سنڌي نثر جو برجستو نانءُ، ابراهيم لاشاري...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2023۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    سنڌي نثر جو برجستو نانءُ، ابراهيم لاشاري...!
    فقير محمد سنڌي.
    ڪوڙين ڪايائون تُنهنجون، لِکَن لَکَ هزارَ،
    جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،
    پريم! تُنهنجا پارَ، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
    ( شاھ لطيف )
    سنڌ علم، ادب واري دنيا ۾ ڪنهن به خطي کان گهٽ نه آهي.
    سنڌ ڌرتيءَ جو ساهتي پرڳڻو وري علم ۽ ادب واري جڳ ۾ منفرد مقام رکي ٿو، هتان جي پڙهيل لکيل فردن
    دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي.
    اهڙو علمي ادبي سلسلو گهڻي وقت کان جاري آهي جنھن ڪري ساھتي پرڳڻي جي علمي ادبي شخصيتن پنهنجو الڳ الڳ ڪردار ادا ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۽ خطي جي خدمت ڪري علم ادب ۾ پاڻ موکيو آهي،جيڪو تاريخ ۾ شانائتو قدم آهي.
    اهڙن ڪردارن مان محمد ابراهيم لاشاريءَ ولد حاجي ڦوٽو لاشاري پڻ اهم ادبي شخصيت آهي. پاڻ ادبي نالي ۾ وري ابراهيم لاشاريءَ طور سڄي سنڌ جي ادبي دنيا جي نثر جي شعبي ۾نمايان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ابراهيم لاشاريءَ جي سڃاڻپ ۽ پيدائش :
    محمد ابراهيم لاشاريءَ جو جنم پهرين جنوري1976ع تي خميس ڏينهن وارھ تعلقي جي ڳوٺ ميد شھيد ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي هڪ معزز شخصيت جناب حاجي ڦوٽو لاشاريءَ جي گهر ۾ ٿي.
    تعليم ۽ تربيت جو سلسلو هيٺين ريت آهي :
    محمد ابراهيم لاشاريءَ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ميد شھيد مان محنتي استاد عبدالوهاب لاشاريءَ کان حاصل ڪئي، جنهن بعد 1987ع دوران ڇھون درجو وارھ ھاء اسڪول مان پڙهي پاس ڪيائين جتي کيس بھترين قابليت وارن استادن محمد صالح پتوجو ،محمد خميسو ميمڻ ، غلام علي سولنگي ، عبدالقادر شيخ (سائين نياز )گل حسن مير جت جهڙا استا مليس.
    جن جي تعليم ۽ تربيت جو اثر سندس شخصيت تي پيو تنھن بعد پاڻ وارھ لڳ کنڊو مان سال 1992ع تي ھاء اسڪول کنڊو مان مئٽرڪ جو امتحان شفيق استادن جي مهربانين سان جنهن ۾ استاد محترم رازق ڏنو ڀٽي ،نعمت الله ڪانڌڙو جي شفقت سان پاس ڪري، باقي تعليم انٽر ميڊئٽ گورنمينٽ سال 1994ع تي هائير سيڪنڊري اسڪول وارھ مان پاس ڪيائين. اڳتي تعليم جي پورائي لاءِ پرائيويٽ طور حاصل ڪئي، جنھن جو وجھ سندس خانداني غربت هئي.اهڙي طرح گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري سنڌي ادب ۾حاصل ڪيائين.

    ادبي شروعات :

    ابراهيم لاشاريءَ پنهنجي ادبي شروعات 1998ع کان ڪئي ننڍ پڻ ۾ سندس ڏاڏو مولانا رب رکيو لاشاريءَ کيس پنهنجي دور جون آکاڻيون (ڪهاڻيون)، مولود شريف ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي سميت بزرگن جي شاعري ٻڌائيندو رهندو هو، تنھن ڪري ڪجھ گهريلو تربيت، ڪجھ پڙهڻ دوران استادن کان مليل ڄاڻ ۽ وري ڪجھ جوانيءَ جي جنون ۾ اچي ڪري لکڻ پڙهڻ جي شوق جاڳيس جنھن جي ڪا حد ئي نه رھي بس قلم ھٿن ۾ کڻي ( شاھ سائين جي شاعريءَ منجھ پکين جو ذڪر) نالي عنوان سان ڪالم روزاني عوامي آواز۾ لکي ۽ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين جيڪو سندس جي شهرت جو سبب بڻيو.

    پيار جا سانگ سجايا آهن،

    ٻيا سڀ ڪم اجايا آهن.

    ابراهيم لاشاريءَ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا مڱر سال 2006ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 902اميدوارن منجھان نمايان نمبر حاصل ڪري ڪميشن مقابلي واري امتحان ۾سڄي سنڌ ۾ٻئين نمبر تي پوزيشن حاصل ڪري شاھ لطيف ڊگري ڪاليج قمبر ۾ سنڌي شعبي جو ليڪچرار مقرر پڻ ٿيو.

    خادم الفقراءُ :

    سندس طبعیت ۾ خانداني فقيراڻو مزاج شامل آهي، جنهن ڪري سندس جسم تي سادو لباس، ۽ عاجزيءَ سان ابراهيم لاشاري هر ڪنهن ننڍي وڏي سان هر وقت نياز، نوڙت ۽ اخلاق سان ملندي نظر ايندو آهي.

    ڇپيل مواد :

    ابراھيم لاشاريءَ جون لکڻيون ڪجھ هيٺين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن، جهڙوڪ

    سلسليوار پيج ميگزين (سنڌي ادب)، پندرهن روزه عبرت مئگزين، هفتيوار سنڌو ، سوڀ سنڊي مئگزين ، روزاني ڪاوش، روزاني ڪوشش روزاني سوڀ، روزاني ھلال پاڪستان، روزاني ارادو، روزاني جيجل روزاني سڪار، روزاني خبرون، روزاني وفاء سنڌ، روزاني پنهنجي اخبار،روزاني عين عبادت، روزانو نور سنڌ، روزاني آجيان، کان علاوه سنڌ مان نڪرندڙ تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾ شايع ٿيل آهن.

    اَڻَ ڇپيل ڪتاب :

    ابراهيم لاشاريءَ جو لکيل مواد ڪالم، مضمون، تحقیق ۽ ٻيو کوڙ سارو ادبي مواد پڻ موجود آهي، جيڪو مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهي پر ڪتابي صورت ۾ آيل ناهي، ان کان وڌيڪ سندس اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن ۾ ادبي نالن جا ادبي رنگ (تخلص) ۽ ڏاھا منهنجي ڏيھ جا (خاڪا) تي مشتمل ڍير سارو مواد ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.

    صحافتي خدمتون: محمد ابراهيم لاشاريءَ ادبي خدمتن سان گڏ صحافت جي دنيا ۾ پڻ پاڻ موکيندي مختلف اخبارن جھڙوڪ روزاني ڪوشش، روزاني سچ ،روزاني عوامي آواز،۾ وارھ شھر جو رپورٽر رھي چڪو آهي تنھن کان سواءِ ابراهيم لاشاريءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ وارھ جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت وارھ جو ميمبر ٿي رهيو آهي وارھ پريس ڪلب جو ميمبر، خزانچي پڻ رهيو آهي، اهو ئي جدوجهد جو بهترين سفر آهي جنهن کي لطيف سائين به هيٺين ريت پسند ڪري ٿو.

    ڏوٿي سا ڏورين، جا جوء سئي نه ٻڌي،

    پاسا مٿي پاھڻين، کاھوڙي کوڙين،

    وڄا اُت ووڙين، جت نھايت ناھ ڪا.

    ايوارڊ' بھترين( ٽيچر ايوارڊ) سماجي خدمتن طور شيلڊ پڻ ماڻي چڪو آهي ابراهيم لاشاريءَ پاڻ ھن وقت تعليم کاتي ڪاليج سائيڊ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب جو (سنڌي شعبي) اسسٽنٽ پروفيسر طور نھايت ايمانداري سچائي سان پنهنجو پڙھڻ پڙھائڻ وارو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي پياري ابراهيم لاشاريءَ جي اڄ نئين سال جي پھرين ڏينھن سال2023ع آچر ڏينهن (47) ستيتالھين سالگره جو ڪيڪ پنھنجي گھر وارن سان گڏ ڪٽي جنم ڏينهن ملھائيندو منھنجي ھن ناليواري واري ليکڪ ۽ بهترين دوست ابراهيم لاشاريءَ لاءِ دعائون تہ پاڻ سنڌي ادب جي جهول ڀريندؤ رھي ابراهيم لاشاريءَ جي محنت کي ڏسي اسان کي هي ڏس لطيف سرڪار جي هيٺين سٽن ۾ ملي ٿو.

    تتي ٿڌيء ڪاھ، ڪانهي ويل وهڻ جي،

    متان ٿئي اونداه پير نه لهين پرينءَ جو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو