ڪافي ڏينهن ٿيا جو سائين محترم عبداللہ جروار صاحب حافظ حيات شاه مرحوم جي هن نظم جي فرمائش ڪئي هئي ۔! اڄ ديوان حافظ هٿ اچي ويو جنهن تان سندس هي ناياب نظم سائينجن جي حضور حاضر ڪجي ٿو ۔ شھزاد فتح محمد ٿيٻو بابا سائين کي جي غزل تمام پسند هو. سائين فتح محمد شھزاد ٿيٻو صاحب کان مليو. بنائي قيس کي چريو رلايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ جبل فرهاد کان زوري ٽڪايو ڪنهن؟ازل جي انگ بخارا کان تہ عزت بيگ کي پنجاب ۾ آڻي ۔ لقب مرزا تي ميهر جو رکايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ ڇڏائي تخت رانجهي کان پنائي پنج ڪڻي جهنگ جي۔ ڏئي گيڙو رتا رنگ پر رسايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ رئاڙي ڍٽ ۾ راڻي کي سڏائي ڪاڪ جي ڪنڊ ۾ ھلائي قرب جي ڪاتي ڪهايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ پنهون هو ڪيچ جو سائين سموري راڄ جو مالڪ کٽَِي ڀنڀور جوتنهن کي بنايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ ڪٿي ليلا ڪٿي شيرين ۽ ڪٿ ٿي هير ڪٿ سهڻي ڪٿي مومل ڪٿي سسئي سڏايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ ويا ڪي پيڙھجي ڪي چيرجي ۽ ڪي ڪٺا پڙ ۾ تماشو هي تريء تي جهٽ پسايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ گلن جي ديد جي خاطر لڪي گلزار ۾ بلبل ۔ بنايو خيان تنهن کي رلايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ مٺي سلطانہ بيگم کي ڏئي دعوت سهيلين جي مرڻ لئہ ڳوٺ ناناڻي گهرايو ڪنهن؟ ازل جي انگ صبح سانجهي سوين جنهن در سلامي ۽ هئاگامي انهيء گهر کي ڦٽايو ۽ وڃايو ڪنهن؟ ازل جي انگ نڌڻڪو ھونہ حافظ ڪو نہ هئي ماني کٽي گهر ۾ مگر تنهن کي آڻي سنڌ ۾ رلايو ڪنهن ؟ ازل جي انگ