ڪِينون، وَڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 6-9
72
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مار مَ مُون،
مون ۾ آهِيين تُون، مَتان تُنهنجو ئِي توکي لڳي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 6-10
73
ڪِيو ڇَڏِينِ ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِين ٿا،
ٿِيا جي نِيشانُ، ته پَهرِئين سين پورا هئا.
ٻسٽ سورٺو يمن 6-11
74
لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتِ اُڀو ئِي آهِيان،
سورِهِ پِرِين سِندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻِيو هَڻي!
ٻسٽ سورٺو يمن 6-12
75
عاشِقَنِ اَلله جِي، مُحَبَت رَکِي مَنِ،
سَنَدِي سِڪَ پَرِيَنِ، تَنَ ۾ آهي تَنِ جي.
ٻسٽ دوهو سورٺوميل يمن 7-1
76
عاشِقَنِ الله، ويروتار نه وِسَري،
آهَ ڪَرِيندي ساهُ، ڪڏهن ويندو نڪري.
ٻسٽ سورٺو يمن 7-3
77
عاشِقَنِ آرامُ، ڪڏهن تان ڪونه ڪِيو،
طَعني ڪِيا تَمامُ، حَبِيباڻي هيڪَڙي.
ٻسٽ سورٺويمن 7-4
78
سِڪَ نه آهي سُٿرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪري سَڌَ سِڪَڻَ جِي؟
ٻسٽ دوهوسورٺوميل يمن 7-8
79
جان ڪِين(ڪي) سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ پَسُ سِڪَندِيين،
پاسي تِنِين مَ لِڪُ، نِينهن نه سُڃاڻَنِ جي.
ٻسٽ سورٺو يمن 7-11
80
جان جان ناهِ ضَرورُ، تان تان طبيبُ ناهِ ڪو،
جهُ سو سَرِيو سُورُ، ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِيو.
ٻسٽ سورٺو يمن 8-2
81
سُورُ جنِين کي سَرِيو، سَرِي تَنِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي عاشِقَنِ کي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-3
82
جي پياري پاڻُ، ته ڪَرهو ٿي پاڻي پِيين،
اَڳي اِنَ نِياڻُ، اَڻَ ڪوٺِيو ڪونَ گِهڙي.
ٻسٽ سورٺو يمن 8-5
83
اَڻَ ڪِيِ عَيان نه ٿِئي، ڪِيِ پَروڙي ڪونَ،
سَچِي جيهِي سونَ، مُنهِن نه پيئِي ماڙُهين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-6
84
اَڻَ ڪِيِ عَيان نه ٿِئي، ڪِيِ پَروڙي ڪونَ،
سا سُونهِين ٿِي سونَ، اَمُرُ عطا جنهن جو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-7
85
جيڪي ڏنائون، سو مان ڳُڻُ گَنڍِ ٿيو،
مون کي پُڇِيائُون، ٺوڪي اِنَهِين ٺوڪَ سين.
ٻسٽ سورٺو يمن 8-8
86
جيڪِي ڏنائُون، سو سِرُ ڏيئيِ سَهُه ڄِندَڙا!
مَ چئو ڇِنائُون، اِيءَ پُڻُ ڳَنَڍِيو سَڄَڻين.
ٻسٽ سورٺو يمن 8-9
87
نَمِي کَمِي نِهار تون، ڏَمرُ وڏو ڏُکُ،
مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جي سَنوارِيا! سَمُجِهين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-12
88
نَمِي کَمِي نِهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو،
ٿِيئيءَ ساڃائو، جي اُڀِئِين اِنَهِين پيرَ تي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-13
89
ڏَمَرُ پاسو ڏُکَ سين، کاندِ کَٿُورِي هوءِ،
واللهُ مَعَ الصَّابِرِيۡنَ، آڳو اِئين چوءِ.
ٻسٽ دوهو يمن 8-14
90
کَمُ! کَمَندنِ کَٽِيو، هارايو هوڙَنِ،
چَکِيو نه چُوندَنِ، ھُو جو ساءُ صَبُرَ جو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-15
91
کَمَندَڙَن گَهرِ کِين، چَوندَڙَ چَڱا نه ٿِيا،
وِيڻَنِئون ويڌُ پَئِي، هَٿِ نه اَچي ڪِين.
ٻسٽ سورٺو دوهو ميل يمن 8-16
92
ڪَنِين ڪِينَ پِرايو، ڪِيني منجهان ڪِينَ،
جي هوءَ سَٽاڻِي سِيڱَ، ته زِهَ ڇِني جوکو ٿِئي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-19
93
ڪِينَ مائِيندا مَنَّ ۾، خودِي ۽ خُدا،
ٻن ترارَنِ جاءِ، ڪا آهي هيڪَ مياڻِ ۾؟
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-22
94
جنِين سَنديءَ ٻوڏَ ۾، ڀَتُون ڀَتين جِيءُ،
تَنَ! تِنين سين پِيءُ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل يمن 8-24
95
ويٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي،
سا مَجَلِسَ ئي مَٽِ، جي حاصِلُ هوءِ هَزارَ جو.
ٻسٽ سورٺو يمن 8-25
96
ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکندو ڏورُ ٿِئي،
تن! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
ٻسٽ سورٺو يمن 8-26

آخري ترميم: