واعدو ڪجي نه جيڪڏهن ڪنھن سان ڪجي ته وفا ڪجي ڇو ته ڪو واعدي تي ويھي انتظاري ۾ رات ساري گذاري ڇڏيندو آهي واعدو ڪنھن معمولي شئي جو نالو ناھي واعدو اعتبار جي مضبوط جڙ ھوندو آھي محبتون پيار اعتبار جي نازڪ ريشمي ڌاڳن وانگر خوبصورت ھوندا آھن جنھن کي اُلجھڻ کان بچائڻ لاءِ واعدا وفا ڪجن، اُن دل تان ڇا گذرندو جنھن سان ڪو واعدو ڪري وڃي ۽ واپس نه وري؟