مَتو آهِين مَڇَ! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين؛ جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تَنهِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَنڙا. اي مڇ مچي ٿلهو ٿيو آهين ۽ وتين ٿو مستيءَ ۾ ٿونا هڻندو. جنهن تار پاڻيءَ جي اڇ کي ڏسي تون ڀلئين، تنهن جا ڏينهن اڄ پورا ٿي ويا. انسان جي زندگي ڏانھن اشارو