اوائلي سنڌي فلمن جي ناليواري گلوڪاره نذير بيگم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2023۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "دل دل سان ملي هڪ ٿيندي"
    نذير بيگم.
    اوائلي سنڌي فلمن جي مشهور گلوڪاره
    عبدﷲ جروار
    سنڌي اردو پنجابي فلمن جي مشهور گلوڪاره نذير بيگم جو جنم 15 مئي 1939 ع تي فيصل آباد ۾ ٿيو. بعد ۾ پنهنجي والدين سان گڏ پشاور هلي وئي کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. نذير بيگم راڳ جي باقاعده تربيت استاد پياري خان صاحب جيڪو مشهور پٽياله گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو ان کان ورتي. ڪجھ عرصي بعد استاد پياري خان جي وفات ٿي وئي. بعد ۾ استاد پياري خان جي فرزند استاد اميد علي خان کان پڻ سکيا ورتي ان شوق جي تڪميل خاطر ريڊيو پاڪستان پشاور جوائن ڪيائين. جتي سندس گيتن جي رڪارڊنگ ٿي. ڪجھ عرصي بعد ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿيڻ ٿي ڪراچي هلي آئي. ڪراچي ۾ رهڻ دوران پنهنجي هڪ عزيز مشهور ڪرڪيٽر مسعود احمد جي معرفت ان وقت جي ريڊيو ڪراچي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر حميد نسيم صاحب جي معرفت ريڊيو پاڪستان ڪراچي جوائن ڪيائين.. . . ان دوران نذير بيگم صاحبه جون ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي گيت، غزل وغيره جون کوڙ ساريون رڪارڊنگز ٿيون. نذير بيگم چواڻي رڪارڊنگ جي پئنل تي ان وقت مشهور براڊ ڪاسٽر زيڊ اي بخاري صاحب به ويهندو هو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪم دوران مشهور موسيقار جوڙي غلام نبي عبداللطيف صاحب جن جي موسيقي ۾ فلم "هماري زبان" لاء گيت رڪارڊ ڪرايا پر فلم فلاپ ٿي وئي. ان عرصي ۾ سنڌي فلمن ٺهڻ جو آغاز ٿي چڪو هو. شيخ حسن صاحب ۽ حسين شاه فاضلاڻي فلم عمر مارئي تي ڪم ڪري رهيا هئا. جنهن لاء کين فيميل پلي ٻيڪ سنگر جي ضرورت هئي. جيئن موسيقار غلام نبي عبداللطيف صاحب نذير بيگم جي گيتن لاء موسيقي ڏئي چڪا آهن. انهن جي معرفت ئي فلم عمر مارئي لاء گيت ڳائڻ لاء نذير بيگم کي آندو ويو فلم عمر مارئي جو پيشڪار ۽ فلمساز حسين شاھ فاضلاڻي صاحب هو هدايتڪار شيخ حسن هئا. هن فلم لاء موسيقي غلام نبي عبداللطيف ۽ غلام علي صاحب ڏني هئي. شاعري شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ رشيد احمد لاشاري جي هئي. گلوڪار ۾ ماسٽر محمد ابراهيم، نذير بيگم ۽ بانو شامل هئا. هن گلم نذير بيگم جي آواز پنج گيت رڪارڊ ڪيا ويا.
    1.هو هو ماروئڙا نذير بيگم
    2. دل منهنجي ڌڙڪي نذير بيگم
    3. اي سج غروب ٿي وڃ. نذير بيگم ۽ ماسٽر محمد ابراهيم
    4. دنبالو واھ واھ جمالو نذير بيگم ۽ ساٿي
    5. منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي. نذير بيگم
    هي فلم رليز ٿيڻ تي بيحد مقبول ٿي. عام ماڻهن نه رڳو ڪهاڻي کي پسند ڪيو پر گيت پڻ بيحد مقبول ٿيا. بعد جنهن سنڌي فلم لاء نذير بيگم گيت ڳايا اها فلم هئي" پرديسي ". پرديسي فلم جو پيشڪار به حسين شاھ فاضلاڻي صاحب هو. ھن فلم جي ڪهاڻي ايوب سرحدي لکي هئي. هن فلم سچل سرمست سان گڏ رشيد احمد لاشاري صاحب جا لکيل گيت شامل ڪيا ويا هئا. هي فلم 21 اپيل 1958 ع تي رليز ٿي هئي. هن فلم ۾ جن گلوڪارن کي شامل ڪيو ويو تن م نذير بيگم، ماسٽر محمد ابراهيم ، لالي. ۽ غلام نبي شامل هئا.. گلوڪاره نذير بيگم صاحبه جيڪي گيت ڳايا اهي هي آهن.
    1. محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا. نذير بيگم ۽ ماسٽر محمد ابراهيم
    2. ڪهڙي ديس جو تون دلدار. نذير بيگم، غلام نبي ۽ ساٿي
    3. ڇوڙ ڳيا او دلدار نذير بيگم
    4. هلو يارو هلو يارو ( ڪورس) . نذير بيگم ۽ ماسٽر محمد ابراهيم
    5. سک جا سانگيئڙا. نذير بيگم ۽ ماسٽر محمد ابراهيم
    6. دل دل سان ملي هڪ ٿيندي. نذير بيگم ۽ ماسٽر محمد ابراهيم
    7. حسن بهار لي لو نذير بيگم ۽ ماسٽر محمد ابراهيم
    8. دل ٿي سدا دانهون ڪري نذير بيگم
    9. او پرديسي جيئڙا. نذير بيگم ۽ ساٿي
    نذير بيگم صاحبه ٽين سنڌي فلم پرائي زمين لاء گيت ڳايا. فلم پرائي زمين جو هدايتڪار شيخ حسن صاحب هو. ڪهاڻي مڪالما گل محمد هوت صاحب لکيا هئا شاعري، شاھ سائين، ڳلي محمد مجروح ۽ حمل فقير لغاري هئا . هي فلم 14 آگسٽ 1958 ع تي رليز ٿي. هن فلم ۾ نذير بيگم صاحبه جا گيت شامل هئا.
    1. آيو دلدار آيو نذير بيگم
    2. اکيون آڙيون توسان لڙيون.. نذير بيگم
    3. دنيا توکان دور ڪري ٿي نذير بيگم ۽ مڌو الماس
    4. روز نهارين راه اکڙيون. نذير بيگم
    نذير بيگم صاجي مادري ٻولي سنڌي نه هئي پر هن جنهن محنت لگن سان سنڌي گيت ڳايا. ان جو ڪو مثال نٿو ملي ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي لائبرري ۾ ٿي سگهي ٿو سندس ڪافي رڪارڊنگ موجود هجي.
    1958 ع کان پوء نذير بيگم صاحبه لاهور هلي وئي. جتي هن ڪيترن فلم لاء گيت ڳايا. پر سندس هڪ گيت جيڪو هن تيس مار خان فلم لاء ڳايو اهو بيحد مقبول ٿيو. جنهن جا ٻول هئا" نمبون آندا جوڙا اسان باغين وچون توڙيا". نذير بيگم صاحبه ڪيترن اردو پنجابي فلمن لاء سوين گيت رڪارڊ ڪرايا. سنڌي ۾ ڳايل گيت لازوال آهن جن کي وقت جو وهڪرو ميساري نه سگهيو. اڄ به سندس ڳايل شوق سان ٻڌا ويندا 1970ع تائين سنڌي اردو توڙي پنجابي فلمن جا گيت ڳائيندڙ هي فنڪاره فلمي دنيا توڙي ريڊيو جي دنيا گمنامي جي غفائن ۾ هلي وئي. موسيقي جي دنيا ۾ کيس وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو