سر سريراڳ ٻه سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ٻه سٽا بيت
    1
    مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِه مَ چُرَ،
    اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالِي نه ٿِيين.
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 1-1
    2
    مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاهِه،
    پِرِيَنِ اَڳِيان پاءِ، پَلئُه مَڱڻَهارَ جِيئن.
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 1-2
    3
    اَٺَئِي پَهَر اوڙاه تي، مَنجِهه گُهرِءِ گهاري،
    وَسُ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.
    ٻسٽ دوهوسورٺو سريراڳ 2-14
    4
    اورِيائين آڻِينِ، ميڙِيو مُعَلِمَ خَبَرُون،
    سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌُ ڪَري.
    ٻسٽ سورٺو سريراڳ 3-3
    5
    سَڀئِي سَئِينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهايين واٽِ!
    سُپيرِيان جي ساٿِ، لائو لَڱو ميڙِيين!
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-1
    6
    چَڱنِ ساڻُ چَڱائِيون، اِيئن سَڀَڪو هوءِ،
    تو جِيئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيون
    ٻه سٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-3
    7
    چڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيُون مَٺَنِ،
    سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ، جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين.
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-4
    8
    مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ،
    ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-5
    9
    سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ،
    سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي.
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ4-9
    10
    سونا! وانءُ صرافَ سِينءَ، لڏو هَڏِ مَ لاهِ،
    آهي تَنِ اونداهِ، جَنِ جَواهِرَ ضايَع ڪِيا.
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل سريراڳ 4-10
    11
    جُہ صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پُڻ لَڏِجِ سونَ!
    قَدُر لَهَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.
    ٻسٽ دوهو سورٺو سرسريراڳ 4-11
    12
    اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
    پَلَءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!
    ٻسٽ سورٺو سريراڳ 4-14
    13
    اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي! ڀَڳُءِ جِتِ،
    ڪوھَ نه وِيئين تِتِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪري؟
    ٻسٽ دوهو سورٺو سرسريراڳ 4-18
    14
    اَمُلُ اساري پَئي، ڀورِي! ڀَڳُءِ جِئين،
    وانءُ صرافَنِ سِينءِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪري.
    ٻسٽ دوهو سورٺو سرسريراڳ 4-19
    15
    جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،
    سَنئُون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباهِيو.
    ٻسٽ سورٺو سريراڳ 4-21
    16
    چورُ اُڀو اِيئن چوءِ، ته آئُون اُهوئِي آهِيان،
    جي اَسِي اَکِيُنِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونه لَهي.
    ٻسٽ سورٺو سريراڳ 4-22
    17
    مون ٿي چَيُئِي ڪاندَ! ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي،
    سِڙَهَ پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون سَهِي لَڳَندِيون.
    ٻسٽ سورٺو سريراڳ 5-1
    18
    وِيرِ وڙهندِيَءِ، ويسرا! اُٿِي توهُ طَلَبِ،
    سائِرَ ڪِنهن سَبَبِ، ڪالَ نه وِڌِءِ ڪُنَ ۾.
    ٻسٽ دوهو سورٺو سريراڳ 5-3
    19
    ڪالَ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ،
    تُنهنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾.
    ٻسٽ دوهو سورٺو ميل 5-4
    20
    تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو،
    اونهي ۾ آڻي، ڪونَ ڏيندُءِ ڪو ٻيو!
    ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-1
    21
    تارُو تَرِيو وَڃَنِ، ننڍا وڏا واهُڙا،
    هَئي! ٻَرِ! اَتارُنِ، جِيئن ڳَرا مَٿِنِ مولِھيا.
    ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-3
    22
    ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو،
    هَڪِيو هوئج هوشِيارُ، کِنوڻِ کِوَندِيَءِ اوچَتِي.
    ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-4
    23
    سُتين ڪِهَڙِيءَ سارَ؟ وِڄُ کِوَندِيَءِ ويسَرا!
    تو جيڏا تو يارَ، لَهِرِنَ لَهِوارا ڪيا.
    ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-5
    24
    سُتين سنجهي ئِي، وِڄُ کِوَندِيَءِ ويسرا!
    وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ تان اوچَتِي.
    ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-6
    25
    کِنوَڻِ کِنوايو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جي،
    جِنِين نه ڀَئو ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
    ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-7
    26
    توڻي توائِي، توءِ تنهنجو آسرو!
    سَڄَڻَ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏِيندِيَسِ جيڏِئين.
    ٻسٽ سورٺو سرسريراڳ 6-13
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو