• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر کنڀات چار سٽا بيت

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
چار سٽا
1
راتِ سهائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي! گُهرَجي ڀَلُ،
آهُرَ ۾ الاچِيُون، چَندَنُ چَرِي چَلُ،
مون توهِي سين ڳالهَڙِي، ٻِئي ڪَنهِين مَ سَلُ،
هاهُرَ ڪندو هَلُ، ته کِجايُون کَرَنِ کي.
چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) کنڀات 1-6
2
راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پِرِتِ نَئِين، پَنڌُ پورِ،
مَيا! مَحبُوبَنِ جي، هَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چِڻِڪَنِ چِتِ ۾، سي ڪِيئن سَڄَڻَ ڏُورِ؟
الله لَڳَ اَسُورِ، اُئان ئِي ٿِيِ آءُ تُون.
چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) کنڀات 1-7
3
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائون نازُ نَظَرُ،
سُورَجُ شاخُون جهَڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جهَڪو ٿِيو جوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) کنڀات 1-18
4
اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مُون ڏُور،
سَڄَڻَ سُتا وِلھه ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ،
پيرين آئون نه پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏِئي نه ٻُور،
جنهن تي چَڙَهِي اَسُورِ، سَنجهي سَڄَڻَ سيٽِيان.
چسٽ دوهو ميل(دوهو، دهو سورٺو) کنڀات 2-7
5
ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
منهنجو هَلَڻُ اُتَهِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِيو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِئين اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هوندِيءَ راتِ هُتِ مِڙُون.
چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهوسورٺو) کنڀات 2-15
6
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏوڻا واهِي،
ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏِي، وَريس نه وائِي،
چانگي چَرِيائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
چسٽ سورٺو ميل(سورٺودوهو، دوهو سورٺو) کنڀات 2-30
7
ڪَرهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پَئندَ پَلَڻَ جا،
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَئِين،
چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحب! وِجھُه سَنئيِن،
اوباهِيوسِ اَئِين! لُطفَ ساڻُ لطَيفُ چئي.
چسٽ سورٺو ميل(سورٺودوهو، دوهوسورٺو) کنڀات 2-34
8
چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نه اُلَهي!
جنهن وَلِهه گهَڻا وِهاٽِيا، اُنَ سِين آرِ لَڳِياسِ،
چوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ،
راڙي رَتُ ڪِياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرَهي.
چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) کنڀات 2-37
 
Back
Top