سبق آموز ڪهاڻيون

'ڪهاڻيون' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    الله سائين وڏو ٻاجھارو آ

    حضرت ابراهيم c مهمان نواز ۽ مهمانن کي ڏاڍو چاهيندو هو. هڪ ڏهاڙي هڪ مجوسي شخص جو حضرت ابراهيمcجي گھر جي پاسي کان گذر ٿيو. حضرت ابراهيمc ان مجوسيءَ کي چيو ته جيڪڏهن تون دين حنيف کي قبول ڪرين ته آءُ تنهنجي مهماني ڪندس . مجوسي اتان هليو ويو حضرت ابراهيم c تي وحي نازل ٿي ته اي ابراهيمc تو مجوسيءَ کي چيو ته جيڪڏهن دينِ حنيف قبول ڪرين ته آءُ توکي مانيءَ جي دعوت ڏيان ٿو نه ته توکي حق ناهي جو تون منهنجو مهمان ٿئين ۽ منهنجي دسترخوان تان طعام کائين. جڏهن ته اهوڪافر ستر سالن جو آهي پر الله سائين هن کي ڏينهن رات جو رزق پيو مهيا ڪري، تون جي هن جي هڪ رات جي دعوت ڪرين ها ، هن کي هڪ ويلو ماني کارائين ها ته ڇا ٿي پوي ها. حضرت ابراهيم پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ مجوسيءَ جي ڳولها ۾ نڪتو،پڇا ڳاڇا کان بعد ان سان مليو ۽ ان کي پنهنجي مهمانيءَ جي دعوت ڏنائين مجوسيءَ انهيءَ دعوت جو سبب پڇيس، حضرت ابراهيم cان کي پورو قصو ٻڌايو مجوسيءَ چيو ڇا خداﷻ واقعًا مون تي ايترو مهربان آهي؟ جيڪڏهن واقعًا ائين آهي ته پوءِ مون کي پنهنجي دين جي هدايت ڪر، ته جيئن آءُ انهيءَ کي قبول ڪريان اهڙي طريقي سان ان مجوسيءَ دينِ ابراهيم کي قبول ڪري ورتو[1].

    ها دوستو! هي جيڪو ڪجھ به زمين ۽ آسمان ۾ آهي سڀ انسان ذات جي خدمت لاءِ خلق ڪيو ويو آهي، هي سج چنڊ، ڏينهن رات، آب و هوا سڀ پنهنجي ڪمن ۾ لڳل آهن ته جيئن انسان ذات آرام سان زندگي ڪري سگھي آرام سان ان لاءِ اناج ميوا،۽ کاڌي سميت تمام ضرورت جون شيون هن لاءِ مهيا ٿي سگھن ته پوءِ انسان سوچي ته ڇا انهيءَ جي بدلي ۾ کيس الله جي شڪر گذاري لاءِ فقط ٻن سجدن لاءِ وقت ناهي.



    شريعت سان چالاڪي يا شرعي حيلو وسيلو

    هڪ ٻهراڙيءَ جي عرب جو اُٺ گم ٿي ويو ڏاڍو ڳولهيائين پر نظر نه آيس آخر ڪَڪِ ٿي قسم کنيائين ته جيڪڏهن لڀي ويو ته انهيءَ کي هڪ درهم ۾ وڪڻندس، بهر حال ڪجھ ڏينهن کان بعد اُٺ ملي ويس ۽ ڪجھ هوش ۾ به آيو ۽ چيائين يار هي اُٺ ڪيئن آءُ هڪ درهم ۾ وڪڻان پر ٻئي پاسي کان شرعي قسم به پورو ڪرڻو هيس پوءِ هڪ چالاڪي ڪيائين اُها اِها ته اٺ جي ڪنڌ ۾ هڪ ٻلي ٻڌي ۽ هوڪو ڏيڻ لڳو ته هن اٺ کي هڪ درهم ۾ وڪڻان ٿو پر انهيءَ سان گڏ هڪ ٻلي کي سو درهم ۾ ڪوئي آهي وٺڻ وارو؟ ڏاڍا هوڪا ڏنائين پر ڪنهن به نه ورتس هڪ عرب اتان لنگھيو ۽ ان اٺ کي مخاطب ٿي چيو: اي اُٺ آهين ته ڏاڍو سستو پر اها تنهنجي ڪنڌ واري ٻلي ڏاڍي مهانگي آهي [2] .





    چريو ۽ بي عقل ڪير؟

    رسول خدا1 جن پنهنجي صحابين سان گڏ هڪ جاءِ تي بيٺا هئا ته اتان هڪ شخص گذريو صحابي انهيءَ شخص کي سُڃاڻندا هئا ته هو چريو آهي انهن منجھان هڪ چيوته هو چريو آهي رسول پاڪ1 فرمايو: اهو ته هڪ مريض آهي جنهن کي ديوانگي ۽ چريائپ جي مرض جو اثر آهي، پر حقيقت ۾ اهي انسان چريا ۽ ديوانا آهن جيڪي ( عقل هوندي به) الله سائينءَ جي اطاعت ۽ پيروي ڇڏي ، ڪنهن غيرُ الله جي اطاعت ۽ پيروي ڪن[3] .

    ها دوستو! رسول پاڪ ﷺ سچ فرمايو آهي اسان سڀني جو خالق ۽ مالڪ فقط الله سائين آهي اسان سڀ انهيءَ جا بندا ۽ ٻانها آهيون پوءِ اهو بندو جيڪو پنهنجي حقيقي خالق ۽ مالڪ جي پيروي ڇڏي پاڻ جھڙي بندي جي پيروي ڪري ته ڇا انهيءَ کي اسان عاقل چئي سگھون ٿا يقينًا انهيءَ کي عاقل چئي نٿا سگھون _ اهو ئي حقيقت ۾ چريو آهي.



    ذليل ڪير؟

    هڪ شخص حضرت امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين اي الله رسول جا ٻچڙا! منهنجو هڪ شخص سان ڪنهن معاملي تي جھڳڙو ٿي پيو آهي آءُ سوچيان پيو ته انهيءَ جھڳڙي تان هٿ کڻان پر ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن انهيءَ کي ڇڏي ڏني ته تنهنجي لاءِ ذلت ۽ خواري آهي. امام عليه السلام فرمايو: ذليل اهو آهي جيڪو ظلم ۽ ستم ڪري ٿو جيڪڏهن تنهنجي خاموشي ۽ جھڳڙي تان هٿ کڻڻ حق ۽ عدالت مطابق آهي ته انهيءَ تان هٿ کڻ ۽ ماڻهن جي پرواهه نه ڪر. [4]



    صبر

    حضرت علي عليه السلام جن هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان تان گذريا، انهيءَ ڪاسائيءَ وٽ بهترين گوشت موجود هئو ۽ مولا کي عرض ڪيائين مولا اڄ گوشت خريد ڪيو ،

    ( ڇو جو گوشت ڀلو پيو هئس) مولا جواب ڏنو ته في الحال مون وٽ پئسا ناهن، ڪاسائي چيو اوڌر ٿو ڪريان ۽ پئسن لاءِ صبر ٿو ڪريان مولا جواب ڏنو توکي صبر جي تڪليف ڏيڻ بجاءِ آءُ گوشت نه کائڻ تي صبر ٿو ڪريان[5] .

    دوستو! ڪجھ اهڙا به ماڻهو هوندا آهن جيڪي چوندا آهن في الحال ته اوڌر تي مال وٺون پوءِ الله مالڪ آهي ڇا انهن ماڻهن جي اها سوچ سٺي آهي يا رسول ڪريمﷺ جي وصي علي ابن ابي طالب عليهما السلام جي، دوستواوڌر جا ڪيترائي نقصان آهن جن منجھان انسان جي آبرو جو ختم ٿيڻ، دوستيءَ ۾ ويڇا پوڻ، هر وقت انهن جي آڏو شرمسار ٿيڻ وغيره. پوءِ ڇا اهو بهتر ناهي ته اسان ڪمائي کائون يا مولا علي عليه السلام وانگر اڻ هوند تي صبر ڪريون جيستائين وڃين ڪا شيءِ ملي.



    عزتِ نفس

    ڪڏهن ڪڏهن انسان ٻارن سان ٻار ٿي راند کيڏندو آهي ۽ انهن سان انهن جھڙو ٿي مقابلو ڪندو آهي ته جيئن ٻار خوش ٿين ابو رافع جيڪو عمر ۾ وڏو ۽ امام حسن عليه السلام عمر ۾ ننڍو هئو هڪ ڏينهن راند کيڏي رهيا هئا ۽ هڪٻئي جي ڪلهن تي سوار ٿي رهيا هئا جڏهن حضرت امام حسن عليه السلام جو وارواچي پيو ته مولا فرمايو: مون کي تعجب آهي جو تون انهيءَ جي ڪلهن تي سوار ٿيڻ چاهين ٿو جنهن کي رسول خداﷺ خود پنهنجي ڪلهن تي سوار ڪيو وري جڏهن امام حسن عليه السلام جي سوار ٿيڻ جو وارو اچي پيو ته هن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ۽ سوار ٿيڻ کان منع پيو ڪري ، مولا فرمايو: ڇا تون اهو نٿو چاهين جو توتي اهو سوار ٿئي جنهن کي خود رسول خداﷺ سوار ڪيو وري ابو رافع مجبور ٿي امام(ع) کي ڪلهن تي سوار ڪيو. عزتِ نفس ۽ انهيءَ ٻار جي شخصيت ان جي ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ان ٻار جي رسول خداﷺ پنهنجي جھوليءَ ۾ پالنا ڪئي ۽ سندن شخصيت کي زنده ڪيائون.۽ اهو ٻار هاڻي پنهنجي شخصيت جي بزرگيءَ تي پاڻ يقين رکي ٿو. ۽ ڪڏهن به ذلت ۽ خواريءَ واري انداز ۾ گفتگو نٿو ڪري سگھي[6].

    ها دوستو! جڏهن ٻار سان وڏا خاص ڪري والدين انهيءَ سان هڪجھڙا ٿي کيڏن ٿا ۽ ان جي ڳالهين کي تسليم ڪن ٿا ۽ هن جي کٽڻ کي قبول ڪن ٿا ته اهو سبب بڻجي ٿو جو ٻار پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪري ۽ پنهنجي شخصيت کي ٻين کان گھٽ نه سمجھي ۽ ڪٿي به اکيون ٻوٽي ڪنهن جي ناحقي کٽڻ کي قبول نه ڪري ۽ نه وري ڪنهن جي فقط وڏي هجڻ جي ڪري هن جي هر ڳالهه تسليم ڪري بلڪه دليل سان قبول ڪرڻ جي عادت ڪندو لهذا ڪڏهن به ٻار کي ٻار سمجھي پنهنجو پاڻ کان دور نه ڪرڻ کپي. انهيءَ ڪرڻ سان ٻار جي شخصيت تي وڏو اثر پوي ٿو ۽ ٻار پنهنجي شخصيت کي وڃائي ويهي ٿو.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سبق آموز ڪهاڻيون

    مهرباني ادا تمام سٺو ميسيج توهان ڏنو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو