قصو امرتا جي فقيرن جو، عبدالله جروار ٽنڊوالهيار اهو شهر آهي جنهن ۾ اڻ ڳڻين نامور علمي ادبي شخصيتن جنم ورتو، ڪنهن زماني ۾ گهڻيون لائبريريون به هن شهر ۾ هيون. هن دور ۾ هي شهر عجيب غريب نفسياتي ڇڪ ڇڪان ۾ ورتل ٿو لڳي. جتي پئسن جي فراواني، وڏين عمارتن، روڊ رستن پيھ پيهان ۽ شام جو چشڪيدار فاسٽ فوڊ جو دور پيو هلي، اتي علم ۽ ادب جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت ئي وڃي بچي، جيڪا ان ڏيئي مثل آهي، جنهن کي لهندڙ سج چيو هو ته" جڏهن آئون لهي ويندس ته دنيا ۾ اونداه ڇانئجي ويندي، ان ويل ڪنهن ڪنڊ ۾ ٻرندڙ ڏيئي چيو هو تون لهي ويندين ته آئون پنهنجي وس آهر روشني پکيڙيندس" . اهڙي طرح ٽنڊي الهيار ۾ ادبي سنگت اها شمع بڻجي پئي آهي. جڏهن سڄو شهر ٻي ڪنهن فڪر ۾ ته هي سنگت علمي ۽ ادبي ڳالهيون اوريندي نٿي ڍاپي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جي خواهشن کي ساڀيان ملي پوندي آهي . شايد خواهش ڪرڻ واري ساعت ڪا دعا جي قبوليت واري هوندي آهي. ڪجه وقت اڳ ٽنڊوالهيار مان هڪ رسالي جو اجراء ٿيو هو نالو هوس" پچار" جيڪو مون کي. منهنجي عزيز شاعر امير سلطان هٿان باقاعدگي سان ملڻ شروع ٿيو، سٺو رسالو هو ڪجهه پرچا نڪتا. ڪجهه وقت وري ماٺ طاري ٿي وئي. وري نڪتو رسالو " امرتا" جهڙو نالو مٺو تهڙو ئي خوبصورت رسالو، رسالو به اهڙو جو وڃي ٿيا ست خير! ساروڻيون، ڳالهيون، ڪهاڻيون، انٽرويو، سيلف پورٽر يٽ، شاعري جو شاندار ڀاڱو، هڪٻئي پٺيان نڪرندا ويا اهڙي طرح وقت به پنهنجي رفتار سان روان دوان رهيو. اندازي تي ليکو چوکو ٿيو ته هائو " امرتا جا 100 کن شمارا نڪري چڪا هئا. سڄي ڪم جي پويان ڪير ڪهڙو ننڍو وڏو ننڍو ادارو؟ ٻن فقيرن جڏهن همت ڪئي ته فرهاد وانگر جبلن کي به ٽوڙي ويا. جيڪي ڪم ادارا نه ڪري سگهن اهو ڪم ٻن فقيرن ڪيو. هڪ فقير هو فقير محمد ڍول، ٻيو فقير محمد انڙ صاحب ، جهڙو نالو ملندڙ اهڙو ئي مزاج ملندڙ، ڪمال جي ڳالھ، شايد ستارن جي چال جو ڪمال آهي يا نالن جو ڪمال، هي ٻئي همراه ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي ڪٿي ٿا گهٽ ڪن، ميٽنگون هر هفتي هر دوست کي سڏ، ڪڏهن مشاعرہ، ڪڏهن دوستن سان شامون، سوچڻ لڳس هنن ٻن دوستن سان به رهاڻ رکجي ڪا شام ملهائجي، نيٺ ٻه سال اڳ اهڙي گذارش فيس بوڪ تي به رکيم پر ڪٿان مثبت موٽ نه ملي ٺيڪ ان ڪيل خواهش ٻن سالن پڄاڻان ان اگهاميل دعا اثر ڏيکاريو. هنن ٻنهي دوستن سان ملهائڻ جي پروگرام جو اعلان ٿيو ته خوشي محسوس ڪيم. آخرڪار 21 جنوري 2018 ع آئي 2:00 وڳي منجهند وتايو فقير لائبريري جو هال ، ۾ ڪٿان ڪٿان جي سنگت ڪهي آئي. سائين محمود مغل، سائين مٺل، ناچاڪي جي حالت ۾ مٺڙو سائين مرتضي ا شاه ڏاڏاهي صاحب ، هن ڪچهري ۾ جڏهن ٻنهي فقيرن ڳالهايو. خوب دل کولي ڳالهايو عجيب قصو، عجيب ڪٿا! هنن دوستن امرتا جي لاء ائين جاکوڙ ڪئي جهڙي ڪو عاشق پنهنجي محبوبہ ماڻڻ لاء ڪندو هجي. سندن مالي حالت فقيرن واري، دل وري اميرن واري، جس هجي هنن پيارن کي جن ادبي تاريخ رقم ڪئي آهي، ٽنڊو الهيار جي زمين جيتري زرخير آهي. جنهن ۾ هر فصل بهترين پئدائش ڏيندڙ هوندو آهي. اتي انبن ۽ ڪيلن جا باغات به لاجواب آهن. نه رڳو انهن مان زميندارن آبادگارن کي مالي فائدو پهچي ٿو. اها ميوات کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ دوستن عزيزن کي سوکڙي طور موڪليون ويندو آهي. ٽنڊي الهيار جي سرزمين علم و ادب،. شاعري توڙي گلوڪاري جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن سرزمين تي شاعري جي ميدان تي پاڻ ملهائيندڙ هستيون شاھ عنايت رضوي، سائين مصري شاه، پير اشرف شاھ ڪامارو شريف. هاڻوڪي دور ۾ سائين مرتضي ا ڏاڏاهي سميت ڪافي شاعر آهن. انهن ئي علم ۽ ادب سان تعلق رکندڙ سرجڻهارن ۾ فقير محمد ڍول ۽ فقير محمد انڙ جو نالو نمايان آهي. ڪجھ عرصي جي خاموشي بعد ماهوار امرتا هڪ دفعو ٻيهر پابندي سان شايع ٿيڻ لڳو آهي. جنهن جو سمورو ڪريڊٽ فقير محمد ڍول ڏانهن وڃي ٿو. ٻنهي فقيرن جون علمي ادبي سرگرميون جاري ۽ ساري آهن. جيئن فقير محمد انڙ صاحب هاڻ پنهنجو آٽو ايڪسچينج جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي. پر ان سان گڏ ادبي سنگت جو مرڪز پڻ سندس دڪان آهي. اتي ئي گڏجاڻيون پڻ ٿينديون آهن. جڏهن ته فقير محمد ڍول ماهوار امرتا جاري ڪرڻ سان گڏ امرتا پبليڪيشن تحت ڪافي ڪتاب ڇپايا آهن. اهو سلسلو جاري آهي. سندس ئي ڪوشش سان امرتا پبليڪيشن هڪ هڪ اداري جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. آفيس حيدرآباد ۾ قائم ڪئي اٿن. علم ۽ ادب سان محبت رکندڙ هنن ٻنهي شخصيتن جو سنڌي ادب جي واڌاري لاء ڪيل ڪوششون تاريخ جو حصو آهن. جڏهن به سنڌي علم ادب جي ترويج جو ذڪر ٿيندو اتي هنن ٻنهي شخصيتن جو ذڪر نمايان هوندو.