وفا پلي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ باغي راشد ڪوٽڙيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2022۔

  1. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
    غزل

    وفا پلي

    پرين پيار پنهنجو ڀلائي نہ سگهندين،
    لڙي لڙڪ پوندئي لنوائي نہ سگهندين.

    ڪندو چيٽ جو چنڊ چانڊاڻ جڏهن،
    سڏڻ مونکي گهرندين سڏائي نہ سگهندين.

    تون رسمن رواجن جو پابند ٿيندين،
    ملين ڀي ڪٿي مسڪرائي نہ سگهندين.

    ڪري ياد مونکي تون روئي ڏيندين،
    سبب جي پڇيو ڪنهن سڻائي نہ سگهندين.

    سندم راهون ڏاڍيون ڪي پُرخار آهن،
    وري وڃ ”وفا“ نينهن نڀائي نہ سگهندين..!
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو