سر يمن ڪلياڻ چار سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    چار سٽا بيت 13
    1
    ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱنِ ۾،
    مَحَبَتَ جي ميدانَ ۾، پِيا لالَ لُڇَنِ،
    پاڻهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ،
    وَٽان واڍوڙِينِ، رَهِي اَچَجي راتَڙِي.
    چسٽ سورٺو ميل (سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) يمن 1-12
    2
    سَگَهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گهايَلَ ڪِيئن گهارِينِ،
    پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارِينِ،
    پَرِ ۾ پَچَنِ پرينءَ لَئي، هَئي! هَنجُون هاريِنِ،
    سَڄَڻُ جي سارِينِ، تَنِ رويو وِهامي راتَڙِي.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) يمن 1-18
    3
    سَگَهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ٿا رُنڪَنِ رَنجُورِي،
    پِيا آهن پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
    لڳِيَنِ لَنوءُ، لطيف چَئي، سَدا جِي سُورِيِ،
    پِرتِ جَنِ پُورِي، تَنِ رويو وِهامي راتَڙِي.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) يمن 1-19
    4
    تڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گَهران ڪَڍِيو،
    چِڪِيا چاڪَ چِيهون ڪري، ڪَڙِيُون مورُ نه ڪَنِ،
    دوسَتَ جي دَرَسَن سين، پَئِي ٺارُ ٺَپَنِ،
    وِرِچِيو ويڄَ وَڃنّ، آءُ ته پِريم اُبَهان..
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) يمن 2-10
    5
    سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏِيءَ ڏيئِي،
    ڪانَ ڪَرِنگَھرُ ڪَپِيو پَکَنِ سِرِ پيهِي!
    جيرا جِگِرَ بُڪِيون، پساڙا ٻيئِي!
    ويڄَنِئُون ويئِي!ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو ميل) يمن 3-4
    6
    سَرَ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري،
    ڇِمَڪِيو سو ڇوهَ مان، ڪَڙَ ڪَڙَ ڪانُ ڪَري،
    جيرا، جِگَرَ، بُڪِيُون، لَنگهي پِيو پَري،
    لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻِيان، تِيرُ نه نِڪَري!
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) يمن 3-6
    7
    وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِيو،
    قَدَرُ ڪيفَ ڪلالَ جو، پِياڪَنِ پِيو،
    اَچَنِ دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌُ قَبُولُ ڪِيو،
    سَرها سِرُ ڏِيو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيد چئي.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو)يمن 4-21
    8
    وٽِ سِرَ گُهرَنِ وَٽِيون، ڌَڙُ سِرُ ڪِيَنِ ڌُڄَنِ،
    بَدان، شِينَ بُشنۡ، اِي پيالو پِرِيَنِ،
    اُچي جِي عبدالطيف چئي، وَٽِي وَڌِ گُهرِنِ،
    پِڪين نہ پَرِچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجھان.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو)يمن 4-26
    9
    جُسي ۾ جَبَار جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
    جَلي تون زبان سين، چارئي پهر چور،
    فِڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور،
    ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو ميل) يمن 5-8
    10
    جو مُون پَڙَهِيو پاڻ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو،
    پِهرِين سُڃاتُمِ پَنهنجي، نَفسَ جو نِهو،
    جِتِ عَرفانُ اَصُلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِيو،
    ورِي وَرَقُ پِيو، گَڏِيُمِ وَڍُ وِصالَ جو.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو ميل) يمن 5-25
    11
    اورِيائِين اَوڄُون ڪَري، مُنجهايا مُلَنِ،
    سي پِرِينئُون پاسي ٿِيا، ڳَههُ ڳَههُ ڳالهيون ڪَنِ،
    ساهِيانَ اوڏو سُپِرِين، لوچِيو تا نه لَهَنِ،
    دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئن
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو ميل) يمن 5-38
    12
    عاشِقَ! مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي،
    جِمَ ورچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسَتَ دَرِي!
    ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجَھ جِي، وِيندُءِ ٺَپَ ٺَرِي،
    اَسان تان نه سَرِي، تو ڪِيئن سَرِي سُپِرِين؟
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو ميل) يمن 7-12
    13
    اَڻَ چوندَنِ مَ چئو، چوندَنِ چَيو وِسارِ،
    اٺَئِي پَهَرَ اَدَبَ سين، پَرِ اِهائِي پارِ،
    پايو مُنهِن مُونَن ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
    مُفَتِي مَنجِهه وِهارِ، ته قاضِيءَ ڪانِيارو نه ٿِئين.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو ميل) يمن 8-23
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو