صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
عشق بحري باز کان واقف نه تون!
مؤلوي سُرَ ساز کان واقف نه تون!
ڪير ظاهر ؟ ڪير باطن ؟ آ مُلان؟
هئه رِندي هن راز کان واقف نه تون!
تَو نه ڪعبي جو ڪڏھن سمجهيو طواف:
طُورَ جي آواز کان واقف نه تون!
لامڪان جو ڪو مڪان هوندو به ڇا؟
بي - خودي پرواز کان واقف نه تون!
خود خدا جو آ صَحيفو آدمي:
شرح جي شهباز کان واقف نه تون!
تَو ته اورنگزيبُ ئي آهي ڏٺو :
سرمدي همراز کان واقف نه تون!
شمس تبريزي نه رومي تو پڙهيو :
شيخ ۽ شيراز کان واقف نه تون!
رُوحَ جي هن راڳ کان واقف نه تون!
احد جي انداز کان واقف نه تون!
تو ڀٽائيءَ مڌُ - آ پيتو ڪٿي؟
۽ سچل جي رياض کان واقف نه تون!
دارِ تي منصورَ جي ڇا هئي صدا؟
نينهن جي هن ناز کان واقف نه تون!
بيخوديءَ ۾ لکيل
پروفيسرساجدسومرو
عشق بحري باز کان واقف نه تون!
مؤلوي سُرَ ساز کان واقف نه تون!
ڪير ظاهر ؟ ڪير باطن ؟ آ مُلان؟
هئه رِندي هن راز کان واقف نه تون!
تَو نه ڪعبي جو ڪڏھن سمجهيو طواف:
طُورَ جي آواز کان واقف نه تون!
لامڪان جو ڪو مڪان هوندو به ڇا؟
بي - خودي پرواز کان واقف نه تون!
خود خدا جو آ صَحيفو آدمي:
شرح جي شهباز کان واقف نه تون!
تَو ته اورنگزيبُ ئي آهي ڏٺو :
سرمدي همراز کان واقف نه تون!
شمس تبريزي نه رومي تو پڙهيو :
شيخ ۽ شيراز کان واقف نه تون!
رُوحَ جي هن راڳ کان واقف نه تون!
احد جي انداز کان واقف نه تون!
تو ڀٽائيءَ مڌُ - آ پيتو ڪٿي؟
۽ سچل جي رياض کان واقف نه تون!
دارِ تي منصورَ جي ڇا هئي صدا؟
نينهن جي هن ناز کان واقف نه تون!
بيخوديءَ ۾ لکيل
پروفيسرساجدسومرو