دلربا شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ باغي راشد ڪوٽڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2022۔

  1. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    ماڻھو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

    ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ،اچي بوءَ بھار جي!

    ساوڻ جي پهرين بارش جھڙي سدائين من کي موهيندڙ ۽ وڻندڙ شخصيت جي مالڪ ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ تي اڄ ڪي چار لفظ ڳالھايون ٿا!!

    ٿورا منجھ ٿرن ،مون سان مارن جي ڪيا

    عمر اُن ڳڻن،آئون ڪيئن لوئي لاهيان.

    اڪثر ڊاڪٽرن جا وڏين وڏين مختلف ڪمپنين ۽ ليبارٽرين سان معاهدا طئي ٿيل ھوندا آھن جيڪو مريض اچي ته اصل کان وٺي کل اُبتي لاھجي ففٽي ففٽي مطلب ته ڪاروباري روپ اختيار ڪري چڪا آهن اڪثر طبيب پنج رپيا گھٽ ڪم کي پٽ نجي اسپتالن ۾ ٻنھي ھٿن سان اکيون پوري روڙون روڙي حلال حرام جو فرق ختم ڪري مال ميڙڻ ۾ رڌل آهن بس ڇا ڪجي

    تن طبيب نه گڏيا ڪٺيس ڪويڄن،

    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن،پاڻا ڏيل ڏکوئيو.

    ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ جي ريس ڪنھن کان ڪون ٿيندي ويھ سال پٿوري اسپتال جي ايم ايس جي واڳ ھٿ ۾ رھي ھڪ عام ڊاڪٽر وانگر ٿي رھيو ڪڏھن به پاڻ کي ايئن نه سمجھيو ته ڪو آئون وڏو آفيسر آھيان بخوبي مريضن جي خدمت ڪندو رهيو بلڪل پابندي سان بنا ڪنهن متڀيد فرق جي تنھن کان پوءِ ميرپورخاص ضلعي جو ڪجھ وقت لاءِ اي ڊي او ھيلٿ رھيو تنھن کان پوءِ پنهنجي اباڻي ضلعي مٺي ۾ ھڪ سال اي ڊي او ھيلٿ رھيو ۽ اسلامڪوٽ اسپتال جو ايم ايس پڻ ڊيوٽي جو پابند ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ مريضن لاءِ ھڪ مسيحائي جو ڪردار نه فقط ھٿ سان لکي ڏيڻ دوا ۾ هوشيار هوندو هو ته زبان سان به مريض سان اھڙو پيار ۽ محبت وارو رويي سان پيش ايندو هو شديد بيماري ۾ مبتلا پيل مريض به ھن مسيحا کي ڏسي مرڪڻ لڳي ويندو هو ابا پٽ ٻچا ڪجھ به ڪونھي تون صفا چڱو ڀلو آھين مٺڙا مٺڙا ٻول بحثيت ھڪ ڊاڪٽر جي استعمال ڪرڻ جا گُر ھنر ڪو سکي ته ڊاڪٽر دين محمد کان ئي سکي دوران سروس ڪو به پرائيويٽ اسپتال نه کوليائين نه ته گھڻا ڊاڪٽر سرڪاري ڊيوٽي به ڪندا آهن ته وري خانگي ڪلينڪ کولي خوب پيسا ڪمائيندا آھن ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ پنهنجي اوطاق ۾ جيڪي علاج ڪرڻ لاءِ اچن تنين کي بنا ڪنھن فيس جي علاج به لکي ڏيندو آهي اڄ ڏينهن تائين به ماڻھو ڪافي تعداد ۾ اچن ٿا خوش مزاج خوش اخلاق غريب توڙي امير سان مرڪي ملڻ ھڪ جھڙو رويو اختيار ڪرڻ سنڌو جي پاڻي جھڙو شيرين مٺاس رکندڙ ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ درياه دل دلربا آھي سيرت جو سھڻو ته صورت جو به سھڻو جھڙو اندران تھڙو ٻاھران دعا آهي شال سنڌ جيڏي جند ماڻي.

    سِٽون باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو