• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر يمن ڪلياڻ ٽي سٽا بيت

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سر يمن ڪلياڻ ٽي سٽا بيت
رسالي غلام محمد شاهواڻي
تحقيق و ترتيب صراط بلوچ
ٽي سٽا بيت 86
1
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا،
جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾، آزَارَ جا اَنوا،
صاحبَ! ڏي شَفا، مِيان! مَرِيضَنِ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-1
2
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دردَ جو دارُون،
دوا آهِنِ دِلِ کي، تُنهنجِون تَوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، جِيئن ٻُڪِي ٻِئَنِئُون نه ٿِئي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-2
3
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُنهِين ڊَٺَنِ ڊبُّ،
تُون ڏِين، تُون لاهِين، تُونهِين هادِي ربُّ،
آهِمِ اِيُ عَجَبُ، جِيئن وارِيو ويڄِ وِهارِيين.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-3
4
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَرِدَنِ،
تُون ڏيين، تون لاهِيين، ڏاتَر! کي ڏُکَندَنِ،
تَڏِهِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِهِين اَمُرُ ڪَرِيو اُنِ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-4
5
هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻِي، دِل ۾ ڌِيرِي دانهن،
ڪُڇان تان ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئون نه سهان
ڪنهن کي اِيَ چُوان، ته مُون کي مارِيو سَڄَڻِين.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-7
6
هَڻُ حَبِيبَ! هَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَهِي ٻاڻُ،
ماڳِهِين مُون مِنهُه ٿِئي، جُهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِن پَرِ ساڄَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-8
7
رَهِي اَچَجي راتَڙِي، تَنِ واڍوڙِينِ وَٽاءَ،
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهاران گهاءَ،
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-13
8
سَدا آهي سُورَ جِي، واڍوڙِيَنِ وائِي،
جيڪا اٿنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نه سائِي،
اَوڙَڪِ اُهائِي، ڳولِيو لَهَنِ ڳالَهڙِي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-17
9
سدا آهِ سُور جِي، رَنجُورَنِ رُڻڪَ،
ڪِهه جِهه ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ چُڻَڪَ،
اِنَ ڀلارِيءَ ڀُڻڪَ، هيڪَرَ حُضُورِي ڪيا.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-20
10
آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجون جي هارِينِ،
آڻيو آبُ اَکِيَنِ ۾، ڏيہَ کي ڏيکارِينِ،
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نَڪِي رُوئنِ نه چُونِ ڪِي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 1-21
11
تَنَ طَبِيبُ نه تُون، سُڌِ نه لهِين سُورَ جِي،
سانڍِ پنهنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَ گُهرجي مُون، حَياتِي هُوتَنِ ري.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 2-1
12
ويڄَنِ ويٺي ئِي، دوسُ پيهِي دَرِ آئِيو،
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَّ ڪَرين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجيبَ جي.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 2-11
13
وَڍي جِنِ وِڍِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِيا،
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ،
هِينئَڙا! تَنِين پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿِيين.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 2-12
14
دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪِيا ويڄَ مون!
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھه جِي، نِهاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَهَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکَندو ڏُورِ ٿِئي.
ٽسٽ سورٺو ميل( سورٺو وچ دوهو) يمن 2-18
15
هَيءِ! هَيءِ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ مَحَبُوبَنِ جِي،
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ ٻَري باهِ،
پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهِ نه وِسَهو!
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-1
16
هيءِ هيءِ! وَهِي هُوءِ، مَنَ ۾ مَحَبُوبَنِ جِي،
جِيرا جوش جلائِيا، بُڪِنِ مُڪِي بُوءِ!
اَچِي پَسو رُوءِ، جي ويساهِ نه وِسَهو.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-2
17
ڪانڊين، ٽانڊين، ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي!
جيرا، جِگَرَ، بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئِي!
ويڄَنِئُون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-3
18
سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻَنگا ٻاڻُ ڀَري،
وِيو وَجُودان نِڪَرِي، ڪَڙَڪَڙَ ڪانُ ڪَري،
پُڇو پيرَ ڀَري ته ڪِ ٺَرئو هَٿُ حَبِيبَ جو.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-5
19
سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، سِيڱَ مَنجهان سِيلو،
ٽِنگُرُ ٽِڪِيو ڪِينَ ڪِينۡ، پارِ لَنگهيو پِيلو،
هَڻَڻَ سِين حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِيو!
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-7
20
ڌڳايومِ ڌئِين، ڄِيرو اندرِ ڄِندَڙي!
لڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندِي نِينهن نَئِين!
مُشاهدي تَهِين، مون کي وِڌو مَچَ ۾!
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-8
21
پُڇُ پَتنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِيو وَجهَنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنهنجو جي،
جيري جَنِين جي، لَڳا نيزا نِينهن جا!
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-9
22
پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، ته اَچِي آڳِ اُجهاءِ!
پَچَڻَ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-10
23
پَتنگُ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پَئُو ڄاڻِي!
تان تان تاڻِج توَ ڏي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي!
وَسِهُه وِهاڻِي، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-11
24
پَتنگُ چايينِ پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ،
سَهائِيءَ سُپيرِينِ جِي، گِهڙَ ته ٿِيين گهوٽُ!
اڃان تون اَروٽُ! کُورِي خَبَرُ نه لهِين.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-12
25
پُرِي پَتَنگَ آئيا، مِڙِي مَٿي مَچَّ،
اوڏا ٿِيا آڳَ کي، سَڙيا مَٿي سَچَّ،
سندا ڳِچِيُنِ ڳَچَّ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-13
26
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سَري وَٽِ ساهي،
اَچِي پِيا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاهي،
لاڳاپا لاهي، کاڻا کُورِي وِچ ۾.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-14
27
پَتنگَنِ پَھ ڪِيو، مِڙِيا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَهسَ نه لِچِيا، سَڙِيا مَٿي سَچَ،
سندا ڳِچِيُنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-16
28
چڙِهِيو چڪاسِنِ چاءِ، آڳِ ٻَرندي آئِيا،
وِهُسَنِ واڙِيِ ڦُلَ جِئِين مَحَبَتِي مَچَ لاءِ.
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کوُري وِچَ ۾.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-17
29
اڃان تَنُوراءِ، ڪالِھ ڪَڍِياسون سَڄَڻين،
پُڻِ تايائون تَڪَڙو، وَحَدَتَ جِي وَڌاءِ،
مَحَبَتِيَنِ مَٿاءِ، مَچُ مُورائِين نه لهي!
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-19
30
ڌنءُ ڌنءُ ڌَمَڻَ وارَ، اَڄ پُڻِ آڳَڙِيَنِ جِي،
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا! ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڻِيُون ٿِئي.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-21
31
ڌُوڌا! تون نه ڌَئِين! آڳِ اوڏو نه وَڃِين!
اُلا جي عِشَقَ جا، سي تان تون نه سَهِين!
اُڀو اِئين چَئِين، ته آئون آڳَڙِيو آهيان!
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-22
32
هَيءِ! ٻَرِ! اَڱارَنِ، ٻَڏاهِين ٻَرَن جي،
هِڪَڙا کُوري کانئِيا، ٻِيا ڌُوڌي مَنجھَ ڌڳَنِ،
پاڻا! لُهارَنِ، ميڙي رَکِيا مَچَ لَئيِ.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 3-25
33
ڪَٽُ ڪَڙهي، لوهُ ٻَري، ڌُوڌا جِتَ ڌڳَنِ!
مُتَرِڪَنِ مُنهن ڪَڍِيا سانداڻِيون سَڪَنِ،
اَڄُ پُڻِ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آهي مَچَ تي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 3-29
34
ايڪ پِيالو! ٻه ڄَڻا عِشَقَ نه ڪَري اِيَّ!
ليکِيا جي لِکَڻَ ۾، سي قُرَبِ رسندا ڪِيَّ؟
هُئڻَ ڪِيا هِيَّ، وانجِيا، پَسُ! وِصالَ کان.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو، اڌ سورٺو)يمن 4-1
35
ايڪ پيالو! ٻه ڄَڻا! عِشَقَ نه اِيئن ڪَري!
آٽِي سي ايڪ ٿِيا، جي گَتا نِينهن ڳَري،
دُئِي ڌارَ ڌَري، جُه خُلَتَ خَنجَرُ آئِيو.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو، اڌ سورٺو)يمن 4-2
36
هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانهنجو،
پُوڄَ پِيارِجِ پَنهِيَڙا، وِيندا وَٺِيو ڪَنڌِ،
ته هَٽَ تنهنجي هَنڌِ، موکِي! ڪو مانُ لهي.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)يمن 4-7
37
هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانهنجو،
وَٽِي واٽاڙُئَنِ کي، تان پياري پَرَکُ،
سالِکَ لَهي ٿِي لَکُ، جا تو ايندِي اُنِ سين.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)يمن 4-8
38
گهَٽَنِ ۾ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيوُن پِيَنِ وِهَ گاڏِيُون،
بَر خِيز بِده ساقِي! پيار کي پَرِين،
پِڪين نه پَرَچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)يمن 4-9
39
وِجِهجَ واٽاڙُئنِ تي، ميخاني جِي ماڪَ،
ٿِيندِي سَڌِ سَڀَ ڪِنهن، هَنڌِ هَنڌِ پُوندِي هاڪَ،
پرَهَ جا پِياڪَ، جُه سي اَڱَڻِ آئِيا.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو، اڌ سورٺو)يمن 4-11
40
سَري ڪِينَ ڪَيونِ، ويڻَ موکِيءَ جي مارِيا!
ڪوجو سُخَنُ ڪَلالَ جو، پِتي تي پِيُونِ!
تِهان پوءِ ٿِيونِ، مَرَڻُ مَتارنِ کي!
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)يمن 4-16)
41
ڪَنڌِ ڪَٽارو، مُنهن وَٽِي، عادَتَ جَنِين اِيَ،
تَنِين تِڪُون ڏِٺِيون، جُنبِي مَنجَهان جِيَ،
سَرو تَنِ سَبِيَ، جَنِ حاصُلُ ڪيو حالَ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو، اڌ سورٺو)يمن 4-18
42
موکِيءَ مَٺو نه گُهرِيا، وِهَ نه وِهاٽِيا،
سُرَڪِيءَ ڪاڻِ، سيد چَئي، اُتي ٿي آٽِيا،
جي ڳالِهيَنِ ڳنڱاٽِيا، تَنِ بَٺَنِ پاسي بُٺِيُون.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو، اڌ سورٺو)يمن 4-19
43
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙَ، ڪنهن پَرِ ڪَلاڙَنِ سين!
ڪاتِي ڪَرَٽُ ڪَپَارَ ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙَ!
مَرڻان مُنهن مَ موڙَ، وَٽِي ٿِي وَڌِ لَهي!
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو)يمن 4-20
44
موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، سويرا صُبوحَ،
اُچي جِي عبدالطيف چَئي، باسَ نه پُهِتِئِي بُوءِ،
ڪَڙو جي ڪَڪُوهِ، ته به وَٽِ سِرَ گُهرَنِ وَٽِيون.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو، اڌ سورٺو)يمن 4-25
45
صوفِي سالِمُ سي وِيا، جي اَڪَثَرَ سين اَڏيارَ،
بازِي بازِندَنِ کي، آهي اَويسارَ،
پِرِيان سين پَهڪارَ، رِنديءَ رَساڻي ڪِيا.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-1
46
صوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئن رَڳُنِ ۾ ساهُ،
سا نه ڪري ڳالهڙي، جيئن پريون پروڙي پساه،
آهِس اِيُ گناه، جي ڪا ڪَري پَڌري.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-2
47
صوفي لا ڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ،
منجهيان ئي مَنجھهِ وڙهي، پَڌر ناهِس پِيرُ،
جنين ساڻُس ويرُ، ٿئي تنيِن جو واهَرُو.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-4
48
جي ڪُلاهَ رکِين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالِمُ ٿِي،
وِهَ وٽي هَٿِ ڪري، پُرِ پيالو پي،
هَنڌُ تنيين جو هي، جن حاصل ڪيو حال کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-7
49
ظاهِرَ ۾ زانِي، فِڪَرَ مَنجِھه فَنا ٿِيا،
تَنِين کي تَعلِيمَ جِي، ڪُڙِه اَندِر ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِيائون دِلِ ۾.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 5-16
50
جَنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهَنِّ،
فِڪر ڦرَهي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنِّ،
پَنو سو پڙهنِّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-17
51
سا سِٽَ سارِيائُون، اَلِفُ جِنَهن جي اَڳَ ۾،
“لا مَقَصُوۡدَ فِي الدَّارَيۡنِ” اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سوٺائُون، ٿِيا رَسِيلا رَحۡمانَ سين.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 5-18
52
اکرَ پَڙِهِي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿِئين ڪِياءِ؟
ڀيرِئِيين ۽ ڀانِئِيين، ايڏا اِيءَ نه آءُ!
اِنَ سُرَڪِيءَ سندو ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-21
53
پَڙهِيو پَڙهيجاهُ، سَبَقُ اِنَهِين سُورَ جو،
مِيمُ رَکِجاهُ من ۾، اَلِفُ تنهن اڳياهُ.
چِتان چوريجاهُ، اِها لاتِ لَطِيفُ چَئي.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 5-28
54
تِهَڙا چالِيها نه چالِيهَه، جِهَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
ڪِهَڙِي ڪاتِبَ! ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيهَه،
جي وَرَقَ وارِين وِيهَه، ته اَکَرُ اُهو ئِي هيڪَڙو.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 5-33
55
تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجِرو، ڪِيَمُ چالِيها رَکُ،
ڪوهُ نه پُوڄيو پُوڄِئين، اَٺَئِي پَهَرَ اَلَکُ؟
تان تُون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪِنهن ڏانهن سامَهُون.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-34
56
سَڀَڪِنهن ڏانهن سامَهُون، ڪو هَنَڌُ خالِي ناهِ،
اَحَدا جي اَرَکَ ٿِيا، سي ڪانئِرَ ڪِبا ڪانهِه؟
مُحِبَ مَنجِهين مَنَ ماہِ، مُون اَڄاڻِنديءَ اُجِهيو.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 5-35
57
او قابِيلَ! اَکِيُنِ ۾، توکي بارِي بانَ،،
اُڀو اَڳَرايُون ڪَرين، ماڳِ هَڻِيو مَستانَ،
جانِبَ! تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سِين ايڏا ڪَرِين!
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-3
58
او قابِيلَ!اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ،
ساجَنَ! اِنَهِين سِيڱَ سين، ڦَٽِييءِ گهڻا فَقِيرَ،
ٻيو مَ مارِج مِيرَ! تنهنجو پِهرِيُون ئِي پورو ٿِيو.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-4
59
او قابِيلَ!اَکِيُن ۾، تِيرَ تِکا توکي،
ساجَنَ اِنِھين سُورَ جِي، ڪَلَ نه آ ڪِنهن کي،
مارِين ٿو مُون کي ، چاڙهي لوهَ لَطِيفُ چَئي
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-5
60
جي هُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ ڏيجُ،
مُنهن ۾ مَعشُوقَنِ جا، چاڪَ چَٽَڪا چَکُ،
سورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ ته اُبَهِين.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-7
61
جي هو پائيِن ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپرَ ڏيج،
منهن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿي جهليج،
پاهان پڳَ مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿيُ ته اُبهيِن.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-8
62
مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، عاشِقُ! ٿِيءُ اَچامُ،
سامُهان! سَلَ سَيِدُ چئي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَهِجِ ڪومَ ڪَلامُ، جِمَ دوسَنِئُون دُورِ ٿِيين.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-13
63
مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، اَچِي پيرَ پِيانِ،
سِرَ وَڍَڻُ، ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِيءُ سِينگارَ سَندانِ
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا مَحبُوبَنِ لَئي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-14
64
مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪِنگِرين متان ڪُڇِيين ڪَٽُ!
عِشَقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-15
65
مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو سانَگُ مَ ڪَرِ،
لاهي سِرُ لطيف چَئي، دوسَتَنِ اَڳِيان، ڌَرِ،
عِشَقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-16
66
مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو ڪرِ مَ سانگُ،
سُورِيءَ سُپيرِينِ جي، چڙهُ ته ٿِئين چانگُ،
عِشَقُ آهي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-17
67
مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُو ڪاهي،
ڇَڏِ آسانگا اَرواحَ جا، لاهُوتِي! لاهي،
عِشَقُ نانگُ آهي، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 6-18
68
عِشَقَ نه آهي رانَدِ، ته ڪي ڪَنِسِ ڳِڀرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي جو هيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ ته اَڌَ ٿئي.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 6-19
69
عاشِقَنِ اَللهُ جِي، سَدا وائِي واتِ،
فَاذۡڪُرُوۡنِيۡ اَذۡڪُرُڪُمۡ، تَنَ ۾ اِها تاتِ
اِن کان ڪابه ساعَتِ سَڄَڻُ ويلَ نه وِسَري.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 7-2
70
عاشِقَ اِيئن نه هُونِ، جيئن تون سَڄي اَڱَڙين،
وَڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي، رَتُ ڏِهاڻِي رُون،
ٻِيءَ پَرِ ڪنهن نه پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 7-5
71
جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينهن جِي،
سائو مُنهن، سُونِهن گَئِي، سِڪَڻَ اِيءَ شَرَطُ،
نَڪِي گوڏِ گَرَتُ، مٿان سَرَ سودا ڪري.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 7-6
72
اَڃا تو مَنجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪري!
مُنهن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئن جَهلِيندِين گهاءَ؟
سو تُون ڪُڄاڙِياءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين؟
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 7-7
73
سِڪَڻُ اِيءَ نه سَڌَ، جِيئن لِڪَيو لِياڪا پائِيين،
پَئِي پِرِيان جي نه ٿيين، مَٿي اڱڻَ اَڌَ؟
اِيءَ پُڻَ ڪوڙِي سَڌَ، جِيئن کِلڙيو، کايو سُمَهِين.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 7-9
74
سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اَکَرِ هيڪَڙي،
وِهَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪارَڻُ ضَرورِي،
ٻِنهِين جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني رِيءَ نه ٿِيي.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) يمن 7-10
75
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهجِ سيرُ،
اَچِي پُڇندُءِ پاڻَهِين، پِرتان ڀَري پيرُ،
ڀلائِيَنِ سندو ڀيرُ، رَهبَرُ ٿِيندُءِ راهَ ۾.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 7-13
76
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهجِ دَرُ،
اَچِي پُڇندُءِ سُپِرِين، لَهندُءِ سَرَ سَڀَرُ،
ڀَلائِيءَ جو ڀَرُ، رَهبَرُ ٿيندُءِ راهَ ۾.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 7-14
77
عاشق! مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُڪاڻُ،
پَئِج پيشِ پِريُنِ جي، پَٽِيءَ وِجِهي پاڻُ،
ته تون تِنين ساڻُ، سدا رَهِين سُرخُرُو.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 7-15
78
عاشِقَ! مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهجِ گَهٽُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، موکِيءَ سندو مَٽُ،
ڪري سِرَ جِي سَٽُ، پيِجِ ڪي پِيالِيُون.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 7-16
79
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويهَجِ رَندُ،
پِيارِيندئِي، پاڻِهين، ميخاني جو مَندُ،
ڪِيمَ ڪَڍِجِ تون ڪَنڌُ اوڏو ٿِي اُنِ کي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) يمن 7-17
80
سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِين سُورَ سَڃَ ڪِي،
جو لِکِيو هُتِ لَطِيفُ چَئي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جي نوازِيا نَصِيبَ، دارونءَ سي دُرَسَتُ ڪِيا.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ديمن 8-4
81
جيڪِي ڏِنائُون سو سَڀوئِي صِحتَ،
مَ چئو آزارُ اُنَ کي، مَ ڪِي مُصِيبَتَ،
ڪُهَڻُ قرِيبَتَ، جو ڪوٺَڻُ پَرِ پريَنِ جِي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ديمن 8-10
82
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين،
جي ھو اَوڳُڻُ ڪَنِئِي، اَسُونهِين! ته تُون ڳُڻانئِي ڳِنُ،
پاندُ جَهلِيو تون پِنُ، هِنَ سُونهاري سَڱَ ۾.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ديمن 8-11
83
هُو چَوَنِئِي تُون مَ چَئو، واتان ورائي،
اَڳُ اَڳَرائِي جو ڪري، خَطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِي.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ديمن 8-17
84
هو چَونِئِي تون مَ چئو واتان وَرائي ويڻُ،
سَڀَنِي سين سيد چَئي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،
کانڌِ وَڏِيائِي کيڻُ، ڪِيني منجهان ڪينَ ٿِيءَ.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ديمن 8-18
85
سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سين، ورائجِ مَ وَرِي،
هادِيءَ جِي هدايتَ جِي، آهي اِيءَ ڳَرِي،
تَنِ سَڄِي ساهِ سَرِي، جَنِ مارِيو نَفَسُ ماٺِ سين.
ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) ديمن 8-20
86
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُهُون،
ڪا مَتِ قِيمتَ جَهَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ ورائيجِ، ته سَڀَ دَرِ سُهاڳِي ٿيين.
ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) ديمن 8-21
 
Back
Top