ابراهيم لاشاري سنڌي ادب جو ھيرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2023۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ابراهيم لاشاري سنڌي ادب جو ھيرو ( پروفيسر عبدالفتاح سپرو) سنڌ سونهاري جي سرزمين نه فقط زرخيز پر مردم خيز به آهي جنهن ۾ صوفي، اديب، عالم، سگھڙ، صحافي، ليکڪ ريڊيو لسنر ۽ ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي. جن سرزمين سنڌ جي رهندڙ ماروئڙن سان ميٺ محبت، اخوت، همدردي، انسان دوستي جهڙا انمول سبق پئي سکاريا آهن، جن پنهنجي قلم جي نوڪ سان ستل قوم کي سجاڳ ڪيو آهي، اهڙن نامور انسانن جي جيتري واکاڻ ڪجي، منهنجي خيال ۾ ته اوتري گھٽ آهي. ڇو ته انهن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ڪري هر نئين ايندڙ نسل کي تعليم، تاريخ، ادب، هنر ۽ ٻين ڪيترن ئي شين سان نوازيو آهي. جڏهن کان ادب جي دنيا ۾ پير پاتو آهي ته تڏهن کان وٺي ڪيترن ئي نالي وارن ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ سگھڙن سان رابطا، ملاقاتون، ۽ ڪچهريون مختلف وقتن تي ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ته گھڻو ڪجهه پرايو به آهي.

    اڄ پهرين جنوري آهي، جيڪو هر سال جو شروعاتي ڏينهن ۽ شروعاتي مهيني طور سڃاتو ويندو آهي ۽ اڄ نئين سال جي اچڻ جي ڪري هر ماڻهو خوشگوار چهرن سان نظر ايندو، جيڪا انتهائي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته انسان جي چهري تي خوشين جي مرڪ سجايل آهي. اڄ پاڻ هڪ اهڙي نامور صحافي ريڊيو لسنر ۽ ليکڪ تي قلم هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جي پهرين جنوري جنم ڏڻ آهي، اهو نامور، اديب ڪالم نگار، ليکڪ محمد ابراهيم لاشاري آهي جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي انمول ليکڪن، اديبن،محققن ،تاريخدانن،مذھبي اسڪالڪرن، فنڪارن، سگھڙن، ۽ ڪيترن ئي شاعرن جي زندگي تي لکي انهن جي ڪردار کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، ناليواري ڪالم نگار، اديب ۽ ليکڪ ابراهيم لاشاري پهرين جنوري 1976ع تي ضلع قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي هڪ تاريخي ڳوٺ ميد شهيد ۾ معزز شخصيت حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو، والدين سندن ڇٽي جو نالو (محمد ابراهيم لاشاريءَ )رکيو، جڏهن ته پاڻ ادب جي دنيا ۾ “ابراهيم لاشاري” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، محمد ابراهيم لاشاري کي والدين پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي پنج درجا پاڻ پاس ڪيا. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وارهه تعلقي جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائون پر ڪن سببن جي ڪري اتان وري هاءِ اسڪول کنڊو ۾ منتقل ٿيو، جتان مئٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ استاد محمد صالح پتوجو ۽ استاد نعمت الله ڪانڌڙو استاد رازق ڏنو ڀٽي جي زيرشفقتن ۽ محنتن سان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو، 1994ع ۾ وارهه تعلقي جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ انٽر پاس ڪرڻ بعد هڪ ميڊيڪل اسٽور تي هيلپر طور ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق به پورو ڪندو رهيو، هن 1996ع ڌاري نصيرآباد جي ڪاليج مان بي اي جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. 1998ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ايم اي پاس ڪري ورتائين، يونيورسٽي ۾ پڙهندي کيس ادب ۽ صحافت سان تعلق جو شوق پيدا ٿيو ۽ ان وقت ئي صحافت جي دنيا ۾ پير پاتائون. جتي پاڻ وارهه اسٽيشن لاءِ روازني ڪوشش اخبار جو نمائندو مقرر ٿي وارهه تعلقي جي عوام جي دٻيل آواز کي اخبار ذريعي اعلى ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کان بعد ۾ هن مختلف اخبارن جھڙوڪ روزاني سچ ،روزاني عوامي آواز، روزاني عبرت روزاني تعمير سنڌ ۾ نمائندگي جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان اڳ ھو سال 1990ع ڌاري ريڊيو جي دنيا جو لسنر بڻيو ريڊيو جي معلوماتي پروگرامن سوچ ۽ لوچ , لوچين سي لھن ,پڇن سي پسن ,لطيف ڪوۂيز, پڙھو ۽ پرايو, کان سواء ريڊيو جي ھر پروگرام منجھ سندس جو نالو پڙھيو ۽ ٻڌو ويندو ھو پاڻ مسڻ ننڍي جي مشھور ريڊيو لسنر جناب مرحوم محمد انور مڱريو نوابشاه دوڙ جي مرحوم ناز طيب علي لاشاري سيتا روڊ رحماني نگر جي مرحوم مٺل اوڏ لاڙڪاڻي مان پرديسي دوست محمد لغاري ,خيرپور ناٿن شاھ کان تبسم خان محمد کوسو , نوابشاه دوڙ وفا دلمراد لاشاري , سچي بخش جاگيراڻي جي مرحوم ممتاز علي جاگيراڻي ڦلجي اسٽيشن جي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال کان متاثر ٿي ريڊيو منجھ بھرو وٺندو رھيو پسند جي پروڊيوسرن ۾ مرحوم آغا محمد علي پٺاڻ ,جناب ڪوثر ٻرڙو ,جھانگير قريشي , اعجاز وساڻ ,مشھد اوٺي ,وسند علي مھر خالد چانڍيو , پسند جي ڪمپيرن ۾ مشتاق مغل ,منور ڌاريجو ,غلام حسين منگي, مھر علي ھيسباڻي ,نظير سھتو, محمود سومرو ,اياز علي ميمڻ سھراب گوپانگ شامل ھوندا ھا. 15 کان مٿي ڪيترن ئي پروگرامن منجھ ڪڻا نڪتا پاڻ نندي ھوندي کان ادبي شوق ۽ ذوق رکندڙ شخصيت آھن پاڻ باضابطا طور لکڻ لاءِ قلم کڻي پھريون مضمون
    1999ع ۾ هن هڪ مضمون “ شاهه جي رسالي ۾ پکين جو ذڪر” جي عنوان سان لکيو جيڪو روزاني عوامي آواز اخبار ۾ ڇپيو، ان کان بعد مختلف موضوعن تي اڄ تائين مختلف موضوعن تي لکندو رهي ٿو، سندس اڪثر لکڻيون اديبن ۽ شاعرن ۽ مختلف شخصيتن تي جي زندگي سوانح عمري خاڪن تي هونديون آهن، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ابراهيم لاشاري کي تحقيق جي ميدان ۾ سٺو عبور حاصل آهي، سندس لکڻين ۾ پنهنجائپ، ادب سمايل هوندو آهي، ابراهيم لاشاري ادبي معلومات، ادب دوستي، عالمي ڏهارن، اهم شخصيتن ۽ صوفي منش انسانن جي زندگي تي لکڻ جو وڏو ڏانءُ حاصل ڪيو آهي، ابراهيم لاشاري جي تحقيقي، ترتيب ۽ مضمونن جو تعداد هن وقت اٽڪل پنج سؤ کان مٿي آهي، جيڪو ٿورڙي عرصي ۾ وڏو انگ آهي، ابراهيم لاشاري پنهنجي لکڻين کي سهيڙي “ڏاها هن ڏيهه جا” جي نالي سان ڪتاب پڻ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهي. پاڻ سنڌي ادب جي سونھن لاءِ اديبن شاعرن جي تخلص تي مشتمل ڪتاب (ادبي نالن جا ادبي رنگ)( تخلص) ترتيب ڏئي رھيا آھن پاڻ سال

    2005ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي سنڌي ادب جي ليڪچرار وارين پوسٽن ۾ ڪميشن ذريعي حصو ورتو، جنهن ۾ 902 اميدوارن حصو ورتو، ابراهيم لاشاري سموري سنڌ مان ٻئين نمبر تي پاس ٿيو، هو آگسٽ 2006ع ۾ گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر ۾ سنڌي جو ليڪچرار طور مقرر ٿيو، تنھن بعد ھو سنڌ جي تمام وڏي ڪاليج گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي سنڌي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو ھو تہ اوچتو سندس جي بدلي ڊگري ڪاليج نئون ديرو ٿي ٻہ سال لاڳيتا پاڻ اتي بہ نھايت ايمانداري سان پنھنجو فرض سرانجام ڏيندو رهيو. تازو2022ع تعليمي کاتي جي ڪاليج سائيڊ طرفان ابراهيم لاشاريءَ کي ليڪچرار منجھان اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي ابراهيم لاشاريءَ ھن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي۾ سنڌي شعبي۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي محمد ابراهيم لاشاري هڪ بهترين انسان هجڻ سان گڏ بهترين ادبي دوست،ليکڪ ،اديب ڪالم نگار، ريڊيو لسنر پڻ آهي. سندس سان ڪچهري دوران ويهڻ کان پوءِ اٿڻ تي دل ئي ناهي چوندي، سندس ڳالهين ۾ مٺاس ۽ پنهنجائپ سمايل هوندي آهي، سندس طبعيت ۾ سادگي شامل آهي، هو وڏائي کي ڪڏهن به پسند ناهي ڪندو، ادب جي دنيا ۾ کيس سٺي ڄاڻ آهي، پاڻ هميشه چهري تي مرڪ سجائي گهمندڙ محمد ابراهيم لاشاري سان کوڙ سان دوستن سان قلمي دوستي نڀائيندي نظر پيو اچي سندس جو اديبن عام ماڻهن لاء پيغام آھي تہ پنھنجي ٻارڙن کي پڙھايو وڌ کان وڌ ٻارن کي اسڪول،ڪاليج ، يونيورسٽيءَ منجھ داخل ڪرايو . محمد ابراهيم لاشاريءَ ھن وقت وارھ شھر کان لڏي پنھنجي ٻارڙن جي تعليم جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شھر جي سچل ڪالوني اچي وسائي آهي پاڻ پنهنجي اولاد پٽ علي ابراهيم لاشاريءَ نياڻين ۽ جيون ساٿي سان گڏ زندگي جا پل گذاري رھيو آھي منھنجي ھن اديب ليکڪ لاءِ دعا تہ پاڻ سنڌي ادب جي سونھن ۾ اضافو ڪندو رھي ھت اھو ٻڌائيندي وڏي سرھائي محسوس ڪري رهيو آهيان تہ محمد ابراهيم لاشاريءَ منھنجو ننڍي عمر کان دوستي ھلندي پئي اچي پاڻ گڏ کنڊوھاء اسڪول کان تعليم پرائي سين گڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيوسون ھن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ھڪ ئي سنڌي شعبي ۾اسسٽنٽ پروفيسر طور فرض سرانجام ڏئي رهيا آهيون . پروفيسر اسڪالر عبدالفتاح سپرو وارھ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو