سر سريراڳ ٽي سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ٽي سٽا بيت
    1
    مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رَکِجِ چيتُ،
    سِڙُهه ڌُئاري صافُ ڪَرِ، صابُڻَ ساڻُ سُپيتُ،
    سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ ته پَهُچِين پارَ کي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 1-3
    2
    مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ،
    ڪَڍِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيج،
    وَڻِج وِهائِيج، سَڀُ سوداگَرَ سَچَ جو.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 1-4
    3
    مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِه مَ چورُ،
    ڪَڍِي ڇَڏِ تُون قَلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
    هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 1-5
    4
    مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتاريجِ چِتُ،
    دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسين وِلاتُنِ وِتُ ،
    نِيــنهن نيکاري نِتُ، ملاحَ! گَڏِ مُعَلِمَ سين.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 1-6
    5
    ڪائو ڪَمايومِ، مُوتِي مون نَه وَڻِجِيا،
    سِيهي جو سَيَّدُ چَئي، وَکَرُ وِهايومِ.
    هِهَڙو حالُ سَندومِ، توهَه تُنهِنجي اُبَهان.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 1-7
    6
    ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اَللهَ جا،
    پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
    مَعلومُ اَٿـئِي مُورُ، ڳُوڙَها، اِنَهِينءَ ڳالهه جو.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 1-8
    7
    سِڙَهَه سَوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجَ،
    ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ڀَري جُنگَ جَهاجَ،
    حاصُلُ ڪَرِييــن حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 1-12
    8
    سِڙَهَه سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،
    ساٿِي سَفَرِ هليا، ٿيا سَڻاوا سِيرَ،
    جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکِين ٻاجَهه سين.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 1-13
    9
    جيڪِي مَنجِھه جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهنجي،
    لُطف جِي لَطيفُ چئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَ،
    عَدُلَ ڇُٽان آن نَه، ڪو ڦيرو ڪِج فَضُلَ جو.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 2-1
    10
    سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ ياد ڪِيو،
    اُنِ جي عبداللطِيفُ چَئي، مِٽيءَ لڌو مانُ،
    ڪوڙين ڪَنِ سَلامُ، آڳھِ اَچيو اُنِ جي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 2-2
    11
    سيوا ڪَرِ سَمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ،
    سَئين وهَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ،
    جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-3
    12
    سارِي راتِ سُجانَ، سودو ڪَن صاحبَ سين،
    ٻانَهپَ ڀَري ٻيڙِيُون، هَلِيا جوپَ جوانَ،
    پاڻِي پَهلوانَ، لَحَظي مَنجِھه لَنگَهِي ويا.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 2-6
    13
    جَنِين سودي سچَ جو، وَکَرُ وِهايو،
    بَخِرو لَھُمُ الۡبُشّريٰ جو، اُنِين لَءِ آيو،
    اُنِ کي لالَنَ! لنگهايو، ساندارو سَمُونڊَ جو.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-8
    14
    اِيءَ گَتِ غواصَنِ، جِيئن سَمُونڊُ سوجِهيائُون،
    پيهِي مَنجِھه پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
    آڻي ڏِنائُون، هِيرو لالُ هَٿَنِ سين.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-9
    15
    آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِيا غَواصَنِ،
    جهَرِيُون جهاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
    سمُونڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-10
    16
    وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،
    تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيهِي،
    پَسندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيَنِ سين.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-11
    17
    وِيرَمَ لاهي ويهُه، مَٿي آرَ اوڙاهَ جي،
    پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو ايهُه،
    ويندو نه پَسِين ڏيهُه، پَتَڻِ هُنِ پارِ مَڻي؟
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 2-13
    18
    هِڪِي ٻانَهي چِتَ ۾، ٻِي، صاحِبُ سَنواري
    دَنگِي هِنَ درياهَ مان، هلائي هاڪاري،
    ترازُو تاري، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪري.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-15
    19
    هِڪِي ٻانَهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽي صاحِبُ،
    ڪَڍي اُونَهين ڪُنَ مان، اَيءُ آڳي جو عَجَبُ،
    اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-16
    20
    هِڪِي ٻانَهي چِتِ ۾، ٻِي جا ڪَري اَللهُ،
    پاڻَهِين وِجَهي ڪُنَ ۾، پاڻَهِين اُڪاري اوڙاهُ،
    تِنهن واحِدَ کي واهُ، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-17
    21
    هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا الله ڪَري
    پاڻَهِين وِجَهي ڪُنَ ۾ پاڻَهي ڪَنڌِيَ ني،
    سُتَڙِ سي ڍوئي، جي تڙَ توائِي مَڪُڙا،
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 2-18
    22
    کُوها ڪالھ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري،
    اَلا جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
    وَڻَجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِيين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو اڌ دوهو) سريراڳ 3-1
    23
    وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پراڻو نه ٿِئي،
    ويچِيندي وِلات ۾، ذَرو ٿِئي نه ضاءِ،
    سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھ جَنهن جي اُبَهِين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-2
    24
    ٻيڙِي، تُنهنجي ٻاجِھ، وَکَرُ تِنهن وِصالَ جو،
    کُوها، اولا تو ڪِيا، سَڀِ سُونهارا ساجَ،
    اُتِ ڪا مُعۡلِمَنِ حاجَ، جِتِ پُورَڻَ وارو پاڻِهِين
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-4
    25
    ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو،
    تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي،
    هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙهُ ڪالهوڻي ڏينهن کي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-5
    26
    تَري ۾ تُنَ پياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي،
    کُوهو جُهرِ جُهنو ٿِيو، لاڄُو سَڀِ لَڙِياسِ،
    جيلاهِ سَڌَرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وَهَ سامَهُون.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-6
    27
    تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙِي،
    سانباهِي سَمُونڊَ جِي، مَنا مُور مَ لاهِ،
    اَڄ ڪِي سَنجِھ صُباحِ، اُهِرَندِي اُتانگَ تَڙين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-8
    28
    جُتو وانءُ جَهازَ! گَڏِيو غُرابَنِ سين،
    پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِج سازَ،
    اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُونڊَ جا.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-10
    29
    دُنگي ۾ داڻا، وَٺِي وِجُھ وَکَرَ جا،
    وِيرِ وڙهندِيَءِ، ويسَرا! وِيهُه مَ ويڳاڻا!
    هِيءَ نِنڊَ، نه ڄاڻان، ڪڏهن هَڻَندِيَءِ تارَ ۾.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-12
    30
    وَکَرُ، وَڻِجارا! پاڻَ پَرائو چاڙِهيو،
    اَچِي لَهِرِيُون لَڳيُون، ٻيڙِيءَ ٻِپارا،
    جاڳو جي يارا! ته تَڙِ تَوائِي نه ٿئي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-13
    31
    ٻيڙِياتا! ٻئِي، تو نہ ڦَٻَندِيُون ڳالَهڙِيُون،
    سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي،
    صُباحَ سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خبرُون.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-14
    32
    بَندَرِ جان ڀَئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمَهو،
    ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِيئن ماٽي مَنجَھه مَهِي،
    ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪَجي، ناکُئا!
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-18
    33
    سُتا سَڀِ پَئِي، سَندي مُعَلِمَ آسَري،
    اَئِين پُڻَ سُمَهو، ناکُئا! بَندَرِ ناه ڀَئِي،
    جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀِ لَنگهيندا لَڪِيُون.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 3-19
    34
    سَڀئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ،
    ٿِيءُ تَحقِيقَ تَسلِيم ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ،
    قَادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصُلَ ڪَري حاجَ تو.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 4-2
    35
    وِتُ وِيمي جو جي لَهِين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِيين ڪا،
    سا پَروڙِج ڳالَهڙِي، وَڻِجارَنِ وٽا،
    موتي جِنِ هٿا، آندَءِ گهڻي اَدَبَ سين.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 4-6
    36
    اَمُلُ آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَروڙِينِ مَٺِ،
    جِتِ گڏِجِئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ،
    جنين سونَ سين سَٽِ، تَنِ هَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِيو.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 4-7
    37
    سونا! وانءُ صَرافَ سينءَ، ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي،
    چاندِي ڪيو چلائِيين رُپو رَوازِي،
    جِتِ ٿيندو رَبُ قاضِي، اُتِ توريندا تَجِوِيزَ سين.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 4-8
    38
    جي نَه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويهُه مَ تِنِي وَٽِ،
    اَمُلَ کي اَڌ ڪري، پاڻان هَڻندا پَٽِ،
    وَڃِي مُهَرَ تِنِين وَٽِ مَٽِ، جي پارکو پارِسَ جا.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 4-12
    39
    وَيا سي وِينجهارَ، هِيرو لال وِنڌِينِ جي،
    تِنِين سَندا پويان، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،
    ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 4-15
    40
    ماڻِڪُ مُنڌُ هَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرَزا ٿِيو،
    سَڄو تان سَيدُ چَئي، لَهي لَکُ سوا،
    ڀَڳي پُڄاڻان، پَدَمان ئِي پَري ٿيو.
    ٽسٽ سورٺو ميل( سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 4-20
    41
    جهنگُ کامِي پَٽُ ٿِيو، لَٿِي چوران لِڪَ،
    وَئِي وُجُودان نِڪِرِي، جيڪا دَڙِي دِڪَ،
    هِڪُ سَڄَڻُ ٻي سِڪَ، ٻئي پَهڻا پاڻَ ۾.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 4-23
    42
    لَهِرِيُنِ ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
    آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
    اُٿِي اَسارا! وِيرِ وڙهندِيَءِ ويسَرا!
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 5-2
    43
    آهي آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا! ڪِج نِگاهَ،
    وڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساهَ،
    مُلاحِظو، مَلاحَ! ڪِج ڪو اِنَهِيءَ ڪُنَ جو.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 5-5
    44
    ملاحِظو مِهَراڻَ جو، مُورِ مَ لاه مَناءُ،
    سامُونڊِي! سنڀالَ ڪِين، سُمهَڻَ آيُئِي ساءُ،
    جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 5-6
    45
    تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ!
    دانهُون ڪَنِ درياهَ جيون، اُونهي جا آگاهَ،
    سُونهَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ ته وِيرِ لَنگهِي وَڃِين.
    ٽسٽ دوهو ميل( دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 5-7
    46
    ثابِتُ لَنگِهيا سِيرَ، لهرِنَ لوڏِيا ڪِينَ ڪِين،
    وَڃِي پَهُتا پارَ کي، نِرِتُون مَنجهان نِيرَ،
    ماءِ پَهُتا مِيرَ، ٻارِ لنگِهيائُون ٻاجهِه سين.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 5-9
    47
    ڪوڙيين جي ڪائو ٿِئي، سَمُنڊَ ڪِين نہ سِڪَنِ؟
    پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِيو، تيلانهن وَڻِجهارَنِ،
    لالون سي لَهَنِ، جِنِي سودو سَچَ سين.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 6-2
    48
    سامونڊِي! ٿو سَنبَهِين، ساڄو جهَلِ سُکاڻُ،
    لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مِهراڻُ،
    جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري توائِي تَنِ کي.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 6-8
    49
    نَڪو سُکُ نَکَٽين، نه ويساندَ نَئِين،
    جيڪا اَچِئِي سامُهِين، ڀانئِين سا سَنئِين!
    مُوڙِي ڪوهَ مَئِين؟ جِيئن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين!
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 6-9
    50
    اَوکِي راهَ اَللهَ جِي، اَوکِي اَوکِيءَ ڀَتِ،
    هُوءِ جي ڏيهائِي ڏيھَ جا، تَنِ پُڻِ مُوڙَهِي مَتِ،
    آڇارانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽي نينهن جِيئن.
    ٽسٽ دوهو ميل(دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 6-10
    51
    مَ ڪِين هيجَ، مَ هوجَ، تَرسُ مَ، تاڻِ جَهازَ کي،
    چَئو ڪَلِمون محمد تي، تہ اڳِيان اچِئِي اوڄَ،
    سَوکِيءَ ڀَتِ، سَٻوجهَه! تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
    ٽسٽ سورٺو ميل(سورٺو وچ دوهو) سريراڳ 6-11
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو