غزل

فياض منصور

سينيئر رڪن
هوِشَ پنهنجا مون وڃايا ها ڪٿي ؟
نيڻ نيڻن سان ملايا ها ڪٿي ؟

اوچتو هي ڇو ڪڪر ڀرجي لٿا ؟
وار اُس ۾ تو سُڪايا ها ڪٿي ؟

رات جو تنها رلي رستن مٿان،
شهر جا ماڻهو کلايا ها ڪٿي ؟

تو جيان هو اوچتو آيا هئا،
شعر هٿ سان مون بڻايا ها ڪٿي ؟
 
Back
Top