• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علم جي لاٽ سان منور ڪندڙ شخصيت

ڳوٺ علو ڪوٽڙيو جو بنياد وجهندڙ شخص علو ڪوٽڙيو ۽ تعليم جهڙي زيور سان آراستہ ڪندڙ ميانجي عبدالمطلب ڪوٽڙيو

سو اڄ ذڪر ڪنداسين ميانجي عبدالمطلب ڪوٽڙيو جو مون وٽ اهڙا ۽ ايترا لفظ ناهن جو هن شخصيت تي لکان پر دل چيو ته ڪجه وس آهر لکجي،

ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن تعليم انتهائي گهٽ هئي مطلب ته ڪي ٿر جا هٿن تي ڳڻڻ جيترا ڳوٺ هئا جتي تعليم ڏني ويندي هئي تعليم پرائڻ جو شوق ته ڪافي حد تائين ماڻهن ۾ هو پر پڙهائڻ لاءِ استاد وڏي مشڪل سان ملندو هو، اسان جي ڳوٺ علو ڪوٽڙيو جو عبدالمطلب ڪوٽڙيو جنهن کي ننڍي هوندي پڙهائي جو تمام گهڻو شوق هو ۽ سندس والده پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ لاءِ ڳوٺ سراج الدين ۾ استاد يامين ڏوهٽ وٽ ڇڏيو ڪجهه سنڌي درجا پڙهائي کان پوءِ جڏهن سنڌي پڙهائي سگهي اهڙو ٿيو ته اڳي مُلن جي هڪ تنظيم هوندي هئي جيڪا پڙهائي لاءِ ديني تعليم سان گڏ گڏ دنياوي تعليم ۾ به ڀرپور ساٿ ڏيندي هئي، سو عبدالمطلب ڪوٽڙيو صاحب کي روشن دماغ ۽ هوشياري ڏسندي ڳوٺ علو ڪوٽڙيو ۾1919ع ڌاري بطور ماستر رکيو ايئن ڳوٺ جو ستارو چمڪڻ لڳو اونداهي ٻاٽ ۾ علم جي لاٽ روشن ٿيڻ لڳي هڪڙي ڪکائين لانڍي ۾ پڙهائي جو آغاز ڪيائين نئون منهن چراغ جليو ته ڪيئي پروانا پري پري کان سندس پڙهائي جي هاڪ ۽ واکاڻ ٻڌي اچي مڙيا مٿي مچ، ڳوٺ علو ڪوٽڙيو سنڌ ورسٽي جيان وسڻ لڳو پري پري تائين هاڪ هلي وئي ته ڳوٺ علو ڪوٽڙيو ۾ تعليم عروج تي آهي محنتي استاد سائين عبدالمطلب ڪوٽڙيو وٽ پنهنجا ٻچا ڇڏي اچو پوءِ ته ڪٿي ڪٿي جا ٻار ڳوٺ علو ڪوٽڙيو جي زينت بڻجي ويا ڳوٺ وسڻ لڳو هل اهي ڏينهن اهي شينهن اها تعليم اها تربيت اها محنت اها محبت ڳوٺ ڳوٺ هو مطلب ته هڪ گهر مثل رهڻي ڪهڻي اٿي ويٺي قرب ڪچهريون رانديون رنگ ڍنگ بلڪل نرالو هو، ٻاهر کان آيل کُٿابي شاگردن جي ماني ٽڪي جو بندوبست سڄي راڄ تي هو جنهن کي چون ڦڪر يا جهولي ڪري مانيون شاگرد وٺندا هئا هي اهو اڻ وسرندڙ دور آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي پوءِ هن ڳوٺ جا توڙي ٻين ڳوٺن جا ڪيترائي شاگرد پڙهي پرائمري استاد ٿيا ته ڪي وري اڳتي ويا ۽ وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿيا، ويا سي وينجھار هيرو لال ونڌين جي...

باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️
 
Back
Top