سر سريراڳ چار سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    چار سٽا بيت
    1
    ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، اُٿِي اورِ اَللهَ سين،
    ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،
    مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارِجِ مَچُ،
    اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سَودو ٿِييَئِـي سَڦَرو.
    سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 1-9
    2
    سَودو اِهوئِي سَڦَرو، سو مُون پَلَءِ پاءِ،
    وَسُ ويچاري ناهِه ڪو، تون آگا! عَرَضُ اُناءِ،
    رِيءَ همراهِي هادِيءَ جي، مُورِ نه مِڙي ماءِ،
    لُطفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرُون لَهِرِنِ وِچَ مان.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 1-10
    3
    لُڙَ لَهِرِيُون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَتُ نه آبَ جو،
    اَللهَ! اُتِ مَ اولِييـن، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
    جوکو ٿِئــي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ،
    لَڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيبي غُرابَ کي.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 1-11
    4
    سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سَمُنڊَ سيوِيو جَنِ،
    آندائُون عَمِيق مان، جُوتِي جَواهِرَنِ،
    لَڌائُون لطِيفُ چئي، لالُون مان لَهرِنِ،
    ڪانَهي قِيمَتَ تِنِ، مُلھَه مَهانگو اُنِ جو.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 2-4
    5
    سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تَنِ سين،
    توبَه جِي تاِثيرَ سين، تَرِي وِيا طُوفانُ،
    ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرُ لَنگِهيا آسانُ،
    ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺودوهو، دوهوسورٺو) سريراڳ 2-5
    6
    ٻانَهپَ جو ٻيڙِن ۾، وَکَرُ وِڌائون،
    موتِي مَعرَفتَ جا، سَچا سودِيائُون،
    التَّائِبُ مِنَ الذَّنۡبِ، اِيءُ کَٽِ کَٽِيائُون،،
    اُنِين جِيءَ آئون، بَرڪَتَ بارُ لَنگهائِيان!
    چسٽ دوهو ميل(دوهو،دوهو سورٺو) سريراڳ 2-7
    7
    آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنهنجِي موجَ نه سَهي مَڪُڙِي،
    مِيڙي مَٺايُن جو، بيحَد چاڙهِيُمِ بارُ،
    چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَدِيُون بيشمارُ،
    ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺودوهو،دوهو سورٺو) سريراڳ 2-12
    8
    ويٺو تُن تُنِينسِ، مَکِ ڏيهاڻِي مَڪُڙِي،
    سَنباهي سَيدُ چَئي، مَٿي نِينڊوءَ نِينسِ،
    وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ،
    آخَرِ اُهرائِينسِ، ته جوکو ٿِئي نه جهازَ کي.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺودوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 3-7
    9
    وَه تِکَ وَهَڪُرا، جِتَ لَنگَرَ نه ٺَهرَنِ،
    وڏاندَرِيُون وَهَ سامُهِيُون، جَجهي زورِ جُنبَنِ،
    نيڍوءَ ۾ ناتارِيُون, وڻِجارا وِجَهنِ،
    مُلاءَ مُعلمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالَهڙِي.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهوسورٺو) سريراڳ 3-15
    10
    وَڻِجارا! ويٺي، تو نه سَرَندِي شاهَ ري،
    مَکِ پَنهنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
    پاسا پاکَڙِيَنِ جا، سَمُونڊُ ٿو سيڪي،
    جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَهَندِي تَنِ سين.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 3-16
    11
    ناکُئو نِگَهبَانُ، مُعَلِمَ مُنجي خَبرُون،
    جَنِ ساري کَنيو سَمُونڊُ تي، سَفَرَ جو سامانُ،
    لُطَفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي، تَنِ لَنگِهيو طُوفانُ،
    سَنڀاري سُبَحانُ، وَڃِي عدَنِئوُن اُکَتَا.
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 3-17
    12
    قَدُرَ وارا ڪَمَ ٿِيا، کُٽا خَرِيدارَ،
    پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا، ويا سي وِنجهارَ،
    ڪَنۡيَرُ پائي اکِيُنِ، لَهَنِ سڀ ڪنهن سارَ،
    صرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
    چسٽ دوهو ميل( دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 4-13

    13
    وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيٺَ جي پَرَکَڻا،
    ڪَنۡيَرُ پايو اَکَئِين، لَهَنِ سَڀَڪَنهِن سارَ،
    موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجھِه ڪِنارَ،
    صَرافِنِئون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
    چسٽ سورٺو ميل( سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 4-16
    14
    ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهَرِي،
    ماڻِڪُ ڪري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
    سَندُسِ ئِي سيد چَئي، ڪِهڙو قَدُرَ ڪَنِ؟
    پاڻِيَٺُ ئي پَرِکَنِ، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏِنِ ڪَچَ سين؟
    چسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 4-17
    15
    سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، هِنَ ديواني دَرِياهَ جيون،
    ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِين، رُڳو سَچُ سودِينِ،
    عِجِزَ جو اَڌَ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِينِ،
    ساٿُ نِڀاهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهيءَ سِيرَ مان.
    چسٽ سورٺو ميل( سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 5-8
    16
    تون ويسرو، وِيرَ! ساٿِيَنِ سَنڀَتِ پَنڌَ جِي،
    جوڙي جُنگَ جَهازَ کي، ڪوڏِ هڻائِج ڪِيرَ،
    وَهي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانهن بَهِيرَ،
    گَهرِ تَنِين جي کِيرَ، جَنِ لاڳيدارَ لَنگهائِيا
    چسٽ سورٺو ميل( سورٺو دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 5-10
    17
    تَنَ ۾ ترازَ توهَ جِي، گَهڻو لَھُ گهوري،
    اَدَبَ ۽ اِخِلاصَ جا، سِڙهَ ٻَڌجِ سوري،
    وَکَرُ وينَتِيُن جو، تنهن ۾ پاءِ توري،
    ته عادنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائِي نہ ٿِئي.
    چسٽ دوهو ميل(دوهو، دوهو سورٺو) سريراڳ 6-12
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو