شاهه جي ٻولي سبق 5 سوالن جوابن ۾

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شاهه جي ٻولي
    سبق چوٿون
    حصو پهريون
    موضوع؛ دوهو، سورٺو
    سوال
    سوال1؛ ٻہ سٽا بيت قافيہ مطابق ڪهڙن ڪهڙن قسمن جا هوندا آهن؟
    جواب؛ ٻہ سٽا بيت هيٺين قسمن جا هوندا آهن.
    1. دوهو
    2. سورٺو
    3. دوهو سورٺو ميل
    4. سورٺو دوهو ميل
    سوال2؛ دوهو بيت جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي.
    جواب؛ ٻن سٽن وارو اهو بيت جنهن جا قافيا ٻنهي سٽن جي آخر ۾ هجن ان کي دوهو چئبو آهي.
    مثال؛
    بيت
    نڪا ابتدا عبد جي نڪا “انتها”
    جن سڃاتو سپرين سي وڃڻ کي “وئا”.
    بيت
    چڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيُون “مَٺَنِ”،
    جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي “ڪَنِ”.
    سمجهاڻي
    پهرين بيت جا قافيا “انتها ۽ وئا” آهن، قافيو “انتها” پهرين سٽ جي آخر ۾ ۽ قافيو “وئا” ٻئين سٽ جي آخر ۾ آهي.
    ٻئي بيت جا قافيا “مٺن ۽ ڪن” آهن، قافيو مٺن پهرين سٽ جي آخر ۾ ۽ قافيو “ڪن” ٻئين سٽ جي آخر ۾ آهي.
    ائين هر اهو ٻن سٽن وارو بيت جنهن جي ٻنئين سٽن جي آخر ۾ قافيو موجود هجي اهو دوهو هوندو آهي.
    سوال3؛ سورٺو بيت جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي.
    ٻن سٽن وارو اهو بيت جنهن جا قافيا ٻنئين سٽن جي وچ ۾ هجن ان کي سورٺو چئبو آهي.
    مثال؛
    بيت
    اگهِي “اَگهائِي”، رَنجُ پِرِيان کي رَسِيو،
    چَکِيَمُ “چَڱائِي”، سُورانگَهي سُورِيءَ تان.
    بيت
    سُورِيءَ سَڏُ “ٿِيو”، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟
    وَڃَڻُ تَنِ “پِيو”، نالو نِيهُه ڳِنَنِ جي.
    سمجهاڻي
    پهرين بيت جا قافيا “اگهائِي ۽ چڱائِي” آهن، قافيو “اگهائِي” پهرين سٽ جي وچ ۾ ۽ قافيو “چڱائِي”؟ ٻئين سٽ جي ۾ آهي.
    ٻئي بيت جا قافيا “ٿيو ۽ پيو” آهن، قافيو “ٿيو” پهرين سٽ جي وچ ۾ ۽ قافيو “ٿيو” ٻئين سٽ جي آخر ۾ آهي.
    ائين هر اهو ٻن سٽن وارو بيت جنهن جي ٻنئين سٽن جي وچ ۾ قافيو موجود هجي اهو سورٺو هوندو آهي.
    سوال4؛ پدن مطابق دوهي جا قافيا ڪهڙن پدن ۾ هوندا آهن؟
    جواب؛ پدن جي حساب سان دوهي جا قافيا
    پهرين قافيو 2 پد جي آخر ۾
    ٻيون قافيو 4 پد جي آخر ۾
    سوال5؛ پدن مطابق سورٺي جا قافيا ڪهڙن پدن ۾ هوندا آهن؟
    جواب؛ پدن جي حساب سان سورٺي جا قافيا
    پهرين قافيو 1 پد جي آخر ۾
    ٻيون قافيو 3 پد جي آخر ۾
    شاهه جي ٻولي
    سبق چوٿون
    حصو ٻيون
    موضوع؛ دوهو سورٺو ميل ۽ سورٺو دوهو ميل
    سوال1؛ دوهو سورٺو ميل ڪهڙي بيت کي چيو وڃي ٿو.
    جواب؛ دوهو سورٺو ميل اهو ٻن سٽن وارو بيت جنهن جي پهرين سٽ دوهي جي ۽ ٻئي سٽ سورٺي جي هوندي آهي.
    سوال2؛ دوهو سورٺو ميل بيت جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي.
    جواب؛ دوهو سورٺو بيت ۾ ٻه سٽون هونديون آهن جنهن ۾ پهرين سٽ جو قافيو سٽ جي آخر ۾ ۽ ٻئين سٽ جو قافيو سٽ جي وچ ۾ ايندو آهي.
    بيت
    سُورِيءَ چڙهُڻ، سيجَ پَسڻُ، اِيُّ ڪَمُ عاشِقَنِ
    پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.
    بيت جا ڪافيا
    عاشقن
    پسن
    ڪافين جي جاءِ
    پهرين سٽ پد 2 جي آخر ۾
    ٻئين سٽ پد 3 جي آخر ۾

    سوال3؛ سورٺو دوهو ميل ڪهڙي بيت کي چئبو آهي؟
    جواب؛ سورٺو دوهو ميل اهو ٻن سٽن وارو بيت جنهن جي پهرين سٽ سورٺي جي ۽ ٻئي سٽ دوهي جي هوندي آهي.
    سوال4؛ سورٺو دهو ميل بيت جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي.
    جواب؛ سورٺو دوهي بيت ۾ ٻه سٽون هونديون آهن جنهن ۾ پهرين سٽ جو قافيو سٽ جي وچ ۾ ۽ ٻئين سٽ جو قافيو سٽ جي آخر ۾ ايندو آهي.
    بيت
    وڌو ڪيمَ وڻا، اونچا ڏوگر مَ ٿيو،
    پير نهاريان پرين جو، ٽمو مَ نيڻا.
    بيت جا قافيا
    وڻا
    نيڻا
    ڪافين جي جاءِ
    پهرين سٽ پد 1 جي آخر ۾
    ٻئين سٽ پد 4 جي آخر ۾
    سوال5؛ شاهه جي ڪلام ۾ ٻن سٽن وارا گهڻي ۾گهڻا بيت ڪهڙا آهن؟
    جواب؛ ٻن سٽن وارا گهڻي ۾ گهڻا بيت دوهو سورٺو ميل آهن.
    سوال6؛ شاهه جي ڪلام ۾ ٻن سٽن وارا ٻئين نمبر ته گهڻا بيت ڪهڙا آهن.
    جواب؛ ٻن سٽن وارا ٻئين نمبر تي گهڻا بيت سورٺا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو