شاهه جي ٻولي سبق 7 سوالن جوابن ۾

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2023۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شاهه جي ٻولي
    سبق 7
    موضوع؛- شاهه جي بيت جي معني/نثري ترجمو ڪرڻ

    سوال1- ڪنهن به بيت جي معنيٰ/نثري ترجمو ڪرڻ جا ڪيترا طريقا هوندا آهن؟
    جواب؛ ڪنهن به بيت جي معني/نثري ترجمو ڪرڻ جا عام طرح ٽي طريقا هوندا آهن.
    1- پد وار معني/نثري ترجمو ڪرڻ
    2- سٽ وار معنيٰ/نثري ترجمو ڪرڻ
    3- پوري بيت جي معنيٰ/نثري ترجمو ڪرڻ.

    سوال2- بيت جي معنيٰ/نثري ترجمو ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ڪهڙي آهي؟
    جواب؛ ڪنهن به بيت جي معنيٰ/نثري ترجمو ڪرڻ لاءِ اهم ڳالهه ان بيت ۾ موجود ڏکين لفظن جي معنيٰ کي سمجهڻ آهي. جڏهن اسان شاهه سائين جو ڪوبه بيت کڻون ٿا ته ان ۾ ڪي لفظ اهڙا هوندا آهن جنهن جي معنيٰ کان اسان واقف هوندا آهيون ۽ ڪجهه لفظ اهڙا به هوندا آهن جنهن جي معنيٰ اسان کي نه ايندي آهي تنهن جي ڪري اهڙا لفظ جنهن جي معنيٰ اسان کي نه ايندي آهي انهن کي اسان بيت جا ڏکيا لفظ چوندا آهيون ۽ اهڙن لفظن کي سمجهڻ ۽ معنيٰ معلوم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ڪنهن نه ڪنهن لغت جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. مطلب ته بيت جي نثري ترجمي ڪرڻ جي لاءِ بيت جي هر هڪ لفظ جي معنيٰ کي سمجهڻ نهايت ئي ضروري آهي.

    سوال3- شاهه جي ڪنهن به بيت جي نثري ترجمي ڪرڻ جي لاءِ ڏکين لفظن جي معنيٰ کي ڪيئن استعمال ڪيو ويندو آهي.
    جواب- جڏهن به اسان لغت کي ڏسنداسين ته لفظن جي سامهون هم معنيٰ لفظ ڏنل هوندا آهن. هاڻ جڏهن شاهه جي بيت جو نثري ترجمو ڪيو ويندو آهي ته بيت ۾ موجود ڏکين لفظن جي جاءِ ته انهن جا اهي هم معنيٰ لفظ رکيا ويندا جنهن کي عام ماڻهو آساني سان سمجهي سگهن.
    مثال لاءِ شاهه جا ڪجهه لفظ ۽ انهن جي لغوي معنيٰ پيش ڪجي ٿي.
    مڇڻ معنيٰ متان
    اُنِ، معنيٰ انهن
    ڪارڻيٰ معني سبب، شفاعت ڪندڙ
    الا معنيٰ الله
    اَڀاڳِي معنيٰ نڀاڳِي،
    آگي معنيٰ مالڪ، ڌڻي
    وغيره

    سوال4- ڪنهن به بيت جي نثري ترجمي ۾ واڌو/لڪل لفظن جي استعمال کي سمجهايو.
    جواب؛ جڏهن به ڪنهن بيت جو نثري ترجمو ڪيو ويندو آهي ته ان بيت جي لفظن جي لغت کان علاوه واڌو/لڪل لفظن جو استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي، واڌو لفظن جي استعمال مان مراد آهي اهي لفظ جيڪي ظاهري طرح بيت ۾ موجود نه هوندا آهن پر بيت جي مفهوم ۾ موجود هوندا آهن تنهن ڪري نثري ترجمي ۾ انهن کي شامل ڪرڻ کان سواءِ ترجمو ممڪن نه ٿو ٿئي. اسان هڪ بيت هتي مثال طور ڏينداسين.
    بيت
    سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟
    وَڃَڻُ تَنِ پِيو، نالو نِيهُه ڳِنَنِ جي.
    ترجمو؛
    سوري جو سڏ ٿيو آهي اوهان مان ڪا هلندي اديون؟، جيڪي نيهن جو نالو کڻن ٿيو تن کي ته وڃڻو ئي آهي.
    بيت جي ترجمي ۾ استعمال ڪيل لڪل/واڌو لفظن جي سمجهاڻي
    1
    سُورِيءَ سَڏُ ٿِيو،
    پهرين پد ۾ ٻه لڪل/واڌو لفظ آهن
    سوريءَ سَڏُ مطلب سوري *جو* سڏ
    ٿيو مطلب ٿيو *آهي*.
    پهرين پد ۾ پهريون لفظ *جو* بيت ۾ *لڪل لفظ* آهي ۽ وري ٻيو لفظ *آهي* زمان کي ظاهر ڪندڙ *واڌو لفظ* جنهن کي نثري ترجمي ۾ ظاهر ڪري لکيو ويو آهي.
    2
    ڪا هَلَندِي جيڏِيُون؟
    ٻئي پد ۾ ٻه واڌو لفظ ترجمي ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
    ڪا هلندي جيڏيون ترجمو *اوهان/توهان مان* ڪا هلندي اديون.
    هن پد ۾ *اوهان/توهان مان* ٻئي واڌو لفظ آهن جنهن کي ترجمي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
    3
    وَڃَڻُ تَنِ پِيو،
    ٽئين پد ۾ ٽي واڌو لفظ شامل ڪيا ويا آهن.
    وڃڻُ تَنِ پيو ترجمو تن *کي ته* وڃڻو *ئي* آهي
    هن پد ۾ *کي، ته ۽ ئي* واڌو لفظ آهن جن کي ترجمي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
    4
    نالو نِيهُه ڳِنَنِ جي.
    چوٿين پد ۾ ٻه لڪل/واڌو لفظ شامل ڪيا ويا آهين
    نالو نينهن ڳِنن جي. ترجمو جيڪي نينهن *جو* نالو وٺن *ٿيون*
    هن پد ۾ پهريون لڪل لفظ *جو* جڏهن ته ٻيو لفظ واڌو آهي جيڪو زمان کي ظاهر ڪري پيو اهو *ٿيون* آهي هنن ٻنهي لفظن کي بيت جي نثري ترجمي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو