هنگلاج“ ڊيم جي تعمير سان ٿيندڙ نقصانن بابت سنڌ ڪناره ڪش ڇو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هنگلاج“ ڊيم جي تعمير سان ٿيندڙ نقصانن بابت سنڌ ڪناره ڪش ڇو آهي؟​


    ارباب نيڪ محمد”هنگلاج“ کي ڀٽائي گهوٽ جي من پسند مندر واري حيثيت مليل آهي. ڪالي ماتا، هنومان، گنيش پوڄا، اگهور اشنان، انيل ڪنڊ، تل ڪنڊ، چندر گوپ ۽ آساپور کي لطيفي لات ۾ سمجهائي سگهجي ٿو.

    ڪن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن ڍار،

    هلن جي هنگلاج ڏي بابو ڇڏي بار،

    جي ڪين قبولڻهار، هلو تڪيا پسون تن جا.

    هنگلاج ۾ مهيني ڏيڍ کان پوءِ لکين ماڻهن جي حاضريءَ وارو ”چيٽي چنڊ“ ميلو منعقد ٿيڻو آهي، پر هن سال ميلي جا مول متا ”مرجهايل“ آهن. حڪومت صدين واري تاريخ جي عظيم قدرتي آثارن واري هنگلاج کي ”هنگول ڊيم“ ذريعي هلاڪت خيزيءَ ڏانهن روان دوان ڪري رهي آهي يا نه؟ پر هسٽريءَ جا هيراڪ ائين پيا سمجهن. ڪشچند پارواڻي ۽ ڊاڪٽر موتي ملاڻيءَ جي سربراهيءَ ۾ سناتن ڌرمي اراڪينِ پارليامينٽ جو وفد مجوزه هنگول ڊيم جي معائني کانپوءِ ”واپڊا“ ۽ واسطيدار ٻين ادارن سان صدر زرداري صاحب جي ”هدايت“ مطابق ملاقاتون ڪري چڪو آهي. هنگلاج جهڙن قديمي آثارن جي بچاءَ لاءِ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ جيڪي احتجاج ٿيا آهن، تن مظاهرن جو اهتمام صرف سناتن ڌرمي سامين ۽ جوڳين ڪيو هو....”پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري“ واري اهليانِ سنڌ جي اها خاموشي ٻڌائي پئي ته مهراڻ ماٿري

    ويهه مَ مُند ڀنڀور ۾، هاڙهي هڏ مَ هل،

    ڪوڙي ڪهج نه ڪڏهين، سچي ڳالهه مَ سل،

    جانب لئه مَ جل، پر سور مَ وسارج سسئي!

    جو حقيقي مفهوم سمجهڻ ۾ موچارائپ ڏانهن گامزن ٿي ناهي سگهي. کڻي تيرٿ ته ڌرمي آهي، پر موهن جي دڙي کان به وڌيڪ قدامت جي ساک ڀريندڙ ”هنگلاج“ کي هن ريت فراموش نه ڪرڻ گهرجي، ايئن فراموش ڪرڻ تي ائين ئي چئي سگهجي ٿو:

    هو جي رنڱ رنڱين، سي کٽي کنڀ کڻي ويا،

    اتاهون آڻين، ماڻهو ميرا ڪپڙا،

    نارائڻ شيام واري ”نيات“ کي سن ستيتاليهه ۾ سور ڏيئي چڪا آهيون، پوءِ ڪن پنهنجين ستم ظريفين تي اظهارِ ندامت جو البته اظهار سو ضرور ڪيو هو، پر تاريخ جو فيصلو اهو ئي آهي ته پنهنجي وڍئي جو علاج ڪنهن ويڄ کان ڪرائي نٿو سگهجي. سنڌي ديس پنهنجو ڇڏي پرديس وسائي ويٺا ۽ نارائڻ شيام جي لفظن ۾ چوندا ويا ”گنگا امرت امرت پر ٿڃ ته پنهنجي سنڌو آهي.“ استاد دامن به پنج آبي ”دوآٻي“ جي دودو حصن ۾ ونڊجڻ تي ائين پئي چيو:

    جاڳڻ واليان رج ڪي لٽيا اي،

    ستي تُسي وي او، ستي اسين وي آن،

    لالي اکيان دي پئي دسدي اي،

    رُئي تسي وي او، رُئي اسين وي آن!

    اڄ ”شوراتڙي“ جو سهانو سمو آهي. اها رات ميلاپي جو حسين منظر پيش ڪندي آهي. سناتن ڌرمي سنڌي اڄوڪي شوراتڙيءَ کي سوڳ طور ملهائي رهيا آهن. ”ڀولي ناٿ ڪي جئه“ جا نعرا مدهم سرن وارا منظر پيش ڪري رهيا آهن. شنڪر ڀڳوان ۽ گوران پار پتيءَ کي گنيش ڀڳوان جون واڌايون ڏيندڙ عقيدت مند ارها آهن، ڇاڪاڻ ته رٿيل هنگول ڊيم ”گنيش پوڄا“ واري تيرٿ ۽ تڪئي کي تهه و بالا ڪري سگهي ٿو، ڪالي ماتا وارا ماڳ منهدم ڪري سگهي ٿو. پانڌيئڙا جنهن ”آشا پور“ واري اڱڻ تي ٿڪ ڀڃيندا هئا، اهو سک پور پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. هنومان مندر جون مورتيون مابدولت حڪمرانن جو منهن چڙائي رهيون آهن، سرڪار چوي ٿي ته قديم آثارن کي ٿٻي ڪنهن موزون هنڌ تي رکرائي ڏينداسين. هنگلا جي حمايتين جو حال هنن سٽن جي سهاري سان ئي سلي سگهجي ٿو.

    اڄ نه اوطاقن ۾، ڪرڳل ڪين روئن،

    نه اهي آديسي آسکا، جن سين مڙهيون سونهن،

    مڙهه پوريائون ماٺ تي، واڄٽ ڪين وڄن،

    ويا نانگا سي نڪري، پهر نه پوربين،

    ساريو سناسين کي اولاڪا اچن،

    لاڄئون لاهوتين، جوڙي ڏنيون جن کي!

    راڻي باغ حيدرآباد سامهون سرڪٽ هائوس جي احاطي ۾ درگاهه شنڪر مندر جو ريجنل ڊائريڪٽر ڀڳت ڪرمچند هجي يا مورڙي جي ماڳن واريءَ شيوا منڊليءَ جو ڪليڪٽر ويرسي مل، سچي ڳالهه اها آهي ته هنگلاجي نشانين کي درپيش چيلينجز بابت شوراتڙي ملهائيندڙ ”تنها“ بيٺا آهن. سول سوسائٽي هجي يا سنڌي سياستدان چندر گوپي چيلن جي بيچينيءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ چارڻن چنگ چورڻ ڇڏي ڏنا آهن، اي ڪاش! سنڌ لطيف سان هن ريت هم آواز ٿئي ها،

    نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي،

    ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملهي،

    آڳهه جنهن علي عه، آئون نه جيئنديس ان ري!

    چلو پاڻ ”هنگلاج ياترا“ جو تصوراتي سفر ڪري ٿا اچون ڪراچيءَ مان هنگلاج جو سفر پوڻا ٽي سئو کن ڪلوميٽر ٿيندو. گوادر واري ڪوسٽل هاءِ وي آسانيون ڪري ڇڏيون آهن، مين روڊ کي ”زيرو پوائنٽ“ وٽان ڇڏڻو پوندو ۽ جابلو ڏاڪا ڀيٽيندي پاڻ سترهان کن ڪلوميٽرن وارو ٻيو سفر مڪمل ڪنداسين ته ”هنگلاج“ کي اکين سان پسي سگهبو. لياريءَ مان شيواڌاري سوڻ ساٺ ڪري وڃي گڻيش تيرٿ تي پهچندا آهن. هنگول نديءَ ۾ گنگا جيان اشنان ڪبو آهي، جهنڊ لهرائبي آهي.”چندر گوپ“ کي شو جي مرڪزي هيڊ ڪوارٽر واري حيثيت حاصل آهي، اتي رات جا چار پهر قيام ڪبو آهي. اڳئين منزل ”آشاپور“ هوندي اٿن. وشرام ڪري پوءِ تل ڪنڊ ۽ برهم ڪنڊ ڏانهن ڪرها ڪاهبا آهن. ڪنڊ سنسڪرت ٻوليءَ جو اکر آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي تالاب يا حوض. اتي ڪارا تِر ڌوئي اڇا ڪبا آهن. تصور اهو ڪبو آهي ته ڪالي ديويءَ جي طفيل گناهه گم ٿي ويا ۽ نرگ بدران سرگ سندن شايانِ شان استقبال لاءِ ديده و دل فرشِ راهه ڪيو سندن وصوليءَ لاءِ چشم براهه آهي. اهو هنگلاجي هيج پنجن ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي، هنگلاج جا آثار ۽ اتان جون رونقون ڏسي ڀٽائيءَ به کيس قدرت جي ڪاريگريءَ جو حسين ترين شاهڪار قرار ڏنو آهي. لڪي تيرٿ، منگهي پير، واڳون ڏر ۽ نيهنگ جهڙا سنڌ ۾ موجود آثار خلوتي تيرٿن جا اوائلي اهڃاڻ آهن.

    بلوچستان جا لاهوت لامڪان ۽ هپت تالار (اسٿالو) به هنگلاجي ڪلچر جو حصو ڀاسجن ٿا. صوفي سڳورا اهڙن پاڻيءَ پهاڙ ۽ وڻڪار جي حسين ٽمورتيءَ سان جڙيل قدرت جي رنگين نظارن کي ”سوام ڀونءِ“ جو نالو ڏيندا آهن، جنهن غلط العام طور ”شنڀوءَ“ جو روپ ڌاريو آهي. ڀون اکر زمين لاءِ استعمال ٿيندو آهي ”سوام“ جي معنيٰ ٿيندي ”پاڻ پيدا ٿيل.“ واڳون اهڙي ازغيبي تخليق واري سرزمين تي عبادت گذار خلق کي جيڪا رفاقت فراهم ڪن ٿا، تنهن اجتماعي سوچ جو سائينٽيفڪ تجزيو جنهاڻي جوڻيجي کان ڪرائينداسين. اها ڳالهه سمجهڻ جي آهي ته بابل ۽ نينوا هجن، يا مصر ۽ ميسوپوٽيميا ايران هجي، يا ساراون اشتر، ارٽيمس، انيتا، نانيا، ماتا ۽ ايسس ”ديوين“ جا نالا وٽن مشترڪه رهيا آهن. ”ڪشان سلطنت“ جي سڪي تي به اهي ديويون رونق افروز رهيون آهن. سنڌوءَ وارو ”سينڌور“ سنسڪرت ۾ الٿو ڪبو ته ٿيندو ”هنگولا“. ڳاڙهي رنگ جي انهيءَ ٻوريءَ کي تلڪ طور ان بيواهه لاءِ سينڌور ۽ ”مين بال بنائون کس کي لئي“ ۾ قدرِ مشترڪه توهان پاڻ تلاش ڪريو. جنت نظير ماٿري ”ڪشمير“ جي ڪنڪما ديويءَ تي اهو زغفراني نالو به هڪڙي ٻوٽيءَ جي ڪري پيو آهي ته ”هنگ“ به هڪ جابلو جڙي ٻوٽي جو نالو آهي، جيڪا هڪڙي چٻٽ وڏي ديڳ کي دم ڏيارڻ لاءِ ڪافي ۽ شافي سمجهي ويندي آهي. هنگلاج ديويءَ جي پوڄارين جو نيٽ ورڪ نيپال کان ويندي برما ٿٻيٽ، سيام، ڪشمير، ڀوٽان ۽ ڀائونگر تائين پکڙيل آهي. ڪڇ ڪاٺياواڙ ۽ مهاراشٽر سوراشٽر وارا هنگلاج ياترا کان محروميءَ جو ازالو بربدا نديءَ تي موجود ”سنڌ يا ٻائيءَ“ جي مندرن تي مٿو ٽيڪي ڪندا آهن. اتي ديويءَ کي لوڪل لهجي ۾ راڻا ٻائي ۽ نانيا ٻائي پڪاريو ويندو آهي. اڍائي ٽي سال اڳ هندستاني سابق پرڏيهي وزير هڪ سئو ياترين جو قافلو وٺي جڏهن کوکرو پار مان سنڌ ۾ داخل ٿيو هو، تڏهن جسونت سنگهه نيڪڻ فقير کي تفصيلي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته: گجرات ۽ راجسٿان ڀيٽي جيڪي ”هنگلاجي“ سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا، تن لاءِ سامونڊي ڪنارن ۽ سنڌ جي بري برپٽن تي بيشمار آکاڙا ۽ مهمان سراءِ ٺهيل هئا. هوڙهن، اٺن ۽ گهوڙن تي به سفر ٿيندو هو ته پيرين پنڌ به پانڌين جا قافلا پيا سفر ڪندا هئا. سامونڊي مسافر پوربندر ۽ کنڀات کان ٿيندا راهمڪي بازار، علي بندر، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر کان ٿيندا ڪراچي پهچندا هئا. اتان حب، ڀاواڻي ۽ سونمياڻي کان ٿيندو لياريءَ واري لوءِ پهچبو هو، جتان کان هنگلاج وارو سوا سئو ڪلوميٽرن تي مشتمل بيابان ۽ ڪڪرالي تي مشتمل رستو پنڌ پيرين جهاڳڻو پوندو هو. جيسلمير ۽ جوڌپور کان گهاڙو مارڳن جا سنڌ جي علائقي ۾ داخلا وارا مرڪزي ماڳ چوٽياريون ۽ ويرا واءِ هوندا هئا. اگهور ندي ۽ آساپور کان اڳتي وهٽن جا گوڏا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا هئا. جماعتون مشترڪه وفد ٺاهي پنڌ پونديون هيون. ڪونجن جي اها قطار جنهن شينهن مڙس جي سربراهيءَ ۾ منزلِ مقصود ڏانهن روان دوان رهندي هئي، ان قافلي سالار کي لوڪ ادب واري ٻوليءَ ۾ ”اڳووو“ چيو ويندو آهي. سندس سليڪشن واري ميرٽ اها آهي ته صاحبِ موصوف پوتر ماڳن جو ڄاڻو هجي ۽ مارڳن بابت معلومات ۾ به ڀڙ هئڻ گهرجي. هندستان ”ترشول“ ميزائيل جو نماءُ ڪندو ٿو رهي. ترشول سونهين واري اها لٺ آهي، جيڪا ”اڳووو“ هٿ ۾ کڻندو آهي. ڪاٺي مخصوص وڻ جي هوندي آهي، کتري، گوسائين ۽ پروهت ئي ”اڳوووا“ ٿيندا آهن. ترشول ڌرتيءَ تي کپائي ڇڏيائين ته سمورا شيوا ڌاري تڙي کڙي بيهي رهندا ۽ دم دارو ڪري پوءِ اڳتي رڙهندا آهن. اهڙي ٿڪ ڀڃ ماڳ کي ”پڙاءُ“ چئبو آهي. اوٿل شهر جا ”گوسائين“ مشهور آهن.

    لياريءَ واري لوءِ کان پوءِ گيڙو ڪپڙا اوس پائڻا پوندا آهن، چندر گوپ تي ”ناريل“ اڇلائڻا پوندا آهن، جنهن جبل تان قمري ڪشش جي ڪري چشما جاري ٿيندا آهن ۽ هيٺاهين زمين کي گپ چڪ سان سرفراز ڪندا آهن. اهڙن ڏونگرن لاءِ ئي چندر گوپ جو نام نامي اسم گرامي مخصوص هوندو آهي. هنگلاجي قافلن کي هنگول ڊيم ٺهڻ کانپوءِ نه ته چندر گوپي چٽانن جي چوٽين واري ”کوپي“ ۾ اڇلايل ناريلن جا مڌر گانا ٻڌڻ ۾ ايندا ۽ نه وري بيواهه عورتن جي سينڌ سنوارڻ وارا مرحلا نصيب ٿيندا. ٻالڪن کي ڪير جڻيا پارائيندو ۽ ڪير گيڙو لباس کي هنگولي ساحلن تي سفيدي واري لباس ۾ تبديل ٿيندي ڏسندو؟ آسون ۽ اميدون جنهن ”آساپور“ پهچڻ سان پوريون ٿينديون هيون، تنهن تيرٿ جي تينوالي آخر برداشت به ڇو ڪجي؟ ڀٽائي ”گڏ يا گورک ناٿ کي“ پڪاريندو ويو، پر هنگلول ڊيم گرو گورکناٿ جي انهيءَ مڙهيءَ کي به مليا ميٽ ڪندو، جنهن آسٿان تي هنگلاجي ياتري ٻڪرا ڀيٽا طور فراهم ڪندا آهن.

    سنڌ ۽ بلوچستان کي هنگلاج بچائڻ لاءِ ميدان ۾ نڪرڻ گهرجي يا نه؟ تاريخ سان ٿيندڙ هٿ چراند کي روڪڻ ۾ پاڻ ڪامياب ٿياسين ته اهڙين ڪامياب تحريڪن جي نعم البدل طور برصغير ۾ ”برهه باتين“ کي ضرور فروغ ملي سگهي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو