سنڌ جِي تاريخَ هُئي ؛ ناءُ جَي ڄڻ وَنجَھ ۾!

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2022۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    غزل
    سنڌ جِي تاريخَ هُئي ؛ ناءُ جَي ڄڻ وَنجَھ ۾!
    ڪالڪان ديوي نه هئي ؛ نَينهَن جَبَلَ جِي هَنجَ ۾!
    تون نه روهڙي چئه ميان! ھي ازل جي آ اروڙ ؛
    ساڌَ - ٻَيلي جو عروج : آ سَتين جي اَنجَھَ ۾!
    ڪونڀٽن جا ڪوٽ سڀ ۽ ٿرن جون ھُو ڀِٽون:
    زِيرِ ۽ ڪائي زَبَرَ : شاھَ جَي ڄڻ گنجَ ۾!
    ڪهڪشائون ٿيون لهن ؛ ڪائناتون ٿيون اچن:
    ھُو رنيءَ جو ڪوٽ ڏس! رات کان اڳ سَنجَھ ۾!
    دل رُئي ٿي شام جو ؛ دل رڙي ٿي رات جو:
    آ سڄي مڪلي اداس ؛ ڄڻ ٺٽي جي رنجَ ۾!
    سمجهاڻيون=
    ڪالڪان ديوي ۽ نَينهن جبل = اروڙ جا تاريخي ماڳَ
    ساڌُو ٻيلو ۽ سَتين جو آسٿانُ = سکر جا تاريخي ماڳَ
    وَنجُھ = ٻيڙيءَ يا ناءُ کي هلائڻ لاء ڪاٺيءَ جي لٺ يا ڇڙھَ/ هٿڻُ
    انجُھ = ڳوڙهو
    پروفيسرساجدسومرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو