سر سريراڳ پنج سٽا بيت

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    پنج سٽا بيت
    1
    دُنگِيءَ وِچ دريا، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپڙي،
    هُو جي واڍي واڻڙيا، سي سُونهَڻَ سَڀ سَڙِيا،
    مُعَلِمَ ماڳِ نه اڳِيين، ڦِلَنگِي مَنجِھ ڦِرِيا،
    مَلاحَ! تُنهنجِي مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙَهِيا،
    جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تُنهنجي!
    پسٽ سورٺو ميل(سورٺو دوهو، دوهو، اڌ سورٺو) سريراڳ 3-11
    2
    قَرَ ڦُلَ، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون،
    ڪوٺيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،
    لاڄُنِ مَنجھ لطِيفُ چَئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون،
    نَذرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَهَندي چَيائُون،
    جي ڇُھي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجهِه سين!
    پسٽ دوهو ميل( ٻه دوها اڌ سورٺو) سريراڳ 5-11
    3
    وِچِينءَ جان ويهِي، جَرَ پَلَئو پائِيان،
    “تَڙِ ٻيڙا گَهرِ سُپِرين” اُوسَهِه اِيءَ پيئِي،
    جِيئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَهَا سَڀيئِي،
    حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نہ سيئِي،
    پاڻِهِين اُوءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائو آئيا.
    پسٽ سورٺو ميل( سورٺو دوهو، دوهو اڌ سورٺو) سريراڳ 5-12
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو