• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

’ڪجھ اھم پرڏيھي يادگيريون‘ روزاني عوامي آواز آچر 18 ڊسمبر 2022 تي ڇپيل منھنجو آرٽيڪل: محمد خان سيال

’ڪجھ اھم پرڏيھي يادگيريون‘ روزاني عوامي آواز آچر 18 ڊسمبر 2022 تي ڇپيل منھنجو آرٽيڪل: محمد خان سيال
https://awamiawaz.pk/987350

سائين! ھِي مضمون جيڪڏھن ٽيڪسٽ ۾ رکجي تہ اڃا وڌيڪ ڀلو. ڇو تہ ٻيون ويب سائيٽون مضمونن کي محفوظ ناھن رکنديون، ايستائين جو عوامي آواز بہ ”پراڻِي ڊيٽا“ کي ڊليٽ ڪري ڇڏيندي آھي... آئون توھان جو مضمون ھيٺ ٽيڪسٽ ۾ رکان ٿو تہ جيئن مستقبل ۾ ڪم اچي.

____

فرانس جي ھڪ عورت جو مون تي نه وسارڻ جوڳو احسان ٿي پيو. مان يورپ جا ٻه اھم ملڪ جرمني ۽ فرانس ذاتي طور اڪيلو گهمڻ ويس پر جنهن ڏينهن فرانس جي گاديءَ واري شهر پيرس کان ڪراچي، سنڌ موٽڻو هو ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪميونيڪيشن وارن جي زوردار هڙتال هئي جنهن ڪري نه رڳو ريل گاڏين جي اچ وڃ گهڻو گهٽجي وئي هئي پر هوائي جهازن جي به. مان پيرس ۾ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ويجهي ميٽرو اسٽيشن (زمين دوز ٽرين يعني زمين اندر ھيٺ ريلوي اسٽيشن) تي ويس ته ايڪڙ ٻيڪڙ ڊيوٽيءَ تي موجود ھڪ اسٽاف سکڻي ڏيکاءَ لاءِ ويٺل ھوجنھن مون کي ٻڌايو ته هيٺ لهي وڃ، اُتان ٽڪيٽ ملندئي پر مون ڏٺو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا يعني ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جو ڪو به بندوبست ڪونه هو. ڪيترا مسافر ته اڳ ورتل ماهوار يا هفتيوار ٽڪيٽن تي سفر ڪري رهيا هئا البت ڪجهه مسافر مون وانگيان ٽڪيٽن کانسواءِ به هئا ۽ انھيءَ ڏينهن ٽڪيٽ کانسواءِ، سفر ڪرڻ جي غير رسمي اجازت حاصل هئي. هڙتال سبب ٻڌايائون ته گاڏيون دير سان اچن ٿيون يعني ھاڻي هر ساڍن ستن منٽن کانپوءِ هڪ ريل گاڏي اچي رهي آهي. جيئن ته ٽرينن ۾ پيهه گهڻي هئي سو مجبوريءَ ڪارڻ بيهڻ جي جاءِ ملڻ لاءِ مون کي هڪ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.

مان هڪ اسٽيشن تي لٿس جتان مون کي وري ڪنهن ٻي اسٽيشن تي وڃڻو هو ته جيئن آخرڪار چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تي پهچي سگھان پر ريلوي اسٽاف موجود ئي ڪونه هو ۽ نه ئي ريل گاڏي ڏانهن وڃڻ جي ڪا جاءِ، باقاعدي کليل هئي. جيڪي آيا ٿي سي اتي مشينن ۾ ’پاس‘ وجهي ريل گاڏين وٽ وڃي رهيا هئا. مان لوهه ڦاٿس. ھوائي جھاز وڃائڻ جو به اڳتي ھلي ڊپ ھوندو هو. سوچيم ته ڇا ڪريان؟ پيرس ۾ عام طورهڪ قومي زبان ڳالھائين ٿا پر پوءِ به ٿورا نوجوان انگريزي به ڳالهائين ٿا. مان ڏاڍو پريشان هوس ته ايتري ۾ هڪ خوبصورت، نوجوان، بالغ، وات وڪيل، 2 ڪپڙا پاتل ۽ شايد ڪنواري، فرانسسي ڇوڪري آئي جنهن مون کي چيو: مون وٽ ’پاس‘ آهي جيڪا مان مشين ۾ وجهندس، تون مون سان گڏ بيهجانءِ.

چوندا آهن ته ”انڌو گُهري هڪ اک، ان کي ٻيئي ملن ته باقي ڇا کپي“ تنهن وانگيان مون کي ڀلا ڪهڙو اعتراض؟

مون ڏٺو ته ڪجهه ماڻھو تختن جي مٿان لانگ ورائي ۽ ٽِپُ ڏئي مشين کي پار ڪري ٿي ويا پر مون پرديس ۾ پنھنجي عادت موجب اهڙو جوکو نه ٿي کڻڻ چاهيو. بهرحال، انهيءَ فرانسسي ڇوڪريءَ جا دلي ٿورا مڃيم، سندس احسان وسارڻ جوڳو ڪونه هو، جيڪو فرانس جي ڪنهن جڳ مشهور ۽ وڻندڙ پرفيوم وانگي اڃا به ياد اٿم، ٻي حالت ۾ مان ھوائي جھاز به وڃائي ويھان ھا ۽ گھڻو پريشان ٿيان ھا.

انھيءَ کان علاوھ، منھنجي فلپائين جي گاديءَ واري شھر منيلا ۾ هڪ سنڌيءَ سان اوچتو ملاقات ٿي ھئي. سندس هڪ ئي گهر ۾ ٽي مذهب ھئا. منيلا ۾، مان ۽ منهنجو پيارو دوست عزيز بلوچ مرحوم فلپائين ايئر جي آفيس ڏانهن پنڌ وڃي رهيا هئاسين جو اسان کي ھانگ ڪانگ ملڪ گھمڻ لاءِ وڃڻو ھو. ڪنهن چيو ته اسان جي هوٽل کان سڏ پنڌ تي، فياسٽا ويجھو آفيس آهي جيڪا اصل ۾ ڪجهه پري هئي.اسان پاڻ ۾ روڊ تي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا ٿي ويا سين ته هڪ وڏي ڄمار جو شخص جيڪو پنهنجي گاڏيءَ جو درُ کلي ويهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو سو اوچتو بيهي رهيو ۽ اسان کي سڏ ڏئي سنڌيءَ ۾ پڇيائين ته اسان کي ڪٿي وڃڻو آهي. فياسٽا جو ٻڌايوسونس ته چيائين ته ڪجھه پري آهي ۽ پوءِ گاڏيءَ ۾ ويهاريائين.

همراهه ٻڌايو ته هو منيلا ۾ گرم مصالحن جو ڪاروبار ڪري ٿو. پنهنجا فون نمبر ڏنائين جيڪي عزيز بلوچ لکيا پر پوءِ ھن اڳ وانگيان سنڀالي ڪونه رکيا تنھنڪري منھنجو ھن سان پوءِ رابطو ڪونه ٿي سگهيو ھو. ان همراھه ٻڌايو ته هو پنهنجي ماءُ سان گڏ منيلا ۾ رهي ٿو. پاڻ هندو آهي، سندس زال مصر جي مسلمان عربياڻي آهي جڏهن ته سندس اولاد جيڪو لنڊن م پڙهي ٿو، سو عيسائي آهي. بهرحال، هڪ ئي گھر ۾ ٽي مذهب پهريون ڀيرو ٻڌم ته ڏاڍو اچرج ٿيو.

مون به سنگاپور کان مليشيا جي گادي واري شھر ڪوالالمپور جو سفر بس ۾ ذاتي طور ڪيو ۽ ريل گاڏيءَ ۾ سنگاپور موٽي آيس پر ريل جو عاليشان سفر ھو. سفر دوران نوٽ ڪيم ٻنھي طرفن کان لاڳيتا باغ بڻيل ھئا جنھن ڪر ڊگهو سفر ڏاڍو سھڻو بڻجي ويو. ھلندڙ سڄي ريل گاڏيءَ دوران شروع کان آخريءَ تائين ھلڻ جي لاڳيتيون جايون ٺھيل ھيون. ريل گاڏيءَ جون سيٽون خوبصورت ٺھيل ھيون. ھلندڙ سڄي ريل گاڏيءَ ۾ گھمندي به ڏاڍو مزو آيو جو اچڻ وقت بس کان سفر گهڻو وڻيو ۽ پڇتائڻ لڳس ته سنگاپورکان مليشيا به بس بدران ريل گاڏيءَ ۾ اچان ھا ته وھ واھ.

مون دنيا جي سڌريل ملڪن آمريڪا وغيرھ جي دوري دوران، اتان جي روايتن کي ڏسندي پوسٽنگ ڪئي هئي ته چڱي ڳالهه کي چڱو ۽ خراب ڳالهه کي خراب چئجي، پوءِ ڪير به هجي.سنڌين جي اها صدين کان پراڻي روايت رھي آهي ته جنهن کي ڀائيندا آهن تنهن جي هر خراب ڳالهه به سٺي لڳندي اٿن ۽ جنهن سان نفرت ڪندا آهن ته ان جي هر چڱي ڳالهه به خراب لڳندي اٿن جيئن هڪ ڀيري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي چيو هو: سنڌين جي محبت توڙي نفرت ٻنهي ۾ شدت هوندي آهي. منھنجي ذاتي تبصري موجب لڳي ٿو ته دنيا ۾ آيل احتجاجي روين بابت بهتر تبديلين جو سنڌين تي ڪوبه اثر ڪونه پوڻو آهي ۽ سنڌي پاڻ کي بدلائڻ لاءِ هرگز تيار ڪونهن تنهنڪري اهڙن مشورن ڏيڻ مان ظاھري طور ڪو فائدو ناهي.هاڻ ته رڳو ايترو چئي سگجھي ٿو ته ”لڳا رھو مُنا بھائي.“

اسان جي صحافي دوست سامي ميمڻ هڪ پراڻي ويب سائيٽ شيئر ڪئي ھئي جنهن ۾ ڄاڻايو ھئائين ته نشو، سگريٽ وغيره واپرائڻ سبب ڪهڙيءَ نه ريت انسان جي حياتي گھٽبي رهي ٿي. سو ان جا تفصيل پاڻ سان ڀيٽڻ شروع ڪيا ھئم ۽ ڌڻيءَ سڳوري جا ٿورا مڃڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس ڇاڪاڻ ته مان ته ظاهري طور فائدي ۾ هوس. مون ساري حياتي، ملڪ کان گھڻو حصو چئن کنڊن ۾ ٻاهر رهڻ ۽ آمريڪا ۾ دوستن جي زبردست اصرار جي باوجود ڪڏهن به، نه ته شراب پيتو آهي ۽ نه وري ڪڏهن بيئر چکيو اٿم ڇاڪاڻ ته ڪيترا دوست وري بيئر کي شراب جو حصو مڃيندا ئي ڪونهن جڏهن ته هر قسم جي نشي واپرائڻ کان مان ڪوهين ڏور آهيان. ٻيو ته ٺهيو پر مون کي سگريٽ جي دونھين کان الرجي رهي آهي ۽ جيڪڏهن سگريٽ جو دونهون ٿورو به لڳندو اٿم ته سارو ڏينهن مٿي ۾ سور هوندو اٿم. هونئن به ساري زندگيءَ ۾ مون ڪڏهن پان يا سوپاري به واپرائي ناهي.

رام ڪٿا ٻڌائڻ جو سکڻو هڪ مقصد آهي ته اوهان به انهن شين کان بچي پنهنجي صحت کي بهتر بڻائي سگھو ٿا.ڪاش! انھن تي عمل ٿئي ته وھ واھ
 
Back
Top