لمومِنِ ثَلَاثُ سَاعَاتِ فَسَاعَةُ يُنَاجِيۡ فِيهۡا رَبَّہَ وَسَاعَة يَرُمُّ مَعَاشَہ وساعَةُ يُخَلّي بَيۡن نفسہ وبين لَذَّتِهَا فِيۡمَا يَحِلُّ وَيَجۡمَلُ وَلَيۡسِ لِلۡعاقِلِ اَنۡ يَکُونَ شاخصًا اِلّا فِيۡ ثَلاث مَرَمَّة لِمعاش اَوۡ خُطۡوَةِ في مَعَادِ او لَذّةِ فِيۡ غير مُحَرَّمِ (نهج البلاغه حڪمت 390( مولا اميرالمومنين علي عليه السلام جن فرمائين ٿا ته مومن جي (روز مره جي زندگي جو وقت) ٽن حصن ۾تقسيم ٿيل آهي ڪجھ حصو هو پنهنجي رب (جي بارگاه ۾) مناجات (۽ رازو نياز ۾مشغول) رهي ٿو. ڪجھ وقت (پنهنجي ۽ پنهنجي زير سرپرستي) افراد جي (پيٽ گذر لاءِ) ڪم ڪار ۾(مصروف) رهي ٿو ۽ ڪجھ وقت تنهائي اختيار ڪري ٿو پنهنجي نفس جي حلال ۽ جائز لذتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي خوبصورتي جو ڪارڻ ٿين ٿيون. عقلمند ماڻهو کي نه ٿو جڳائي ته هن جي زندگي جي چُرپُر ٽن ڪمن کان علاوه هجي يا روزگار ڪمائڻ ۾وقت گذاري يا آخرت ڏانهن قدم وڌائڻ ۾وقت صرف ڪري يا حلال (غير حرام) لذتن ۾ مشغول رهي. مولا امير عليه السلام پنهنجي حڪيمانه ڪلام ۾زندگي گذارڻ جو هڪ بهترين نسخو ٻڌايو آهي ۽ هن فرمان ۾زندگي جي بنيادي ضرورتن ڏانهن اشارو فرمايو آهي زندگي جي ضروريات کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي ان ڪم جي لاءِ جنهن مان آمدني حاصل ٿئي ايترو معقول وقت ڪڍڻ گھرجي جنهن سان زندگي جو گاڏو ڌڪجي سگھي پر ڪي ماڻهو ايترا حريص ٿين ٿا جو صبح باک ڦٽي کان وٺي رات جي ڪافي وقت گذري وڃڻ تائين دنيا جي ڪاروبار کي اڪلائڻ ۾پورا هوندا آهن. اهو طريقو تمام غير معقول آهي ڇو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو پندرنهن سورنهن ڪلاڪ صرف ڪمائڻ ۾مصروف هوندو ته ان کي خرچ ڪرڻ جو ته وٽس وقت ئي نه پچندو ۽نتيجو اهو نڪرندو جو ثروت جمع ٿيندي ويندي پر کيس ڪجھ به نصيب نه ٿيندو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ پونئران ميڙيل مال ۽ ملڪيت کي بي دردي سان خرچ ڪري ڇڏيندا. اهوئي سبب آهي جو گھٽ ڄاڻ جي ڪري هڪڙا ماڻهو سڄي عمر ڪمائڻ ۾پورا ۽ ڪي اهڙا هوندا آهن جن کي رڳو کپائڻ ايندو آهي جيڪي به وڏن جي ملڪيت هوندي اٿن ان کي خرچ ڪرڻ ئي سندن وڏي مصروفيت هوندي آهي. ان کان علاوه انسان کي سوچڻ گھرجي ته جيڪو ڪمائي ٿو ان کي پنهنجي نفس جي جائزضرورتن ۽ لذتن تي خرچ ڪري ته جيئن کيس محسوس ٿئي ته جيڪو مون ڪمايو ۽ محنت ڪئي اٿم اها فضول ۽ بيڪار ثابت نه ٿي آهي. پر اها فائدي مند ثابت ٿي آهي. جائز لذتن ۾پنهنجي دوستن سان ملڻ انهن سان ڪچهري ڪرڻ وغيره شامل آهن ۽ جيڪو ماڻهو گھڻو وقت ڪم ڪار تي صرف ڪندو ته دوستن کي ٽائيم ڪٿان ڏيندو ان کان علاوه پنهنجي گھرواري کي وقت ڏيڻ ان سان ويهڻ ان جي ڳالهين کي ٻڌڻ ان کي ڪجھ ٻڌائڻ ۽ ساڻس خلوت ڪرڻ به انسان جي جائز لذتن مان آهي ۽ مولا جن فرمائين ٿا پنهنجي روزمره جي وقت جو هڪ بهترين حصو پنهنجي رب سان راز ونياز ۾صرف ڪرڻ گھرجي اهي نعمتون جيڪي هن مالڪ طرفان مليون آهن انسان انهن جو شڪريو ادا ڪري رب پاڪ جي ثناء ۽ حمد ڪري سندس ڪائنات تي غور ۽ ويچار ڪري هن زندگي جي پڄاڻي تي ۽ ان کان پوءِ جي ايندڙ حالات تي سوچي ته جيئن هن جي ٻين ڪمن جي اصلاح ٿي سگھي ۽ سندس ڪم نيڪي ۽ ڀلائي جي طرف رخ اختيار ڪن ۽ پنهنجي ڪمن ۾پيش ايندڙ مشڪلات ۽ رڪاوٽن جي دور ٿيڻ لاءِ ڌڻئَ درٻا ڏائي ۽ ان کان ئي پنهنجي تڪليف جي دوري جي درخواست ڪري ان کان پنهنجي رزق ۽ روزي جي ڪشادگي جي دعا گھري. مولا امير عليه السلام جي حڪم مطابق پنهنجي وقت جي ورهاست ڪرڻ سان انسان جي زندگي سڪون سان گذري سگھي ٿي ۽ انسان افراط ۽ تفريط کان بچي سگھي ٿو