اخلاق باختا آڊيوز جي سيريز

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2023۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ملڪي سياست اخلاقي پستي ۽ تنزل جي جن حدن کي ڇهي رهي آهي انهيءَ تي بس ماتم ئي ڪري
    سگھجي ٿو.لڳي ٿو ته هاڻي نه رڳو سياسي ڌريون پر اصل مقتدر قوتون به پنهنجن حريفن جو مقابلو سياسي ۽ قانوني طور تي ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي ذاتيات ۽ نجي زندگين جي گندگين ۾ پنهنجا هٿ صاف ڪندي نظر اچن ٿيون.ڪنهن به ترقي پسند ۽ مهذب معاشري ۾ اختلاف نه رڳو جائز پر ضروري هوندو آهي پر اسان جي سياسي ماحول ۾ اڄ ڪلهه جيڪي ڪجهه ميڊيا ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهيو آهي،اهو نه ته ڏسڻ جهڙو ۽ نه ئي وري ٻڌڻ جهڙو آهي.هڪ ٻئي کي وچ چوراهي تي اگھاڙو ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ نسل کي پڻ اهو سيکاريو پيو وڃي ته اها ئي اسان جي تهذيب ۽ ثقافت آهي.ان سموري صورتحال ۾ اسان هڪ ڳالهه ته ثابت ڪري ڇڏي آهي ته هاڻي بحيثيت قوم اسان اخلاقيات جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجن ڪجهه ذاتي، گروهي ۽ سياسي مقصدن جي حصول لاءِ اسان جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي اهو رستو سماج اندر سواءِ نفرتن ۽ انتشار جي ٻئي ڪنهن به طرف نٿو وڃي.

    پاڪستان جي پوري تاريخ هونئن ته اهڙين مسخرين سان ڀري پيئي آهي پر هن وقت اکيون جيڪي ڪجهه ڏسي رهيون آهن ۽ ڪن جيڪي ڪجهه ٻڌي رهيا آهن انهيء َتي ڪنهن به حساس ۽ باوقار شخص جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ٿو وڃي.اخلاق باختا آڊيوز جي هڪ سيريز آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ مٿان وري اها خوشخبري ٻڌائي پيئي وڃي ته هاڻي اهڙين ئي ” انمول وڊيوز“ جو هڪ نئون سلسلو به شروع ٿيڻ وارو آهي جن کي ڏسي ڪري قوم پنهنجن حڪمرانن جي شان ۾ وڌيڪ قصيدا پڙهڻ شروع ڪري ڏيندي.عوام جي اڪثريت جن کي کائڻ لاءِ اٽو نه ملي رهيو آهي سي انهن آڊيوز ۽ وڊيوز جي ذريعي پنهنجي پيٽ جي دوزخ جي باهه وسائي وٺندا، مهانگائيءَ کي ٻنجو لڳي ويندو، بيروزگارن کي در در جا ڌڪا نه کائڻا پوندا ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان ترقيءَ جي آسمان کي ڇهڻ لڳندو.خان صاحب کي شڪايت آهي ته سندس پالڻ وارن ساڻس سٺو سلوڪ نه ڪيو. سندس سهولتڪارن کي گلا آهي ته ملڪ ۽ قوم جو سڀ ڪجهه خان صاحب جي قدمن ۾ قربان ڪرڻ بعد به ساڻن احسان فراموشيءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو.مٿان وري پنهنجون اهي سموريون آئيني توڙي غير آئيني عنايتون ورجايون پيون وڃن ته لاڏلي جا هر انگل آرپورو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ قوم سان ڪهڙا نه ويڌن وهايا ويا.هر ادراي جي ڪهڙي طرح ستيا ناس ڪئي ويئي. سامهون وارن سياستدانن کي ڪيئن نه سوڙهو ڪري سياسي ميدان مان ئي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو.ڪيئن ڪيئن نه ماڻهن سزائون کاڌيون،فيصلا ڪٿي ٿيا ، ڪٿي لکيا ويا ۽ ڪٿي ٻڌايا ويا.چوپڻيون وات ۾ وجھڻ کان ويندي نيپيون بدلائڻ تائين،هر لحضي ۽ لمحي جي ماجرا وڏي فخر سان بيان ٿي رهي آهي.آئين سان مذاق ڪرڻ جي پوري ڪامينٽري بيان ٿي رهي آهي،شايد انهن عظيم ڪارنامن تي ڪنهن تمغه شجاعت جي طلب ۽ تمنا آهي جيڪا کين سک سان ويهڻ ئي نٿي ڏئي.
    جتي ملڪ ۽ سماج عوام جا نه پر ڪجهه زورآور طبقن جي ملڪيت هجن اتي ايئن ئي ٿيندو آهي.جن جي دعويٰ هئي ته هاڻي ملڪ ۾ عظيم تبديلي آڻينداسين اهي هاڻي پنهنجين مجبورين جو تذڪرو ڪندي نظر اچن ٿا. جن چيو پئي ته ملڪ جو خانو خراب خان صاحب ڪيو آهي انهن جڏهن طاقت جون ڪرسيون سنڀاليون آهن ته وٽانئن اٽي جون قيمتون به قائم نٿيون رهن.سڀ پنهنجن پنهنجن مفادن جي دائرن ۾ گھمي رهيا آهن.ڪنهن کي عوام جو هوش ناهي رهيو.اهو عوام جنهن جي نالي تي اهي سڀ سياست جو ناٽڪ رچائين ٿا. پر وقت ۽ صورتحال ثابت ڪيو آهي ته عوام جي مسئلن ۽ مشڪلن سان ڪنهن جو به ڪو تعلق نه آهي.سڀ جو سڀ آءِ ايم ايف ۾ اميدن جون اکيون لڳايو ويٺا آهن ته شايد ان خيرات سان ملڪ معاشي طور تي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي وڃي.من ڪي نام نهاد دوست ملڪ ڪجهه وڌيڪ مهرباني ڪري وٺن. پنهنجا افعال سڌارڻا ناهن.مستقبل جي ڪا منصوبابندي ناهي ڪرڻي.بس هر معاملي کي ڌڪي ۽ جڳاڙ سان ئي اڳتي ڌڪڻو آهي.اقتداري راند ۾ ملڪ ۽ عوام جو جيڪو به نقصان اهي ڏسي وائسي ڪري ويٺا انهن جي چٽي هر صورت ۾ پيڙهيل عوام کي ئي ڀرڻي آهي.اڳتي هلي نه گئس ملڻي آهي، نه تيل ۽ بجليءَ جو ڪو ڀروسو ٿو ڏسجي.پنهنجا پاليل دهشتگرد هڪ دفعو وري انساني زندگين کي زهر بنائڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺل نظر اچن ٿا.حڪومت نالي ڪابه شيءِ ڪٿي به نظر نٿي اچي.مافيائن جو راڄ آهي ۽ پوري رياست توڙي عوام کي انهن مافيائن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
    اسان سال 2023ع ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.وفاق جو پنهنجو منهن مهاڙ ۽ صوبن ۾ الڳ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت نظر اچي ٿي.انهن حالتن ۾ ڪٿي ڪا اميد تلاش ڪجي،ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي يا وري اسان ڏسي وائسي ڪجهه سمجھڻ چاهيون ئي نٿا جو حقيقتون نهايت سخت ۽ ڀيانڪ صورت کنيو بيٺيون آهن.اسان جو حڪمران لڏو توڙي اصل واڳ ڌڻي هڪ ٻئي تي الزامن ۽ جوابي الزامن کان فارغ ٿيندا ته ضرور ڪو حل تلاش ڪندا.في الحال ڪرڻ لاءِ ٻيا ناٽڪ ئي کوڙ آهن.عوام سڪون،صبر ۽ دلچسپيءَ سان في الحال انهن آڊيوز ۽ وڊيوز مان لطف اندوز ٿئي ۽ پوءِ زور زور سان هڪ جذباتي نعرو هڻي ته ” اسين هڪ زندهه قوم آهيون،هڪ تابنده قوم آهيون.“

    روزاني عوامي آواز 6 جنوري 2023ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو