ماضيءَ جو دريائي پَتَڻُ مائي بُڇيريءَ جو شھر...... غلام رسول چانڊيو صديون اڳ وشال سنڌو ندي سنڌ جي سيني تي ڪيئي وھڪرا جوڙي سمنڊ ڏانھن سفر ڪندي ھئي تنھنڪري سنڌ اندر ڪيترن انوکن نالي وارن شھرن جو تعلق سنڌوءَ جي پتڻن سان منسوب آھي، اھڙن انوکن نالن وارن شھرن مان بڇيري شھر به ھڪ آھي، اڳوڻي نوابشاھ ۽ ھاڻ شھيد بينظير آباد ضلعي ۾ قائم بڇيري شھر لاءِ به ٻڌايو وڃي ٿو ته جڏھن سنڌو درياءُ اڃان قيدي نه بڻيو ھيو تڏھن سندس وڏي وھڪري جي ڪنڌيءَ سان بڇيري نالي پتڻ ھيو ۽ ان پتڻ وسيلي نه رڳي وڻج واپار ٿيندو ھيو پر ماڻھن جي اچ وڃ به ٻيڙين وسيلي ان پتڻ تان ٿيندي ھئي، سنڌو نديءَ جو ھي ڪو اڪيلو پتڻ نه ھيو پر اھڙا ڪيئي پتڻ سنڌوءَ جي ڪنارن سان ھزارن جي تعداد ۾ موجود ھوندا ھيا جن مان ڪيترا اڳتي ھلي شھر بڻيا ته ڪيترا پنھنجو وجود وڃائي ويٺا. ھيءَ وشال ندي پنھنجا وھڪرا به تبديل ڪندي ھئي، تنھنڪري ڪي پتڻ، ڳوٺ ۽ شھر اجڙي وري ڪنھن نئين وھڪري تي قائم ٿيندا ھيا. چيو وڃي ٿو ته وڏن شھرن کان سواءِ سنڌو تھذيب گھڻي قدر ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن تي مشتمل رھي آھي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ھن نديءَ جي وھڪرن جو مختلف وقتن تي تبديل ٿيڻ آھي. پر پوءِ به ھن نديءَ جي ڪنارن سان 15 سئو کان مٿي شھر لڌا ويا آھن ۽ ٻين کي ڳولڻ جي ضرورت آھي، جڏھن ته ھزارين ننڍا ڳوٺ ۽ شھر ھن نديءَ جي وھڪرن جي تبديليءَ جي ڪري ڊھندا ۽ ٺھندا رھيا آھن. تاريخ جا ٽڙيل پکڙيل پنا ٻڌائين ٿا ته بڇيريءَ جو ھي شھر به صديون اڳ سنڌو نديءَ جو ھڪ پتڻ ھيو. جيتوڻيڪ سنڌ جي تاريخ اونداھن تھن ھيٺ دٻيل رھي آھي پر جڏھن ٿوڙي به سنجيده جاچ پڙتال ڪجي ٿي ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي حسين منظر نروار ٿي سامھون اچن ٿا. چيو ٿو وڃي ته بڇيري جو ھي شھر به سنڌ نديءَ جو ھڪ پتڻ ھيو. لڳي ائين ٿو ته بڇيري ڪنھن عورت جو نالو ھيو جنھن نالي ۾ وقت گذرڻ سان گڏ، ٿوري گھڻي ڦير ڦار آئي ھجي پر بھرحال بڇيري ان ڏاھپ ۽ وڏ ماڻھپي واري عورت جو ئي نالو ھوندو، جنھن جي نالي سان ھي صديون اڳ جو پتڻ ۽ ھاڻ ھڪ شھر بڻجي چڪو آھي. داستان گوئي ۾ ته اڄ به جھونن جي زبان تي اھا ڳالھ ٻڌجي ٿي ته بڇيري پنھنجي قبيلي جي وڏڙيِ ۽ معتبر مائي ھئي جنھن سان ھن پتڻ ۽ اڳتي ھلي شھر آباد ٿيو. جيئن سنڌو نديءَ جي وھڪرن جي تبديليءَ جي ڪري ڪيترا پتڻ ھميشھ لاءِ ختم ٿي ويا تيئن ھي بڇيري پتڻ به سنڌو جي رخ مٽائڻ جي ڪري نه رھيو پر پھريان ھڪ وڏي ڳوٺ جي شڪل ۾ پنھنجي بقا قائم رکندو آيو ۽ ھاڻ ھي ھڪ شھر آھي. بڇيري شھر جي آس پاس ڪٿي مٿاھيون ته ڪٿي ھيٺاھيون ان ڳالھ جون ساکي آھن ته ھي شھر واقعي به سنڌو يا وري سندس ڪنھن وڏي وھڪري جو وڏو واپاري پتڻ ھيو. ھن وقت بڇيري جو علائقو ھيٺاھون آھي پر اھو شھر درياءَ جي رخ مٽائڻ کان پوءِ جو ٿي سگھي ٿو، ان کان اڳ لازم آھي ته بڇيري اتي ئي ڪٿي مٿاھين جاءِ تي ھوندي. بڇيري جي آس پاس ھن وقت به ڪيترن ميلن تائين سم جو پاڻي بيٺل آھي پر اڄ ب ھن جاءِ تي ڪنھن عمارت جا نشان چٽا پٽا پيا آھن، جيتوڻيڪ اھي نشان ھڪ دڙي جو ڏيک ڏئي رھيا آھن پر ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي ته اتي مسجد ٺھيل ھئي. ان علائقي کي ماڻھو اڄ به پراڻي بڇيري جي نالي سان سڏين ٿا. ھي علائقو مھراڻ ھاءِ وي کان اڌ ڪلوميٽر مفاصلي تي موجود آھي. 1915ع دوران انگريز دور ۾ جڏھن ريلوي لائين وڇائي وئي ته ھر 12کان 14 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ريلوي اسٽيشنون ٺاھيون ويون ۽ انگريزن اھي اسٽيشنون ڪنھن نه ڪنھن نامور شخصيتن جي نالن سان منسوب ڪيون. ان زماني ۾ ھتي مائي بڇيري کان سواءِ اھڙي ڪاب نامور شخصيت نه ھئي، جنھن ڪري انگريزن ھن اسٽيشن تي بڇيري جو نالو رکيو ۽ جڏھن ھتي ريل گاڏين جي اچ وڃ ۽ اسٽاپ مقرر ٿيا ته ماڻھن ھن اسٽيشن جي آس پاس ۾ گھر اڏي، ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪري ھن شھر کي وسيع ڪيو. صديون اڳ جيڪو ماڻھن جي اچ وڃ ۽ وڻج واپار ٻيڙين وسيلي ٿيندو ھيو اھو ھاڻ ريل گاڏين ذريعي شروع ٿي ويو. ريل گاڏين ذريعي زرعي جنسون، ڪاٺ جو سامان ۽ ٻيا ڪيترائي وکر ريل ذريعي ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌ واپاري مقصد لاءِ پھچندا ۽ پھچائبا رھيا, اھڙي طرح بڇيري شھر آھستي آھستي وڌڻ لڳو ۽ ھاڻ ھڪ چڱو ڀلو شھر بڻجي چڪو آھي. مائي بڇيري جي نالي سان منسوب ھي شھر شھر نواب شاھ کان چوڏھن ڪلوميٽر اتر طرف واقع آھي, مھراڻ ھاءِ وي کان اتر طرف چوڏنھن ڪلوميٽر سفر ڪبو ته اوڀر طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بڇيري شھر ۾ اچي پھچبو. مھراڻ ھاءِ وي مان ٻه لنڪ روڊ پڪي چودڳي ۽ ڪچي چودڳي وٽان نڪري بڇيري شھر ۾ داخل ٿين ٿا,. 1967ع ۾ بڇيري شھر يونين ڪائونسل جو درجو ماڻي چڪو ھيو، اڳتي ھلي 1985ع دوران، محمد خان جوڻيجو جي دور ۾، پنج نڪاتي پروگرام تحت بڇيريءَ کي جڏھن ڊرينيج ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم ملي ته ڄڻ مائي بڇيري جي شھر جا ڀاڳ کليا! آس پاس جي ٻھراڙين مان ڪيترائي ماڻھو لڏي اچي بڇيري شھر ۾ ويٺا ۽ ھي شھر وڌندو رھيو. 1988ع جي آدمشماري ۾ ھن شھر جي آبادي 6 ھزارن کان به ٽپي وئي جنھن ۾ بنھ آس پاس جي ويجھن ڳوٺن جي آبادي شامل نه آھي، اھڙي طرح 2015ع ۾ بڇيري کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏنو ويو, ٽائون ڪميٽي بڇيري 4 وارڊن ۽ 4 ديھن تي مشتمل آھي, جنھن ۾ سليمان شاھ پاڙو، امام بارگاھ پاڙو، گلزار ڪالوني، چوھاڻ پاڙو، بينظير سٽي، حيدر ڪالوني، ذيشان ماڊل سٽي، ڪريم آباد خانزاده پاڙو ۽ ٻيا پاڙا ۽ ڪيترائي ٻھراڙي جا ڳوٺ شامل آھن. 2017ع جي آدمشماري موجب بڇيري ٽائون جي آبادي 16000ھزار ھئي، پر ھن وقت اھا آبادي ويھ ھزارن کان به ٽِپي وئي آھي. ھونئن ته سنڌ جي چپي چپي تي صوفي درگاھون موجود آھن پر بڇيري کي درگاھن جو شھر چئجي ته به غلط نه ٿيندو, ھتي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تڙ ڏاڏي بالو فقير جي درگاھ، سيد نور محمد شاھ، سيد ابراھيم شاھ، سيد بچل شاھ، بڇيري اسٽيشن ڀرسان سيد مسافر پير جي درگاھ، بِجر فقير، سائنو فقير سميت ٻين ڪيترن ئي بزرگن جون درگاھون موجود آھن, انھن بزرگن جي درگاھن تي ھر مھيني ۽ ھر سال صوفي محفلون ۽ ساليانا ميلا لڳندا آھن. چيو وڃي ٿو درگاھ سيد نور محمد شاھ جو ڪنھن زماني ۾ مشھور ۽ وڏو ميلو لڳندو ھو, اھو ميلو سيد اسدلله شاھ لڳرائيندو ھو جيڪو سنڌ جي مشھور ميلن ۾ شمار ٿيندو ھو, پنجاب ۽ ٻين صوبن کان ملھ ۽ ڪٻڊي جا رانديگر پھچندا ھئا, سائين جي وفات کان پوئ اھو ميلو بند ٿي ويو, بڇيري شھر ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا آھن، جن ۾ گورنمينٽ پرائمري ماڊل اسڪول، گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول، گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول شامل آھن ۽ ڪجھ پرائيويٽ تعليمي ادارا به آھن, جن ۾ ھزارين ٻارڙا تعليم پرائي رھيا آھن, ماضيءَ ۾ دريائي پتڻ ھجڻ ڪري مائي بڇيري شھر جي آس پاس جو علائقو سرسبز ۽ شاداب آھي, ھتان جون زمينون تمام بھترين قسم جون آھن، جن ۾ ھر قسم جا فصل ۽ باغ ٿين ٿا. ڪيلا، ڪمند، ڪڻڪ، ساريون، وونئڻ ۽ ٻيا فصل وڏي تعداد ۾ ٿين ٿا. ھتان جي زمينن کي، آبپاشي نظام تحت، گجرا واھ ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ذريعي آباد ڪيو وڃي ٿو. ھتي انگريزن جي دور جو ايريگيشن بنگلو ٺھيل آھي جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھتي آفيسر رھندا به ھئا ۽ گڏجاڻيون وغيره به ان ئي بنگلي ۾ ڪندا ھئا, ھن وقت اھو بنگلو سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري زبون حال آھي، بلڪه ختم ئي ٿي ويو آھي. جيئن ھر شھر جي ڪا نه ڪا شي مشھور ھوندي آھي ائين ئي بڇيري جو ڀُڳل مائو به سموري سنڌ ۾ مشھور آھي, مرحوم عبدالوحيد مٺائي واري، تقريبن پنجاھ سال اڳ ان مائي ٺاھڻ جي شروعا ڪئي ھئي ۽ اڄ ڏينھن تائين بڇيري جو ڀُڳل مائو مشھور آھي , ھتان جا ماڻھو پري پري کان ايندڙ مھمانن جي ان مائي سان مھماني ڪندا آھن ۽ سوکڙي طور به موڪليندا آھن,ان مائي ۾ اھا خاصيت آھي ته اھو نج کير ۽ کنڊ مان تيار ٿيندو آھي, ان ڪري ان جي معيار ۽ سواد ۾ ڪاب گھٽتائي نه آئي آھي, بڇيري جي مٽي مان ڪيترين ئي سياسي، سماجي، ادبي توڙي فنڪار ۽ شوبز جي دنيا جون شخصيتون پيدا ٿيون آھن, جن ۾ سياسي سماجي شخصيت سيد عبدالله شاھ، سيد اسدالله شاھ، حاجي عبدالطيف عباسي، رئيس بنگل خان زرداري، سليم رضا زرداري، استاد غلام رسول سھتو، رئيس عبدالله خان لنڊ ، رئيس حاجي ارباب خان لنڊ ۽ شھر جي حوالي سان غريب گھراڻن سان تعلق رکندڙ گل خان زرداري سيد سليمان شاھ, بشير احمد خانزاده، نوح فقير سھتو، محمد يعقوب زرداري، حاجي شڪل خان زرداري شامل آھن جيڪي گھڻو عرصو اڳ ھي جھان ڇڏي چڪا آھن پر ماڻھو اڄ به کين سندن عوامي ڪردار جي ڪري ياد رکن ٿا. فلمي دنيا توڙي ٽي وي ڊرامن ذريعي، جڳ جھان ۾ مشھوري ماڻيندڙ صدارتي ايوارڊ يافته اداڪار، مرحوم منصور بلوچ به بڇيري جي مٽي مان جنم ورتو. منصور بلوچ پي ٽي وي جي مشھور ڊرامن ”راڻي جي ڪھاڻي“، ”ديوارين“ ۽ ”جنگل“ ذريعي مشھوري ماڻي, منصور بلوچ پاران مشھور ڌاڙيل پرو چانڊئي تي ٺھندڙ فلم ۾، پرو جو ڪردار ادا ڪري خوب داد حاصل ڪيو, ھن دور ۾ انھن شخصيتن جو اولاد به سياسي، سماجي، ادبي ۽ شوبز جي دنيا ۾ سر فھرست آھن. بڇيري شھر آباد ٿيڻ کان پوءِ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ شھر ۾ پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي ھئي ۽ ڪيترن ڏھاڪن تائين اھا پوليس چوڪي ھوندي ھئي، ھڪ اي ايس آءِ ۽ چند سپاھي ھوندا ھئا پر 2008ع ۾ ”بالو جا قبا “ نالي ٿاڻو قائم ڪيو ويو جيڪو ان پوليس چوڪي ۾ ئي ھلي رھيو آھي, اھا چوڪي واري عمارت ھن وقت زبون حال آھي , ٿاڻي جي بلڊنگ اڃا تائين قائم نه ٿي سگھي آھي. ھن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته مائي بڇيريءَ جي ماضيءَ واري دريائي پتڻ ۽ ھاڻ ھڪ شھر بڻجي ويل بڇيري ۽ سندس آس پاس جي آباديءَ کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ عوامي ادار جوڙيا وڃن پر بڇيريءَ جي تاريخ تي به سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.