مون مٿان تن جي ڀلائي اڄ به آ دوستي دردن نڀائي اڄ به آ ڪاله در تان جنهن ڌڪاريو هو مونکي، سيج تنهن لاء هي سجائي اڄ به آ وقت گهاري جيئين سوايو هُو هِتي، ڳاله ان لاء مون وڌائي اڄ به آ هِت صدين کان پوء ايئن چوندا فياض شيخ اڄ به آ،ڀٽائي اڄ به آ
جواب: غزل تمام، سٺا خيالات آهن، اميد ته آئينده به اهڙي ڪوشس ڪندا رهندا، ادا مون ڏٺو آهي ته اسان جي ماحول ۾ شاعر ته تمام گهڻا پيدا ٿين ٿا، مگر ٽيڪنيڪل ماڻهون اسان وٽ تمام گهٽ پيدا ٿين ٿا، شايد هڪ ته اسان وٽ وسائل ڪونهن ان ڪري ٻيو ته اسان جو ماڻهون محنت ًگهٽ ڪرڻ ٿو چاهي، جڏهن ته يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ شاعر به پيدا ٿين ٿا مگر اتي ٽيڪنيڪل ماڻهون تمام گهڻا پيدا ٿين ٿا، ڪاش اسان جي سنڌ ۾ به ائين ٿيڻ لڳي، توهان صرف ڪمپيوٽر جي ئي فيلڊ ڏسو ته ان ۾ به هندستان اسان جي ملڪ پاڪستان کان ڪئين دفعا مٿي، وڌيڪ آهي۔
جواب: غزل محترم منصور سيتائيءَ جي شاعري، دل تي اثر ڪندي آهي ۽ ماحول ۾ موجود مختلف جذبن جي عڪاسي به خوب ٿيل هوندي آهي، جيئن عاشقن جو پراڻو جذبو يا ڍونگ محبوب کي وڌيڪ دير پاڻ وٽ ترسائڻ جو هوندو آهي ۔۔۔ ڳالهين ۾ ڊيگهه پئدا ڪرڻ يا وري ساڳي ڳالهه کي ور ور ڪري چوڻ ۔۔۔ سائينءَ سيتائيءَ پڻ ان جذبي کي مٿين بند ۾ ڪيتري نه خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي واه سائين واه ۔۔۔ ڳاله دل سان لڳي ۔۔۔ بروبر ۔۔۔ ادا ممتاز، جيڪي قومون آزاد هونديون آهن انهن جا ادارا هر قسم جي انسان پئدا ڪرڻ جي ذميواري نڀائيندا آهن۔ جامعات ۽ ٻيا تعليمي ۽ تربيتي ادارا ان ڳالهه جو خاص خيال رکندا آهن ته قوم کي ڪهڙي قسم جي ضرورت آهي ته ان قسم جي هنرمندن جي ڪفالت ڪري قوم جون ضرورتون پوريون ڪندا اهن ۔۔۔ پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان خصوصن سنڌ ۾ ان قسم جو خيال ڪرڻ به چريائپ جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته اسانجا ادارا اهڙي قسم جو ڪردار نڀائن۔ هٿ مٿي آهن، رب ۾ اميدون آهن ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار او يار!