غزل دل جي رولاڪي هئي ؛ لامڪان جو هَو سفر! دل هوا تي هئي سوار ؛ خود خلا هئي دربدر! شاھِ - ايران ڪانَ هو ؛ ڪا هئي خانم گگوش: ديس فردوسي هيو ؛ ٿيو خميني بي- اثر! مان هُيس يا ڪينَ هُس ؛ ڪو پتو ناهي پرين! تون هئين ۽ تون هئين ؛ تون هئين بس سربسر! ويدَ ئي بس ويدَ ھا ؛ سنڌ هئي ساڌو هيا: ڪينَ ڪو سامي هيو ؛ ها دراوڙ رات - ڀر! ڪهڪشائون ساڻ ھُون ؛ ڪائناتون ساڻ ھُون؛ بس خلا تي پَيرَ ھا ۽ هوا هئي همسفر! مان عدم کان هُس اڳي؛ مان عدم کان پوبه هان؛ سمنڊُ هَو هڪ هم - عُمر ؛ وقت هو ٻيو همعَصر! بيخوديءَ ۾ لکيل پروفيسرساجدسومرو