محفل نه رھي ساقي نه رھيا الائي ڇو اڄڪلھ مرڪون جلاوطن آھن ۽ ڊسمبر جي سرد شامن ۾ ديارِ دل تي انيڪ اداسيون اچي دستڪ ڏينديون آهن آئون پاڻ کي شھر جي شور کان پري وڃي گوشي نشين ٿيندو آھيان ڍينگھرن ۾ ڦاٿل ريشمي رومال وانگر اکڙيون ڪنھن جي راھن ۾ اڻ چيل اڻ کٽندڙ انتظارن ۾ اذيتون ڏسي الجھي پونديون آھن روح ۾ رھجي ويل اڻ چيون ۽ اڌوريون ڳالھيون اندر جي وطن کي ڏاڍو اداس ۽ ويڳاڻو ڪري وجھنديون آھن پرين جي پار کان آيل پراڻا خط کولي نيڻن مان نير درياه جيئن وھڻ لڳندو آهي گُري گوندر ول وانگر جيءُ جُھري ڀور ڀور ٿي پوندو آھي ياد ماضي جا ريشمي تاڪيا ذھن جي زمين تي کُلي پوندا آهن ۽ اُھي منظر من جي اسڪرين تي رقص ڪرڻ لڳندا آهن مسڪراھٽ مان ته ھر ڪو لطف اندوز ٿيندو آهي لڙڪن لارون ڪنھن ھڪ لاءِ ئي منسوب ھونديون آھن اُن محبوب جون يادگيريون من جو دامن زور سان جھلي اندر اتاولو ڪري ڇڏينديون آهن جنھن جانب اکيون اکين ۾ وجھي چيو ته "تنھنجي دل مون کي ڏي منھنجي دل توکي ٿو ڏيان" ٻاراڻيون ڳالهيون وارن ۾ تون آڱريون ڦيرا ڦڻي جيان ته نيڻن ننڊ نصيب ٿئي ايئن آئون ھُن جي ڪارن ڪاڪلن ۾ گھاٽن گُھنڊي دار وڏن وارن ۾ آڱريون ڦڻي وانگر وجھي سموھيندو ھئس ھُو سڪون سان سمھي رھندو ھو راتين جون راتيون جنھن سان گڏجي سگريٽ جي سوٽن وانگر ڪاٽيون چنڊ ستارن کي گواھ بڻائي پرڀات جو جڏھن سورج جون شاخون صبح ٿيڻ جي شاھدي ڏيندي افق تي پنهنجي اجرا ڪرڻا رونمائي ڪندا هئا تڏھن اسان ڀاڪر پائي کلي موڪلائي پنهنجي پنھنجي گھر جو رخ ڪندا هئا سين ڇو ته دنيا ڏاڍي ساڙولي کر دیا آج زمانے نے اُنہیں بھی مَجبُور کبھی یہ لوگ مِرے دُکھ کی دَوا کرتے تھے، الائي ڇو ٻه پيار سان سرشار دليون ملنديون آهن ته زماني وارن کي اک ۾ ڪٽر جيئن لڳنديون آهن صدين کان اھا رسم رواج رھيو آھي مجبوريون انسان کي بيوفائيون ڪرائينديون آهن نه ته سولائي سان ڪير به بيوفائي ناھي ڪندو...! تون رسمن رواجن جو پابند ٿيندي ملي ڀي ڪٿي مسڪرائي نه سگھندي...! باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️