• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌرتيءَ جي سچي عاشق جو وڇوڙو

صفا سادو ھٺ وڏائي تڪبر غرور منجھس تر جيترو به نه هو جنھن جو نالو جمن ھو جنھن جي نس نس ۾ سنڌ سان بي تحاشا پيار جو درياه پيو پالوٽون پائيندو ھو، ھُو سراپا سنڌ ھو، ھُن جي جند سنڌ سان ايئن جڙيل ۽ جُڙيل ھئي جيئن ٿر ٻاٻيهو جي ٿر سان تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي وارن مان ھو، ھُن جي سوچ ۾ سدائين سنڌ ھوندي ھئي ته سنڌ وارا سکيا ستابا ھجن ھُو سنڌ جو هڪ بھادر ۽ بي بھا ملھ مھانگو ماڻھو ۽ سچو سپاھي ھو ماما جمن ھڪ جنم نه پر ھزارين جنم ملن ته به پنهنجي وطن سان وچن ۽ واعدا قول ۽ اقرار ڪري ويو، ھُو وادي مھراڻ جو سچو مخلص مشتاق ھو ماما جمن جلترنگ خوبصورت اجھل جواني کان وٺي پيري تائين ڀرپور نموني سان زندگي گذاري ھن ڪڏھن به ھمت نه ھاري تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي وارن مان ھو، ماما جيڪو وکر وھائي ويو آهي سو پئي پراڻو ناھي ٿيڻو ماما جمن کي سنڌ صديون ساريندي ڪاش سندس حياتي ۾ ھڪ ڀيرو ڪا شام ملھائي وڃي ھا ته ماما جي من کي ۽ روح کي ڪيڏي نه راحت ۽ تسڪين ملي پوي ھا، افسوس آهي اسان جي حال تي جو اسان ملھ مھانگا مھان موتي داڻا ماڻھو وڃائي پوءِ ماتم ڪندا آھيون پويان قصيدا لکندا آھيون اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي، هُو نه فقط روحل واءِ جو راڻو ھو ھي ساري سنڌ جو مھان ماڻھو ھو ماما جمن جي وڇڙي وڃڻ سان ھڪ تمام وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگهبو ھن مخمور مھراڻ جي مٽيءَ کي سرمي جيان پاتو هو يارن جو يار وفادار علم و ادب سان بيحد چاہ رکندو هو، ھُو پنھنجي حياتي سنڌ لاءِ وقف ڪري ويو.
جتي پکي نه پير تتي ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير کاھوڙڪي کير ري.
کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.

باغي راشد ڪوٽڙيو ✍️
 
Back
Top