کوکلا لفظ ھِن شاعري ڪٿي آهي! ساجد سومرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    غزل
    کوکلا لفظ ھِن شاعري ڪٿي آهي!
    دردَ ئي دردَ هِن زندگي ڪٿي آهي!
    ڌُنڌ جي ڌُوڙ ۽ آ ڌُڌڙ اکين ۾ ڪا؛
    ترورا هن رڳو روشني ڪٿي آهي!
    هو به واعظ وڏو ئي ته ڪو منافق آ
    پاڻ لئه ڪا مگر سادگي ڪٿي آهي!
    هوءَ اچي ٿي ته بس دردَ ئي وڌائڻ لئه؛
    ٿي ملم ۽ پٽي درسني ڪٿي آهي!
    دل اداس اک اداس ۽ اداس آ ڌرتي؛
    بس بُکُون ديس ۾ڪاخوشي ڪٿي آهي!
    زخم آهي وڏو ڪو مليو اوهان کان اڄ؛
    دوستي ئي ته آ - دشمني ڪٿي آهي!
    شامَ آ جامَ تي جام آ -' نظر ۾ ھُو:
    خود خدا ئي ته آ بيخودي ڪٿي آهي!
    پاڻ کي پاڻَ ٿا روز روز پيئون ڄڻ:
    وقت جو آ ستم مئڪشي ڪٿي آهي!
    ھاءِ! دار و رسن رسم ئي ته آهي ڪا :
    عشق آ خودڪشي؛ دل- لڳي ڪٿي آهي!
    هي ته ڪلمو پڙهي آدمي ڪُهي ٿو پيو:
    هي ته جلاد آ مؤلوي ڪٿي آهي!
    بيخوديءَ ۾ لکيل
    پروفيسرساجدسومرو
     
    ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو