سر يمن ڪلياڻ پنج سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    پنج سٽا 3
    1
    جي ڀائِيين پرِينءَ مِڙان ته سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ،
    جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سُکُ نه سارِي راتِ،
    اُجهِي ٻُجهِي آئِيا، وائِي ڪَنِ نه واتِ،
    سَلي سُوريءَ چاڙِهيا، بَيان ڪَنِ نه باتِ،
    توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳِي سَلَنِ ڪِينَ ڪِي.
    پسٽ دوهو ميل(ٻه دوها اڌ سورٺو) يمن 2-9
    2
    جي تَتو تَنُ تنُورَ جِئِين، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
    آڻي آڳِ اَدَب جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،
    بُرَقئان اَندَرِ بازِيون، پنهنجون سَڀِ پَچاءِ،
    لُڇَڻُ لَنئون، لطيف چَئي، پَڌَرِ هَڏِ مَ پاءِ،
    متان لوڪَ لَکاءِ، وصالا وِچُ پَئي!
    پسٽ دوهو ميل(ٻه دوها اڌ سورٺو) يمن 3-18
    3
    هَرَ هَرَ هَرائِي، وَڃَڻُ دَرِ دوسَتَنِ جي،
    پاڙي ڏانهن پِرِيَنِ جي، اُجَھ(اُڄُ) مَ اَوائِي!
    اَلَڙُ ٿِي آڇِ مَ تُون، واٽاڙُنِ وائِي،
    لائيِندَءِ لَطيفُ چَئي، سوُران سَرَهائِي،
    ڳُجهو ڳالِهائِي، پِرَتِ وَٽَجي پاڻَ ۾.
    پسٽ سورٺو ميل( سورٺو دوهو ميل، دوهو، اڌ سورٺو) يمن 8-1
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو