ڪتاب ”ٻاِر محبت جي شمع“جو سرسري جائزو! فقير محمد سنڌي. اسـان رندن جو کولي روح ڏسندينءَ، تـه ملــنـدا ڪــيــتـــرا ســجدا ڪرڻ لئه (سعيد سومرو) گلابن جي ڳالهه هر ڪوئي آسانيءَ سان ڪري ويندو آهي پر گلاب جي ريت انوکي هوندي آهي. ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم ۽ ڪڏهن سجدي جھڙي روح کي به گلاب ارپڻا پوندا آهن. اهڙو ئي ڪتاب ”ٻارِ محبت جي شمع“ ديوان غزل جيڪو ”محمد جواڻ جانب سومري“ جي دل جي ارپنا جو چنڊ آهي. حافظ شيرازيءَ جي غزل جو بيت آهي ته: در مجلس ماعطر مياميز که جان را هر لحظ گيسوئي تو خوشبوئي مشام ست. ترجمو؛ اسان جي مجلس ۾ عطر هڻي نه اچو، ڇو ته جسم جي پورپور ۾ تنهنجي وارن جي خوشبوءِ هر وقت واسيل آهي. شاعرن جا نيڻ نشيلا به آهن پر نظرون عقاب کان به تيز تر آهن، جيئن ”جانب“ پنهنجي غزل جي بيتن ۾ بهار جھڙو دل فريب حسن رکي ٿو؛ نشيلا نيڻ نازڪ جا خماري کيپ ارپي ويا، بنا شيشن شرابن جي نشا ڀَرپُور جاڳي پيا. انمول عشق الفت پاٻوهه پيار واريون، نظرون کڻي نهاري راهون پيو تڪيان ها. عشق جو مقتل جڏهن تتل هجي اُتي عاشقن جون سرڪشيون بي معنيٰ هونديون آهن.اُتي شاعري پنهنجومعراج ماڻڻ لاءِ آتي هوندي آهي، جيئن ڀٽائي گهوٽ چيو ته؛ پرنم! تنهنجا پار،ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان عشق جي اهڙي ميدان تي ”جانب“ سومرو به ڪائنات جي وسعت کي پاڻ ۾ محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مطلوب آهي. دفن دولت ڪري ساري نپوڙي نفس کي آيس، فقيري ۾ اميري جا عجب اسرار ظاهر ٿيا. ڌرتيءَ جو چنڊ جڏهين منهنجي اڱڻ اچي ها، بڻجي مان قرب قيدي اُن کي پيو ڏسان ها. بخاري پبليڪيشڻ لاڙڪاڻو جو 12هون ڪتاب، ”ٻارِ محبت جي شمع“ ديوان غزل تي مشتمل آهي. شاعريءَ جي سفر ۾محمد جواڻ جانب سومرو مسلسل طبع آزمائي ڪندو پيو اچي. هيءُ ديوان به ان ڪڙيءَ جو ثمر آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ نثر نويس عنايت عارباڻيءَ لکيو آهي، لکي ٿو ته: ”هن دجالي دؤر ۾ محمد جواڻ”جانب“ ڄڻ ته لطيفي روايت جو ڀرم رکندي هر پڙهندڙ کي نينڍ ٿو ڏئي ته ”ٻارِ محبت جي شمع“ سچ پچ جيڪڏهن هر ماڻهو محبت جي شمع ٻاري ته ملڪ محبت جي سرور ۾ سرمست ٿي پئي ۽ ڪنهن سان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به انسان جو ڪنهن ڏانهن ڌيان ئي نه وڃي هر هڪ پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هجي. بقول مڌر ٽريسا جي ته: اَنَ جي کوٽ نه پر ماڻهوءَ کي محبت جو ڏڪار ماري ٿو.“ نصيحت دماغ جو حسن آهي ۽ عشق ربابِ نغمن جو ساز آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي شيون انسان ۾ موجود آهن ته اهو ذهن راڳ ۽ سماع کي سمجهي سگهي ٿو. جيئن جانب جي سماع ۾ آهي ته: عشق الفت جون عطائون ٿو گھري، توکان تنهنجي پيار جو پينارُ آ، آ ڪھاڻي قربَ جي قُربن ڀري، مرڪ ماڻي سان مليو منٺار آ ذلفن جي ڪڪر چھرو ته چُمِي، سجدي ۾ سُرور ته پايو آ ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل بخت عابد ابڙو لکيو آهي، لکي ٿو ته: ”محمد جواڻ جانب سومرو هڪ بهترين شاعر علم عروض جو ڄائو ۽ هر دل عزيز محبتي ماڻهو آهي تڏهن ته لطيفي راهه تي هلندي امن، پيار جو پيغام ڏيندي چوي ٿو. ”ٻارِ محبت جي شمع“ اهڙي امن پسند محبتي انسان جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي“ محبت، بهادري، ٻوليءَ لاءِ اُلڪو ”جانب“ جي هيٺين غزل ۾ پسي سگهجي ٿو. ڪيڏو سچ ڏوهاري آهي، دردن دل آزاري آهي. گهوگهي غربت منجھ ئي مارڻ، آمر جي اختياري آهي. اصل پيار جي پسمنظر کان، بازن کي بي زاري آهي. سنڌي ٻولي قومي ٿي پر، همت پنهنجن هاري آهي. هرڪو لوٽو، کوٽو موٽو، سورن ۾ سنڌ ساري آهي. ”جانب“ جي منحوس مفادي، تن جي منهن ۾ واري آهي