سر کنڀات ٽي سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ٽي سٽا
    1
    ڀَلائِي آهِينِ، پِرِين ڀَلائِيِءَ پانهنجٖي،
    سَٻاجها سِرِ چَڙَهِيو، ڏوراپو نه ڏِينِ،
    مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايَنِ ۾.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-1
    2
    پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ جٖي، ڀلائِيءَ جا ڀيرَ،
    اَڱڻ اُڪَنڊِيُنِ جٖي، ڏٖي پاٻوهٖي پٖيرَ،
    قَمَرَ پاڙٖي ڪٖيرَ، شَمَسُ سُپٖيرِيَنِ سين؟
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-2
    3
    تون چَنڊَ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسِين ٿو پِرِينءَ(پِرِيَنِ) کٖي،
    آڏِتُ چَئِج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي،
    هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄڻين!
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-3
    4
    مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگُ مَ وَڃَنِ سيڻَ!
    رَهِيا آهِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِين جا نيڻَ،
    وِماسِيا جَنِ ويڻَ، ٿو تارِيءَ تَڳي تَنِ هِنئون.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-4
    5
    راتِ سَهائِي ڀُون سَئِين، پَٽين وڏو پَنَڌُ،
    هلندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَها! موڙِ مَ ڪَنڌُ،
    ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻنڌُ، جو پهُچائي! پِرِيَنِ کي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-5
    6
    اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِي،
    مون گهَرِ مُون پِرَيَنِ جي، اَچَڻ جِي وائِي،
    مون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامَ کَرَن ۾.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-8
    7
    اَڄُ پُڻ اُمارو، چوڏِهِينءَ ماهَ چَنڊَ جو،
    مون گهرِ مون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،
    سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گَهرِ آئِيو.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-9
    8
    چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀَرِين، سَهسين ڪَرِيين سِينگارَ،
    پَلَڪَ پِرِيان جِي نه پَڙِين، جي حِيلَنِ ڪَرِيين هَزارَ،
    جَهَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِهَڙو دَمُ دوسَتَ جو.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-11
    9
    چَنڊَ! چِٽائِي تنهنجِي، سياهِيءَ ۾ سُورُ،
    لايان لالَ لِڱَنِ کي، چَندَنِ ڀَري ٻُورُ،
    ڪوماڻو ڪَپُورُ، مون وَجهائِيندي پِرِينءَ کي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 1-14
    10
    چَنڊَ! چُئَئِين سَچُ، جي مَٺِي نه ڀائِيين،
    ڪڏهن اُڀرِين سَنهڙو، ڪڏهن اُڀرِين ڳَچُ،
    مُنهن ۾ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناه پيشانِي پِرِينءَ جي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 1-17
    11
    ناسِيندي نِگاهَ، پهرين ڪِجِ پِرِينِ ڏي،
    اَحوال عاجِزَنِ جا، آکِجَ لَڳِ اللهَ،
    روزُ نِهارِينِ راهَ، اَکِيُون اوهان جي آسَري
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-1
    12
    ناسِيندي نَظَرُ، پِهرِين ڪِج پِرِيَنِ ڏي،
    قَمَرَ! ڪَهِجُ قَرِيبَ کي، نِسَتُ آئون نِٻَرُ،
    ٻِي ڀيڻِي ناهِم ڀَرُ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-2
    13
    ناسِيندي نِرتِ، پِهرِين ڪِجُ پِرِيَنِ ڏي،
    قَمَرَ! ڪَهِجُ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرتِ،
    ٻيو ڀَروَسو نه ڀِتِ، اکِيُون اَوهِان جي آسَري.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-3
    14
    ناسِيندي نِهارَ، پِهَرِين، ڪِج پِرِيَنِ ڏي،
    آئون جي ڏِيَئِين سَنِيها، چَئِج چَنَڊَ! اَڀارَ،
    ساڄَنَ! سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-4
    15
    چَڱا چَنَڊَ! چَئيجِ، سَنِيها کي سَڄَڻين،
    مَٿان اَڱَڻِ اُڀَرِي، پِرِيَنِ جي پَئيجِ،
    جهِيڻُون ڳالهائيجِ، پيرين وِجهِي هَٿَڙا.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-5
    16
    آئون جي ڏِيَئِين سَنِيها، سي تُون چَنَڊَ! پليءِ ٻَنڌَ،
    چَئِج حالُ حَبِيبُ کي، نَئِي نِوَڙائي ڪَنڌُ،
    تو تيڏاهين پَنڌُ، جيڏاهن عالم آسرو.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-6
    17
    ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حَياتِيءَ هيڪاندِ؟
    مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
    پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجھُه ڳَرَهِيان ڪَنِ سين؟
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-9
    18
    هِنئَڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هيرَ؟
    اَچِي لالَنِ! نه ڏِيين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ؟
    ٿِي وِرُونهَڻَ ويرَ، ڳُجھُه ڳَرهِيان ڪِنِ سين؟
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-10
    19
    ڪَرَهو نه ڪيڪاڻُ، پيرين آئوُن نه پُڄَڻِي،
    جو مون رات رَساڻي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ،
    مُون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-13
    20
    ڪرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکون وِجهُه وَڌَندِيون،
    هيڪَرَ حَبِيبَنِ سان، مون کي نيئِيِ گَڏِ،
    مَڇُڻِ! پُونِيءَ هَڏِ، آهون اُڪَنڊِيَنِ جِيُون.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-14
    21
    ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجھُ وَڌَندِيُون،
    سَنئِين سُپيرِيَنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽِ،
    ڇَڏ جهُورِي ڏي جهاٽَ، ته هوندِيءَ راتِ هُتِ مِڙُون.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-16
    22
    ڪَرَهَا! ڪُرُ سُڃاڻُ، پِيَئَڪو ۽ پانهِنجو،
    اَصُلَ آهي آهِنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
    ڪَرَها! اسان ساڻُ، ڪي چانگا ڪِج چَڱائِيُون
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-17
    23
    آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکَڙِيُون چَري،
    ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،
    اِنَ مَيي سَندِي ماءِ!، مُون کي ڳالهڙِيُنِ ڳوڙَها ڪِيو.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-18
    24
    مَيا! مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ منهنجِي ڪَرها!
    جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
    سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-19
    25
    ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مالَ،
    ڪَدِيفي جِي ڪَرَها! هيدِي پايَئِين حالَ،
    چَندَنُ چارِينءِ جالَ، جي مُون راتِ رساڻِيين.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-20
    26
    ڳَلِ ڳانا ياقوتَ جا، موتِي مَنجِهه مَهارَ،
    چانگا! چَندَنُ چارِينءِ، اٺئي پَهرَ اَپارَ،
    سنديَ پِيَ پَچَارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-21
    27
    مَيا! تو مُهارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي،
    چارِينءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏارَ،
    سَندِي پِيَّ پَچارَ، جي مُون رات رساڻِيين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-22
    28
    اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سِين، چَري نه لاڻون،
    مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوهي ۾ ٿاڻون،
    ڀَٽاري ڀاڻون، مَرَندي سِينءَ نہ مَٽِيو.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-23
    29
    اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سِين، ٻڌو چَري نه ٻُورُ،
    مَيي کي مجازَ جو، ڪُڙِهه اندَرِ ڪو سُورُ،
    سو ڪو پِرايائِين پُورُ، سُڪِي جِيئن ساڻو ٿِيو.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-24
    30
    اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو،
    لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينهِن جِي، نيهوڙِيو نانگو،
    ڇَڏي سِرَ سانگو، رِڙهي رَندِ پِرِيَنِ جي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-25
    31
    ويهِي مَنجهَهِين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
    ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳ،
    جَڳَ سين جِهَڙو جَڳَ، هِنئين سي هُتِ چَري.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-26
    32
    ڀُورُ نه چَري ٻُورُ، ڇڏِيو تُورُ تَڪُون ڪري،
    مُونين هَڻِي موٽِيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورُ،
    مَيو ٿِيو مَعمُورُ، چَندَنُ چَکِي آئيو.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-27
    33
    اَڄ نه اَڳئِينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جِيئن ڪالھه هو،
    اَڱڻِ آيو نه ڪري، پاهوري پچارَ،
    جيڪُس مَنجِھه قَطار، ڪا وَلهه چِنائِين وِهَ جِي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-29
    34
    وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي،
    وَلِيُون واسَ وَرِنِيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ،
    چانگي چَکِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهَندو پَئِندَ ري.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-32
    35
    اُٿِي اَڙائِينسِ، ڇَڏِيو ته ڇيڪَ ٿِيو،
    کارايان، کِڙِيو وَڃي، پلاڻِي پائِينسِ،
    ڏانوَڻِ تنهن ڏانئِينسِ، جِيئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-38
    36
    دُودَسَتِي، دُوپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي،
    ماءِ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ،
    تنهن ڪامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ؟ جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي!
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-39
    37
    ڪَنِين ڪامَڻَ ڪِياءِ؟ ڪِيئن ڀَنڀولِئِين ڪَرَها!
    اَکِيُنَ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاءِ!
    وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ؟ ٻَڌو جِيئن گهاڻي وَهِين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-40
    38
    هوسُ وَڏيرو وَڳَ جو، مِڙِنِي ۾، مَهِندارَ!
    چُنِمِ ٿي چاڳُ منجهان، موڙِيو مَڃَرَ ٽارَ،
    لِکِئي جِي لَغَارَ، آڻي ٻَڌُمُ اَکِيا.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-41
    39
    کائي نه کَٽَڻَهارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري،
    اَگَرَ اوڏو نه وَڃي، سَرَ کَنڊَ لَهي نه سارَ،
    لاڻي جِي لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِيو.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) کنڀات 2-44
    40
    چانگا! چَندَنُ نه چَرين، مَيا! پِيين نه موڪَ،
    اَگَرَ اوڏو نه وَڃِين، ٿُڪِيو ڇَڏِيين ٿوڪَ،
    لاڻي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اَکَرِ آئُڙِي؟.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-45
    41
    جئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيون، پنجين لکين پَنُ،
    تئان ڇاڻي ڇُڳِيون، مَيي رتو مَنُ،
    تنهن وَلِ سندو پَنُ، ڪوماڻو ڪوڙين لهي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-47
    42
    لَکِ لاکِيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئَي ڇوڙِ،
    اِها سِٽِ سيدُ چئي، جِهِين تِهِين جوڙِ،
    تُرتُ رَسائي توڙِ، جُه پَلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-49
    43
    لَکَ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئِي ڪاهِ،
    ايلاچِيُون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ،
    ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) کنڀات 2-50
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو