• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر کنڀات ٻه سٽا بيت

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
ٻه سٽا بيت
1
چوڏِهينءَ چنڊُ اُڀِرِيو، اُوڻَٽِيهَه پَسيسِ عامَ،
مَٿَسِ ناهِ مَلامَ، جيڪِي، پُڇِين پُڇُ سو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 1-10
3
سَهسين سِڄَنِ اُڀِرِي، چوراسِي چَنڊَنِ،
بالله ري پِرِيَنِ، سَڀَ اوُنداهِي ڀانئِيان.
ٻسٽ دوهو سورٺو کنڀات 1-12
4
چَنڊَ! تنهنجي ذاتِ، پاڙيان نه پِريَنِ سين،
تون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجهَرا.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 1-13
5
چَنڊَ! لڳنَئِي مَنڊَ، سَنجهي ئِي شِيخَ ٿيين،
ڪَرِ اُنداهِي اَنڌَ، ته مِلان مَحبُوبَنِ کي.
سورٺوکنڀات 1-15
6
چَنڊَ! چُئَئِين حَقُ، جي وِڙَهِين جي وِچِرين،
ٻه اکِيون ٽِيو نَڪُ، تو ۾ ناهِ پِرِيَنِ جِهو.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 1-16
6
اُنداهِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِيءَ(پِرِيَنِ) پَسايو پاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِنِ ساڻُ، پيهِي وِيو پَڙِلاؤ ۾.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 1-19
7
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لاَلنَ! اُڀَرِين،
جِهَڙِي تو صُبُوحِ، تِهَڙِي صافِي سَڄَڻين.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 1-20
8
تو ڏانهن گهڻو نِهارِيان، تارا! تيلاهِين،
سَڄَڻَ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀَرِين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 1-21
9
هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ، ڪَوڙا نه ٿِينِ ڪڏَهِين.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 1-22
10
هُنَ تاري، هُنَ هيٺِ، هُتِ منهنجا سپرين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪڏهين.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 1-23

11
هُنَ تاري، هُنَ جاءِ، هُتِ منهنجا سُپَرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نه ڪَڏِهِين.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 1-24
12
تارا، تِرَ، تِروڪِڻِيُون، مَٿَنِ ڦُلَڙِيُون،
کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِريءَ(پرِيَنِ) پُڄاڻا پيئِيون.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 1-25
13
آئون اُڪَنڊِيائِي مَران! پِرِين ڀلا، پَرَ ڏُورِ،
ٻاٻَلُ ڏي نه ٻُورِ، پَنڌَ نه جوڳِي پِيَڙِي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 2-8
14
وَڏَ ڦُڙو ۽ واءُ، ڪَرَهي کاڏو کوڙِيو،
کوءِ! ٻَنِ! پَلاڻِيان! اولاڻِيو نه اُٿِيي.
ٻسٽ کنڀات 2-11
15
پلاڻِيان پِيو! اولاڻِيو نه اُٿِيي!
جيڏانهن وَڳُ وِيو، اُڀو تَرَسي اوڏاهِين،
ٻسٽ سورٺو کنڀات 2-12
16
پيشانِيءَ ۾ پِرِينِ جي، چانگي رَکِيو چِتُ،
نيٽَ ڇِنايو نِتُ، اُڀو اوڏاهِين اُسري.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 2-28
17
مِٺِيُون لَهِي مُهاءِ، جي تو چانگا چِنِيُون،
وَلَڙِيون وِهَ ساءِ، اَڃا تو مُهَندِيُون.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 2-31
18
ڪِين جو ڪيڏاهِين، چانگوچَکِي آئِيو،
تاڻِيو تيڏاهِين، نيٽ ڇِنايو نِڪري.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 2-33
19
ڪرها! توکي ڪامَ، مون سچو پَسِي سَڃِيِي،
مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاهي سَئِينءَ وَهين.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 2-35
20
کَنڀاتَڙِي تَڙِ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،
مانَ اَچِهُون ڪاءِ، سُواڌائِي سَڄَڻين.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 2-36

21
نَوَ نِيَرَ پائي، جان مون هِيَڙو جَهلِيو،
وِئَڙو ڇِنائي، پوئِينءَ رات پِرِيَنِ ڏي.
ٻسٽ سورٺو کنڀات 2-42
22
نَوَ نِيَرَ، ڏَهَ ڏاوَڻِيون، پَندِرَهَ پَئِنڌَ پِياسِ،
جڏهن سَڄَڻَ يادِ پِياسِ، ڇِرِڪَ ڇِنايَئِين هيڪَڙي.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 2-43
23
جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پاءُ،
مَيو تنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻِي ڏارَ چَري.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 2-46
24
لَکِ لاکِيڻو، ڪَرَهو، ڪوڙين، ڏيئي ڳِڌومِ
اَڱڻِ سُونهَن ٿِيومِ، مُلِ مهانگو مَ چئو.
ٻسٽ دوهو سورٺو ميل کنڀات 2-48
 
Back
Top