نثري ٽڪرا

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ باغي راشد ڪوٽڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2022۔

  1. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    •ڪڏھن ڪڏھن ايئن محسوس ٿيندو آھي ته دل سيني کان ٻاھر تڙپي ڦٿڪي ۽ ڌڙڪي رهي آهي سارو سنسار سنسان ۽ ويرانين جو ڏيک ڏيڻ لڳندو آهي فقط ھڪ ئي ديد ديکڻ لاءِ اکيون اتاوليون ٿي وينديون آهن،
    مرشد لطيف ڪيڏو نه سھڻي سليقي سان ھانءُ کي مخاطب ٿيندي فرمايو آهي ته..
    ڪڏھن ڪڏھن ھينئڙا نٿو وڻين مون...!!

    ھانءُ ھٿن مان ھليو ويندو آهي سپرين جي سار سان من تار تار ٿي ويندو آهي اندر ۾ اُڪير تانگھ تڙپ سيني ۾ سڪ ۽ ڇاتي ۾ ڇڪ انسان جي ڪيفيت عجيب تر ٿي ويندي آهي اکين مان آب وڏ ڦڙي وسڪار وانگر وسڻ شروع ٿي ويندو آهي جيئن جيئن اکين مان اشڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪبي آهي تيئن تيئن اکين مان ڳوڙها آبشارن جيان ريلا ڪري زور سان وهڻ لڳندا آهن.
    •وقت جي بنا وقفي جي وھندڙ تيز وھڪرن ۾ گھڻو ڪجھ وھندو پيو وڃي اُھي مٺا ماڻھو وڇڙيو ۽ وسريو به وڃن جنين کان سواءِ ھڪ ساعت به سال برابر لڳندي هئي ھڪ پلڪ لاءِ اکين کان اوجهل ڏسڻ کان ڏور ۽ پسڻ کان پري ٿيندا هئا ته ھينئڙو ھيرڻ پن وانگر ڦٽي ڦارون ڦارون ٿي ويندو هو.
    •منھنجي روح جو رشتو توسان الست جي آواز وقت جُڙي ويو آهي شايد...!
    روحاني رشتا دلين جي رشتن کان وڌيڪ مضبوط پختا ۽ پائيدار ھوندا آھن.

    باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو