سنھيءَ سُئيءَ سبيو، مُون ماروءَ سين مَنُ نثري نظمن جو ڪتاب ”سورهن نومبر“ جو سرسري جائزو! فقير محمد سنڌي مَنَ ۾ سنن تيلن جي تند ٿئي ٿي ان تند ۾ مخفي ويٺل شاعر ”وفا صالح راڄپر وانگر سر خوشيون ڪندو رهي ٿو. جنهن کي دنيا نثري نظم، آزاد نظم نئين ڪويتا ۽ نطماڻي اک جو نانءُ ڏئي پنهنجي ڳالھ جو ڏانءُ پيش ڪن ٿا. وفا صالح وٽ جنت جي نديءَ جهڙو خيال آهي. جنهن جو عنوان آهي ”قبر“. قبر! هوءَ، هر جمعي تي، قبرستان ۾ اچي، هڪ قبر مٿان، گل نڇاوَر ڪندي آهي. اها قبر، ڪنهن وَليءَ جي نه پر، هڪ شاعر جي آهي، جنهن، پنهنجي شاعريءَ ۾، هن جي حُسنَ کي بقا ڏني هئي. شاعري پيغمبري پيشيءَ جو جز آهي. ڏسون ته حافظ شيرازي کي هن غزل جي بيت ۾ ڇا ٿو ملي. ناکشوده گل نقاب آهنگ رحلت ساز کرد، ناله کن بلبل که گلبانِگ دل افگاران خوش است. ترجمو؛ اڻ لکيل گل (مکڙي) نقاب هٽائڻ کانسواءِ هلڻ جي تياري ڪئي آهي. اي بلبل تون رءُ، ڇو ته ڦٽيل دل وارن جي دانھن به وڻندڙ ٿيندي آهي.“ اهڙي شاعريءَ جي دانھن وفا صالح وٽ به موجود آهي. ”اکين جا اُڃارا خواب اکين تي، ڪٿي رکان!؟ جيڪي، بيابان جي رڻ ۾ ڊوڙي ڊوڙي، ساڻا ۽ بي ساهه ٿي پيا آهن. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ نثر نويس عبدالحميد آس ٻٻر لکيو آهي. لکي ٿو ته: ”وفا جي نظم جي اها خوبي آهي ته اُنهن ۾ ڪٿي به ڪي مغالتا، ابهام ۽ اهڙا اسپيڊ بريڪر ناهن، جتي هڪ پڙهنڙ هرو ڀرو بيهي، پنهنجي سوچ جو پگھر اُگھي... وفا جا نظم پڙهندي مون کي ڪٿي به اهڙي عمل منجھان گذرڻو نه پيو آهي“. شاعريءَ ۾ خوش دلي به غم کي ڀروسو ڏهارڻ، ڳوڙهن جا ڪنول ٺاهڻ، تشبيهيءَ گل جي مکڙي وانگر پيش ڪرڻ شاعر جي دل جي تند جو ڪمال آهي. جيئن ڳوڙهن جا ڪنول نظم آهي! اکين جي ڪينجھر تي هيءُ ڳوڙهن جا ڪنول منهنجي، محبت جا شاهد آهن، ته...... وڇوڙي جي رُت ۾، تون مون کان، هڪ پل ڀي وسري ناهين، مان، پاڻ کي ته وساري سگهان ٿو، پر توکي نه.....!. نه وسرڻ جي جھيڙي ڳالھ ڄڻ وفا صالح راڄپر هن ارپنا ۾ ڪئي آهي! ارپنا به اهڙي نه وسرڻ جهڙي آهي! وڇڙي ويل، پنهنجي پيارن دوستن، منٺار سولنگي، مشتاق ڀرڳڙي ۽ سائين بخش رند جي نال.. منور سراج لکي ٿو ته: ”وفا صالح راڄپر جا نظم پڙهندي محسوس ائين ٿو ٿئي ڄڻ نظمن مان وفا جا معصوم نيڻ پنهنجي پڙهندڙ ڏي ڏسي رهيا هجن ۽ سندس لھجي ۾ چئي رهيا هجن ”اسين وفا صالح راڄپر جي دل جو آواز آهيون! روح جي ڪائنات جا رنگ ئي نرالهٰ آهن ڪٿي آوارگيءَ جو پنڌ، ڪٿي روح صبح کان نجات جو رستو ٿو ڳولهي پر وڇوڙي جا پنڌُ وفا صالح وٽ ڪجهه هن ريت آهن! توکان پوءِ! خواب قيدي، دل قيد خانو، احساس ساڻا، لفظ بي معنيٰ ۽ مان، ڪينسر جي، مريضن جيان ٿي پيو آهيان تنهن ڪري ”فراق هاليپوٽو لکي ٿو ته: وفا ڪنهن رٿا بندي ۽ ڪاريگريءَ کان سواءِ اهڙا ته خوبصورت نظم سرجيا آهن جيڪي فطرت جي رازن کي عيان ڪرڻ سان گڏ انساني جبلت جا راز به اسان اڳيان نروار ڪن ٿا.“ دنيا جو تماشو نيڻن جي در کلڻ سان ئي حقيقت جو رنگ پسائين ٿا. ان نيڻن جي در ۾ محبوب جو عڪس نمايان حيثيت رکي ٿو. وفا صالح جا نيڻ دل جي ڳالھ لفظن سان ڪري خط جو خط نياپيءَ جو نياپو پر محبوب سان اظهار جو بهترين طريقو آهي. نظم (نيڻن جا در). جڏهن کان، اکين جي درين تي، تنهنجي پيار جو پاڇو ڪريو آهي، تڏهن کان، مون، تنهنجي پيار جي آجيان لاءِ، پنهنجي، نيڻن جا در کولي ڇڏيا آهن. اهڙو اسرار سنڌ جي نالي واري ليکڪ خليق ٻگهيي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي هن ريت ڪيو آهي ته؛ ”وفا جا نثري نظم موضوعي سطحن تي وجداني ڪيفيت کي ڇھندڙ آهن. هو احساسن کي ريج ڏيندڙ شاعر آهي“. آخر ۾ وفا صالح راڄپر کي سندس نظم سان ئي ڀيٽا ته؛ رنگ تنهنجي، چپن تي لڳل سرخيءَ جو رنگ منهنجي، نظمن جي ڪلائيميڪس جھڙو آهي.