رات تاريخ سان ٿي ملاقات هئي! ساجد سومرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    غزل
    رات تاريخ سان ٿي ملاقات هئي!
    ڪلھ وڳھَ ڪوٽ تي ڪا لٿي رات ھُئي!
    ڀينڊَ - ڀترَ - پئي ؛ ڳالھ مون سان ڪئي؛
    سا به تاريخ هئي ؛ جا به کنڊراتِ هئي!
    کيرَ - ڌارا هئي ؛ ڪهڪشائون هيون:
    ڄڻ دفن ٿي هتي ؛ ڪائي ڪائناتِ هئي!
    ڄڻ ته تاريخ ڀي ؛ شطرنجي راند هئي:
    جِيتَ هُئي هارَ هُئي ؛ شَھَ هُئي ماتِ ھُئي!
    هي جو اتھاس ھَو ؛ وقتَ جِي ھَو نَدِي :
    هر صدي جي الڳ ؛ ڪا نئين لات ھُئي!
    ويا ڇڏي هي جُهڳي ؛ چار ' داڻا چُڳي:
    پرھَ جا ھا پکي ؛ برھَ جي بات ھُئي!
    پروفيسرساجدسومرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو