شاهه جي ٻولي سبق 6 سوالن جوابن ۾

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شاهه جي ٻولي
    سبق 6 سوال ۽ جواب
    سوال1؛ شاهه جي رسالي ۾ آيل لفظ ڳالهه کي پراڻي سنڌي لکت ۾ ڪيئن لکيو ويندو هو؟
    جواب؛ پراڻي سنڌي لکت مطابق ڳالهه لفظ کي بغير “هه” جي “ڳال” ڪري لکيو ويندو هو.
    سوال2؛ ڇاپي رسالن مان ڪهڙن رسالن ۾ لفظ ڳالهه پراڻي لکت تحت نظر اچي ٿو؟
    جواب؛ ڇاپي رسالن ۾ هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ غلام محمد شاهواڻي “ڳال” پراڻي لکت تحت لکيو آهي.
    سوال3؛ ڳالهه سان وابسته ڪجهه ٻين لفظ جا مثال ڏيو جيڪي پراڻي لکت ۾ هه کان بغير لکيا ويندا هئا.
    جواب؛ ڳالهه سان وابسته هيٺيان لفظ هه کان بغير لکيا ويندا هئا معنيٰ پراڻي لکت ۾ هه حذف ٿيل هوندي هئي؛
    1. ڳالهه/ڳال
    2. ڳالهيون/ڳاليون
    3. ڳالهين/ڳالين
    4. ڳالهڙي/ڳالڙي
    5. ڳالهڙيون/ڳالهڙيون
    6. ڳالهڙيُنِ/ڳالڙِيُنِ
    7. ڳالهائي/ڳالائي
    8. ڳالهائيج/ڳالائيج
    بيتن جا مثال؛
    40
    اَحَدُ، اَحَمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
    آهي مُسۡتَغَرۡقُ، عالَمُ اَنِهِيءَ ڳالِهه/ڳال ۾
    يمن ڪلياڻ داستان 5
    38
    اورِيائِين اَوڄُون ڪَري، مُنجهايا مُلَنِ،
    سي پِرِينئُون پاسي ٿِيا، ڳَههُ ڳَههُ ڳالهيون/ڳاليون ڪَنِ،
    ساهِيانَ اوڏو سُپِرِين، لوچِيو تا نه لَهَنِ،
    دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئن
    سر يمن ڪلياڻ داستان 5
    19
    موکِيءَ مَٺو نه گُهرِيا، وِهَ نه وِهاٽِيا،
    سُرَڪِيءَ ڪاڻِ، سيد چَئي، اُتي ٿي آٽِيا،
    جي ڳالِهيَنِ/ڳالِيُنِ ڳنڱاٽِيا، تَنِ بَٺَنِ پاسي بُٺِيُون.
    يمن ڪلياڻ داستان 4

    18
    ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عينُ تَڙَڻُ آهِ،
    اِيءُ اُلٽڙي ڳالَهڙِي/ڳالڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ،
    آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنهَنِ (اُنِ) جو.
    ڪلياڻ داستان 3
    14
    ٻيڙِياتا! ٻئي، تو نہ ڦَٻَندِيُون ڳالَهڙِيُون/ڳالڙيون،
    سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي،
    صُباحَ سَڀيئي، پارِ پُڇَندَءِ خبرُون.

    18
    آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکَڙِيُون چَري،
    ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،
    اِنَ مَيي سَندِي ماءِ!، مُون کي ڳالهڙين/ڳالڙيُنِ ڳوڙَها ڪِيو.
    سر کنڀات داستان 2
    1
    هَرَ هَرَ هَرائِي، وَڃَڻُ دَرِ دوسَتَنِ جي،
    پاڙي ڏانهن پِرِيَنِ جي، اُجَھ(اُڄُ) مَ اَوائِي!
    اَلَڙُ ٿِي آڇِ مَ تُون، واٽاڙُنِ وائِي،
    لائيِندَءِ لَطيفُ چَئي، سوُران سَرَهائِي،
    ڳُجهو ڳالِهائِي/ڳالائي، پِرَتِ وَٽَجي پاڻَ ۾.
    يمن ڪلياڻ داستان 8
    5
    چَڱا چَنَڊَ! چَئيجِ، سَنِيها کي سَڄَڻين،
    مَٿان اَڱَڻِ اُڀَرِي، پِرِيَنِ جي پَئيجِ،
    جهِيڻُون ڳالهائيجِ/ڳالائيج، پيرين وِجهِي هَٿَڙا.
    سر کنڀات داستان ٻيون

    سوال4؛ شاهه جي ٻين اهڙن لفظن جي نشاندهي ڪيو جنهن ۾ پراڻي لکت ۾ هه حذف ٿيل هوندي هئي.
    جواب؛ هنن لفظ ۾ پڻ پراڻي لکت مطابق ل بعد آيل هه حذف ٿيل هوندي هئي؛
    ڪلهي ۽ ان سان وابسته لفظ
    1. ڪلهي/ڪلي
    2. ڪلهن/ڪلن
    3. ڪلهنئون/ڪلنئون
    ڪالهه ۽ ان سان وابسته لفظ
    1. ڪالهه/ڪال
    2. ڪالوڪو/ڪالهوڪو
    3. ڪالوڻا/ڪالهوڻا
    4. ڪالوڻي/ڪالهوڻي
    بيتن جا مثال
    1. ڪلهي/ڪلي
    2. ڪلهن/ڪلن
    3. ڪلهنئون/ڪلنئون

    24
    تُون سَپَڙُ، آئُون سيڪڙُو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏَڏُ،
    سُڻُي تنهنجو سَڏُ ڪُلهي/ڪلي پاتُمِ ڪِينَرو
    4
    جَنِين سُکُ ناهِه ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ،
    رُڃُنِ راهَه پُڇَنِ، مَٿي ڪُلهنِ/ڪلن ڪِينَرا
    پرڀاتي
    10
    وَحۡدَهُ جي وَڍِيا، اِلَا اللهُ سين اورِينِ،
    هِنيون حَقِيقَتَ گَڏِيو، طَرِيقَتَ تورِينِ،
    مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ،
    سُکِ نه سُتا ڪَڏِهِين، ويهِي نه وورِين،ِ
    ڪُلَهنِئُون/ڪلنئون ڪَورِينِ، عاشِقَ، عبداللطيف چَئي.
    ڪلياڻ 1
    بيتن جا مثال
    1. ڪالهه/ڪال
    2. ڪالهوڪو/ڪالوڪو
    3. ڪالوڻا/ڪالهوڻا
    4. ڪالهوڻي/ڪالوڻي
    5
    سوڍا! صبر تنهنجو، مومَلَ مَتِ ٿيو،
    تو جو ڪالهه/ڪال ڪِيو، تنهن مَدِيُونِ ميٽي ڇَڏِيُون.
    مومل راڻو 8
    7
    ميءِ هَٿَ ۾ مَڪُڙِي، ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ،
    سَڄو ڏينهن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهه/ڪال هُئو.
    ڪاموڏ 2
    30
    ڪالهوڪو/ڪالوڪو ڪاڏي وِيو، سَندو جوڳِينِ جوشُ،
    پَسِي تنهن پَٽَ کي، هَڏِ نَه رَهِيو هوشُ،
    آسَڻَ ۾ اَفسوسُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
    رامڪلي 1
    11
    لاهه مَ پَچارانِ، سُکِ مَ سُمهُه جندَڙا،
    ڪَرَ جهورِي ڪِيڻانِ، ڪالهوڻا/ڪالوڻا اَڄُ گَهڻِي.
    رپ 1
    5
    ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو،
    تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي،
    هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙهُ ڪالهوڻي/ڪالوڻي ڏينهن کي.
    سريراڳ 3

    سوال5؛ ڪالهه/ڪال لفظ جڏهن قافي طور اچي ٿو ته ان جي صورت موجوده هوندي يا پراڻي؟
    جواب؛ ڪالهه/ڪال لفظ قافيه طور جڏهن به استعمال ٿيندو آهي ته ان جي صورتخطي پراڻي لکي ويندي ۽ اچار پڻ پراڻي صورتخطي مطابق ڪيو ويندو. قافي واري جاءِ تي ڪال کي موجودهه صورت ڪالهه لکڻ صحيح نه هوندو.
    بيتن جا مثال
    ڪال قافيه طور
    19
    وڃِئِي وِسَرِي شالِ، جو تو سَودو سِکِيو،
    اَڃا آئٖين ڪالَ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنبهِين!
    سامونڊي 1
    20
    لَهَرِ مِڙوِئِي لالُ، وَهَڻُ کَٿُوران وِتَرو،
    اوٻَهارا عَنبِيرَ جا، جَرَ مان اَچَنِ جالَ،
    ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَ، سِڪَ پِرِيان جِي سُهڻي.
    سهڻي 5
    3
    جَنِين جهيڙِيو ڪَالَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
    هَئي تَنِين جي حالَ، جي جَماتِي يَزِيدَ جا.
    ڪيڏارو 4
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو