ريٽنگ ڪيئن ڏجي؟

Discussion in 'مختلف موضوع' started by عبيد ٿھيم, Feb 17, 2023.

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم Staff Member سپر ايڊيٽر

    Joined:
    Feb 17, 2013
    Messages:
    2,729
    Likes Received:
    6,956
    Trophy Points:
    493
    Occupation:
    سافٽويئر انجنيئر
    Location:
    دبئي
    کوڙ ماڻهن کي شايد اھا خبر ھوندي تہ ڪنھن بہ شئي جي ريٽنگ ڏسڻ کان پوءِ اُن جي استعمال ڪندڙن جو انگ ۽ شئي جو چڱو يا خراب ھُجڻ معلوم ڪري سگهجي ٿو. گوگل پلي اسٽور تان توھان کوڙ ايپس انسٽال ڪيون ھونديون جن ۾ توھان کان ريٽنگ گهُرندا آھن تہ جيئن اُن ۾ ڪا اُوڻائي ھُجي تہ حل ڪري وٺجي.
    پلي اسٽور تي اسان جيڪي ايپس رکون ٿا انھن تي اسان جا سنڌي ڀائر/ڀيڻون، ھِڪُ (1) تارو ڏئي تعريف ڪندا آھن، ڇو تہ اسان وٽ اڃا بہ اھو ٿو سمجهيو وڃي تہ ھِڪُ تارو مطلب تمام بھترين يا نمبر وَن... پر ائين ناھي! فائيوَ اسٽار ھوٽل کي اِنڪري ئي فائيوَ اسٽار چوندا آھن جو اُن ۾ سڀ سھولتون ۽ خوبيون موجود ھونديون آھن... وَن اسٽار (1 تاري وارو) ھوٽل تہ شھر جو ڪو سادڙو ھوٽل ھوندو جتي بس ھلڪي ڦلڪي ماني ملندي ھُجي.
    اھڙي ئي نموني سان، گوگل پلي اسٽور تي پيل ايپليڪيشنز کي بہ ”اسٽارس“ جي حساب سان ماپيو ويندو آھي، جيڪي ايپليڪيشنون 5 اسٽار واريون ھونديون آھن اُھي ’ٽاپ‘ تي اينديون آھن ۽ ٻيون پوئتي ڌڪجي وينديون آھن.. توھان جڏھن بہ ڪنھن ايپليڪيشن کي ريٽنگ ڏيو تہ گهٽ ۾ گهٽ 2 تارا ڏيندا ڪريو، جيڪڏھن توھان کي ايپيليڪشن صفا بيڪار لڳي تہ پوءِ 1 تارو ڏئي اُن جو سبب لکي ڇڏيندا ڪريو..
    Untitled-1.jpg
     

Share This Page